پيرن ۾ نانگ ڪٿي ۽ ڪٿي ٿا لعل رُلن،
اکين جي آڏو ٿا اهڙا سوين مثال رُلن.
صدي آ پندرهين پوءِ ته يار ڇا آهي ڀلا،
ڀلي پيا جبل دهر ۾ اڃا دجال رُلن.
ڪِنَهن جو ڏينهن ڀي هڪڙو نه ٿو هِجر ۾ رُلي،
ڪِنَهن جا هفتا، مهينا سڄا ٿا سال رُلن.
رکيو ڪنهين جي ارادن وڃي ته چنڊ تي قدم،
اسان جا ڪوٺي مٿان ٿا اڃا خيال رُلن.
ويو جو پاڻ ڇڏي سو وري ڪٿي ٿو اچي،
اسان جا خوامخواهه در در تي ٿا دلال رُلن.
ايئن هروڀرو ناهي ته پيو ٿو هرڪو رُلي،
رُلي زوال سگهن ٿا نه ٿا ڪمال رُلن.
ڪٿي نه ڪيڏي ٿو ڪوشش سان سَوَ جو نوٽ ملي،
ڪٿي ته پنهنجي ئي مُنهن ٿا مڏيون ۽ مال رُلن.
اسان جا حال هِجر ۾ اڳي ئي هيڻا ٿيا،
اسان جا پو به رڻن ۾ ٿا هيڻا حال رُلن.
ڪٿي ته ڪنهن کي ڪفن جو به ڪپڙو ڪين مليو،
ڪٿي ٿا خوامخواهه ڪپڙن جاڪيئي وال رُلن.
ڪٿي ته ڪاڻي اگهاڻي وڃي ٿي اي ”پيرل“
ڪٿي ٿا جهوپي اندر ڀي ڪيئي جمال رُلن.
**