شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

ماني پڪي ڇڏ مر وو يار!

ماني پڪي ڇڏ مر وو يار!
ڇَڏَج نه ساٿ سنگت جو.

ساڙ سڙيا هتِ سڏ به نه ڏيندئي،
دوست کوليندئي در وو يار!
ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.

پيار محبت جا محل هزارين،
ناهي غرور جو گهر وو يار!
ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.

قُرب سِوا تون ڪجهه به نه آهين،
سونا پائين کڻي پَر وو يار!
ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.

پتو ”پيرل“ پو پِرت جو پوندئي،
ٻارڻ کان اڳ ٻر وَو يار.
ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.
**