شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

بيت

هلين ٿو جي محبت ۾ ته هُشناڪيءَ سان هل،
وِٿي نه ڏي تون وصل جي پَهَر نه وجهه ڪو پل،
اڳي اسان جي عشق ۾ ڇاتي آ ڇَل وَل،
اهڙو ڪجان انگل، جيئن ”پيرل قمبر“ پورو ڪري.
*
ڏُٻرا ڏسي دڳ ۾ ڇو گام هڻي ٿو هي،
پيتي ته نه ٿي پنڌ ۾ ڪا ڀنگ ڪٿي ڪوهي،
پُڄان نه تو کي پوءِ به توڙي گُهور ڪري گوهي،
سنگت هي ڊوهي، رک نه ”پيرل“ سان پرين.
*
پيار جو ”پيرل قمبر“ آهي آند نه پاند،
هر ڪو اڄ هوشيار آ توڙي ڏسڻ ۾ آهي ڏاند،
واندو سڏين مون کي يا سڏين تون وِڻواند،
ته به ڳچيءَ پايان پاند، منَ پرين تون پرچي پوين.
*
محبت ۽ مينهن جي ناهي مُند مهل،
ڀري رکجن پيار جون ”پيرل“ پَليون پل.
پورا ڪجن پِريَن جا اکين ساڻ انگل،
جي کِلي گهرن کَل، ته لاهي لِڱن تان ڏجي.
**




مسجد جوڙي سون، تنهنجي نيڻن ۾ پرين،
عشق امامت پيو ڪري پويان سِڪ صفون،
اڳيان آهين تون، ”پيرل“ آهيون پاڻ نماز ۾.
*
مُنجان سنيهو سڄڻ ڏي ٿو ماڻهو هٿ ڏياري،
نياپو ته لک لهي پر ڏيندڙ نه کاري،
يا ته حرف هڪ هڪ چوندو ساري سنڀاري،
يا ته ڏُڌل کير به ايندو کَڙهه تي هاري،
”پيرل“ وڃان پاڻ ها مان ڪَهي قطاري،
هاڻي ڳڻتي ٿي ڳاري، ته موٽي شل مُهت سان.
*
محبت اڳيان هڪ آ مَنهه ۽ محلات،
سولو ناهي پيار ۾ پيئڻ آبِ حيات،
”پيرل قمبر“ عشق آ شينهن ببر جو وات،
جيڪو ڪنڌ نه جهلي ڪات اهو آڏو اچي عشق جي.
*
چهرا گڏجن چار ته محفل رکي مان،
سڪ، سنگت، صِدق آ اوشاقي ايمان،
جي دل جو ملي دان ته سون وندو سائل ٿئي.
*
دلبر دغابازيءَ جا دل تي ڪيئي داءُ،
جاٿي سِڪ جا سير ها اتي پيار جا ناهن پاءُ،
”پيرل قمبر“ سنگت جا گُهٽي وڌئي ساههُ
ڪنن مان ٺڪاءُ، ير ٺوڪي ڪڍيئي ٺڳيءَ سان.
**