شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

ڪڙمي غريب آهيان سُڪل شاخ هان وڻ جي،

ڪڙمي غريب آهيان سُڪل شاخ هان وڻ جي،
چنبڙيل آ نانگ پير ۾ سِر تي ڀري آ مڻ جي.

مون کي ته دنيا وارا هي اک ٽيٽ سان ڏسن ٿا،
بگهڙن کي ڏئي آيو هان پارت پنهنجي مان ڌڻ جي.

مون کي خبر ڇا ذردي پُلائن ۽ پِيسن جي،
مون کي خبر آ جهاري لسي ساڳ مکڻ جي.

ڳاهي ڇنڊي سَٿي مان ديرو پنهنجو رکان ٿو،
ٻولي ڪئي آ مون سان زميندار کسڻ جي.

هٿ جا اشارا هِن جيئن ثابت رهيا ئي سڀ،
ڪاٽي ڇڏيائون باقي زبان ڪُڇڻ پُڇڻ جي.

ڪنهن سان ڪيون بي حال چُرون پير ڪِٿي چار،
مفلس جي آ نه ٻولي ڪٿي اٿڻ ويهڻ جي.

”پيرل“ ڪو ڏي ته ڳولي اها مونکي ڳجهارت،
ڪاٿي جهان عدل جو ڪاٿي دنيا آ ڳُڻ جي.
**