بابا سائين پيرل قمبر
شاعري جي دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ شعر لکيائين، ڇپائڻ جي خواهش کان گهڻو پري، شعر پڙهڻ جو ڪوڏيو، پر مشاعري تي وڃڻ کان انڪاري، موسيقي جي فن جو سُٺو ڄاڻو، شاعري ڳارائڻ کان پري! مطلب ڪجهه اهڙيون عجيب ڪيفيتون جيڪي پچارڻ جهڙيون ته آهن پر حيرت ۾ وجهڻ جهڙيون به آهن. ته هو ڪهڙو ديوتا جو روپ رکندڙ شخص هو جيڪو دنياداري کان گهڻو پري رهيو.
ان جو چٽو ثبوت اهو به آهي ته پنهنجي زندگي ۾ ڪو به ڪتاب نه ڇپرايائين ۽ نه ئي ڪو پنهنجو مواد سهيڙڻ جو شوق رکيائين، نه ڪنهن راڳي جي گهر وڃي، يا کيس خط لکي شوق ڏيکاريائين ته سندس گيت رڪارڊ ٿئي. جيڪڏهن چند گيت رڪارڊ ٿيا هوندا ته انهن راڳين جي شوق استاد جا گيت ڪٿان هٿ ڪيا هوندا. اهڙي ريت استاد پيرل قمبر جي ڪا ڊائري اسان کي هٿ نه آئي، جنهن تي سندس مواد ڪنهن ترتيب سان لکيل هجي. بس ان دور جا ڪجهه بُڪ، جيڪو ڪجهه محسوس ڪندو هو سو لکندو ويندو هو. انهن شعرن کي به ڪنهن هڪ بُڪ تي نه لکيائين ڪجهه بند هڪ بُڪ ۾ ته ڪجهه ٻي بُڪ ۾، انهن مان سهيڙ ڪرڻي پئي تڏهن هي ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ جي نالي سان ترتيب ڏئي سگهياسين.
استاد پيرل قمبر جي شاعري ۾ علمِ عروض کان وٺي نظرياتي، فڪري، احساساتي، پختگي ڪيتري آهي اهو ته وقت جو نقاد ئي سمجهي سگهي ٿو مان ان حوالي سان ڪا به راءِ نه ڏيندس ڇو ته مان سندس شاعري تي ڳالهائڻ جي سگهه ئي نه ٿو رکان، بس جيڪو ڪجهه سندس هٿ اکر مواد اسان کي ان وقت جي بُڪن تان هٿ آيو آهي اهو جيئن جو تيئن هن ڪتاب ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هي استاد پيرل قمبر جي ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ متعلق ڪجهه حقيقتون هيون جيڪي بيان ڪرڻ ضروري سمجهيم. ان کان اول استاد پيرل جي شاعري جا ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ هڪڙو استاد پيرل جي زندگي ۽ شاعري تي مضمونن جو پڻ ڪتاب شايع ٿيل آهي، ان مهل جيڪي مرتب هئا انهن به پنهنجي پنهنجي حال آهر ڪوشش ڪئي هوندي ته ڪتابن جو معيار بهتر هئڻ گهرجي. تيئن ئي استاد پيرل قمبر جي شاعري جي هن ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ ۾ به سائين عبدالله شاهه اطهر (جنهن لاءِ اهو ضرور چوندس ته هو استاد پيرل قمبر جو جانشين رهيو آهي) جي بيحد محنت ۽ ڪوشش سان هڪ هڪ سٽ، کي ترتيب ڏئي ڇپائي جي قابل بڻايو آهي، ڇو ته مان پهريائين اهو واضع ڪري آيو آهيان ته استاد پيرل جي شاعري مان هڪ هڪ شعر به هڪ ئي بُڪ تان نه مليو آهي، تنهن ڪري الائي ڪيترن بُڪن کي جاچڻو پيو جو ڪم مڪمل ٿيو ۽ ڇپائي جي مرحلي تائين پهتو. اهو سڄو ڪريڊٽ سائين عبدالله شاهه ’اطهر‘ ڏانهن وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي نامياري دانشور ۽ ليکڪ سائين جامي چانڊيي جا به ٿورائتا آهيون جنهن استاد جي شاعري تي تاريخي مهاڳ لکي ڏنو. سنڌ جي بهترين شاعر محترم سائين اياز گل صاحب جا به وڏا وڙ جنهن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو، پياري ساٿي مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ ’مرتضى لغاري‘ پڻ اسان جي هن گذارش کي لبيڪ چيو ۽ پنهنجو قيمتي وقت اسان جي حوالي ڪيو ان سڄي صورتِحال ۾ اسان سان ڀاڱي ڀائيوار رهيو ۽ پرنٽنگ جو مرحلو به تمام خوبصورت انداز سان پورو ڪيائين. ان کان علاوه ڪنول پبليڪيشن جي باني پياري دوست سعيد سومري جا به ٿورائتا آهيون جنهن هر ممڪن مدد ڪئي. پياري دوست پريتم قاضي جا به ٿورا جنهن ڪئليگرافي ڪئي ۽ استاد پيرل جو ڦوٽو اسڪيچ به ٺهرائي ڏنو. ان کان علاوه پياري ساٿي نذير مستوئي ۽ ڊاڪٽر آر ڪي ڪي جا به ٿورا جيڪي هن ڪم ۾ اسان جا سهڪاري رهيا. پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت جا ڪارڪنن توڙي عهديدارن کي به وساري نه ٿو سگهجي جن هر وقت سڏ ۾ سڏ ڏنو.
[b] جنيد علي سومرو
[/b] سرپرستِ اعلى
پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ
03342013735
junaidali_pqass@yahoo.com