شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

هو ته منهڙو ويو مٽي مون سان ملڻ جي بدران،

هو ته منهڙو ويو مٽي مون سان ملڻ جي بدران،
اک وٺي دڳ سان ويو اڱڻ اچڻ جي بدران.

مان ته هر ديس ۾ هر دوست پرايو ٿو ڏسان،
ڪنهن کي سڏيان مان سڄڻ! پنهنجي سڄڻ جي بدران.

هو ته هٿ هٿ ۾ ڏئي گڏجي رقيبن سان هليو،
جان سوليءَ تي چڱي اهڙي جيئڻ جي بدران.

جهل تون رخسار جو تِر ڪاڏي مڪي مان ته وڃان،
هِجرِ اَسود آ هِتي، هُتڙي هجڻ جي بدران.

مون کي منهنجي ته ڀلا وحشت وئي ڪاڏي وٺي،
مان ته پٿر کي چمّيم پير چُمڻ جي بدران.

مرڪندي مان ته ورهايان هي مٺايون ”پيرل“
پرچي سهڻو جي پوي روز رسڻ جي بدران.
**