شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

سنڀري هلون ته هر موڙ تي همسفر هجي،

سنڀري هلون ته هر موڙ تي همسفر هجي،
بُت ۾ هجي نه ڀَئهُ! نه جبين تي پگهر هجي.

جوانن کان جوڳين کان نه خالي جهان آ،
ڪاٿي متان جُهڪيو به ڪاريهر جو ڪَرَ هجي.

مون کا صبا اُڏامي تون ڇنڊ ڦوڪ ڪين ڪر،
منهنجي لڱن تي خاڪ، مٽي، مَر ئي مَر هجي.

محنت سان اسان محل به ڪو ٺاهي سگهون ٿا اُت،
ڀلجان جتي نه صحرا ۾ ديوار در هجي.

ٻارهن ڪلاڪ سفر جون هيئن ٿين ورهاستون،
هڪ ڀاڱي چار رات ۽ باقي سحر هجي.

شينهن کي تڏهن يار ته سامهون ڪا آءَ ڪبي،
نئون نئون هجي بدن ۽ پُراڻو جگر هجي.

هن حال ۾ اي موت مون کي مار ڪين نه ڪي،
منهنجي بدن ڳرئي تي، مران ڪا ته ڳر هجي.

معذور مسافر بُکيو مايوس ٿئي نه جيئن،
بَر ۾ هجي اوطاق ۽ گلشن ۾ گهر هجي.

بند ڪر بندوق رائفلون ”پيرل“ نه راهه روڪ،
ڪر ڪين ڪا تڪڙ هي متان تنهنجو تَرَ هجي.
**