شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

رات اڇي کي ڀاڪر پايان، ڪاري رات نه دل ۾ ڪري،

رات اڇي کي ڀاڪر پايان، ڪاري رات نه دل ۾ ڪري،
کلندي خوشين کي سيني لايان، غم فڪرات نه دل ۾ ڪري.

هڪڙي مهل ته منهن ۾ شوخي، ٻئي دم يار ته مُرڪان پيو،
ڳالهه انهيءَ کان دوست پُڇو جي، مان ته ائين ٿو ڇرڪان پيو،
هر دم ڳالهيون وصل جون ڳايان، برهه جي بات نه دل ۾ ڪري.

واقف اڳ ۾ ڪو نه هئاسين، هجر ۾ لاهين چاڙهين کان،
پنهنجو هاڻي ته پاڻ ٿو ماريان، بيدردي جي باهين کان،
زهر پيان ٿو زم زم سمجهي، آبِ حيات نه دل ۾ ڪري.

ڪير ٿو پنهنجو پيار ڦٽائي، ڪير ٿو پنهنجي آس ڀڃي،
وِک وِک تي ٿو اکيون وڇايان، ڪنهن دم من هو اچي وڃي،
پر ٿو هڪ محلات سجايان، ٻي محلات نه دل ۾ ڪري.

نيڻن واري زير زبر مان، نيٺ بڻي ٿو نينهن پوي،
”پيرل قمبر“ مُند ملهاري، پل پل هر جا مينهن پوي،
ڇو نه روئان اڄ اکين واري، هو برسات نه دل ۾ ڪري.
**