شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

مري کري به اچو يا تري ٻُڏي به اچو


مري کري به اچو يا تري ٻُڏي به اچو،
کنيون هٿن تي جبل به اچو اُڏي به اچو.

جهان هيڏي مان متان موٽو هٿين سکڻين،
کنيون ڪا ڪانءُ جيان وات ۾ هڏي به اچو.

اسان جو سِر آهي حاضر سدا حسينن لئه،
کنيون هو ڪات اچو ۽ کنيون اَڏي به اچو.

ڪيون هي سِر اچو سرويچ ديس جي خاطر،
لٽايون راههِ خدا ۾ مڙئي مڏي به اچو.

ڪلاڪ سينڌ جي وارن تي ڀل وڃي تِرڪو،
زلف جي پينگهه تي اڌ منٽ ڀل لڏي به اچو.

خدا سڏايو ٿا اي ڪافرو! اوهان خود کي،
وڃو ڪو شرم کان پاڻي ۾ ڪجهه ٻُڏي به اچو.

اوهان هو مرضي جا مالڪ صبح وڃو ڪي اَسُر،
ڪُٺن جو زور زبر ڇا اوهان ڪَڏي به اچو.

مدد ڪيو روح جي دل جي جگر ساهه جي پڻ،
نڀاڳي نفس جي لاهيون ته ڪجهه رَڏي به اچو.

خيمي ۾ آهيو ته ناهي وهم مسافر لئه،
کنيون رلهي به اچو ۽ کنيون تَڏي به اچو.

لبن جو ان کي ته ”پيرل“ پياري آب حيات،
ننڍي حياتي هو ڪنهن جي ڪيون وڏي به اچو.
**