شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

ٿيان ٿو هيج مان هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

ٿيان ٿو هيج مان هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.
نه پئي ڪا عشق ۾ گهاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

چڱي هرڙي جي ڪاهڻ لئه، سڄي ٽڪري جي ٺاهڻ لئه،
سيڙائي مون مڏي ساري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

خوشي کان ساهه ٿو سهڪي، ٻارو هر ڪو ٿو اڄ ٻهڪي،
لڳو آ ڀاڳ ڪو باري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

نظر ۾ تاب اڄ آهي، ٻنيءَ ۾ لاب اڄ آهي،
ڪُٺم لت ڏئي ڪڪڙ ڪاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

مکڻ جو کائي هي ٽيرو، سٿيان ٿو دن وڃي ديرو،
گُنديءَ کي گهر ڏيندا هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

ايندو ڀوتار اڄ جهٽ ئي، کائي ڇيلو ڪندو بٽئي،
ڳائيندو ڪاري ڪوهياري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

چوان ٿو انُ ورهائي پو، پئسا ڏاڍا ڪمائي پو،
وٺان ويگن يا ڪا لاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

اچي وئي چانهه به چرڙي، پاڪيٽن جي چڱي ڀرڙي،
ڦِري ٿي ٽَڪَ جي ڦاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

چڱو هاڻي ٺهيا آهيون، بيگر ۾ ڄڻ وهيا آهيون،
وئي ٿي ڪاڪ هي ڪاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

گَهران رڙَ ڪئي اُٿي ڏاڏي، ابي جو اَنُ ويو ڪاڏي،
ڪُلهي ٿس سکڻي ڏانداري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

ابا چئو خير ڪو آهي، تنهنجو مُنهن ايئن ڇو آهي،
ڏني ڪنهن ڪنهن ٿي ڏيکاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

ابا ڇا ٿو پڇين ڳالهيون، بچا گهر جا وٽا ٿالهيون،
اڳيان آ زور جي زاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

غريبن جو جيئڻ ڪهڙو، غريبن جو مرڻ ڪهڙو،
ڄمڻ ڀي تن جي آ خواري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

نه ڪر ”پيرل“ تون ويسورا، پٽي ويهه ڀولي جيان تارا،
وڏو رک هوش هوشياري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.
**