شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

عُهدو دلدار ڏئي، ڏئي، ايڏو اختيار ڏئي، ڏئي،

عُهدو دلدار ڏئي، ڏئي، ايڏو اختيار ڏئي، ڏئي،
مٿي تي پاڻ چاڙهيم، پاڻ چاڙهيم، پيار ڏئي، ڏئي.

مٿان جو وقت ايندو، ڏوراپو ڪير ڏيندو،
نيٺ ڪو ڏينهن ٿيندو، نڀائي هر ڪو ويندو،
پيش پوندين، روئي ڏيندين، يڪو آزار ڏئي ڏئي.

دڳ ديد کان نه خالي، ديد دڳ کان نه خالي،
ڳل اشڪن سان آلو، اک ڳوڙهن سان آلي،
گُھٽي ماريئي، ٽَنگي ماريئي،ڪوڙو اقرار ڏئي ڏئي.

”پيرل قمبر“ هي پيارو، تنهنجي سِڪ جو سهارو،
سُور ڏئي هينئڙو سارو، وڇوڙو هِجر وارو،
ڳاري لاٿئي، ماري لاٿئي، بُرو هي بار ڏئي ڏئي.
**