شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

مٺا مُنهن ڪير آ مٽائيندو، تون ٿو مٽين_ماشاءَالله،

مٺا مُنهن ڪير آ مٽائيندو، تون ٿو مٽين_ماشاءَالله،
اسان کي به علي پيو هلائيندو، تون ٿو وڃين_ماشاءَالله.

ڦٽڙا فراق جا ڇا ٿو کولين، ڳڻتي جي بُت ۾ ڇا ٿو ڳولين،
سور کي ڪير سُک سڏائيندو، تون ٿو سڏين_ماشاءَالله.

سَونَ هزارن يا ڪي لکن ۾، ڪوٽ محل يا ڪَکن ڪچن ۾،
ڪير دل ديد کان بچائيندو، تون ٿو بچين_ماشاءَالله.

لوڪ جي منهن تي مهڻا هڻين ٿو، درد جي سُئي سان درد سبين ٿو،
هُج هي ڪير چئهُ هلائيندو، تون ٿو هلين_ماشاءَالله.

”پيرل قمبر“ جڳ پيار ڪندو آ، اکين جي هوندي به عشق انڌو آ،
ڀونئر کي باغ ڇا ڀلائيندو، تون ٿو ڀُلين_ماشاءَالله.
**