شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

اُٿ امتحان حُسن جو اڄ پَهر ٿو اچئي،

اُٿ امتحان حُسن جو اڄ پَهر ٿو اچئي،
عاشق ٿِجان هوشيار اِجهو زهر ٿو اچئي.

پاڻي به چئو ڏيانءِ ڪنڊو ڀي چئو ڪڍانءِ،
مان بادشاهه ڪو نه هان جو پگهر ٿو اچئي.

پاتو ڪجل آ سهڻي تون مُنهن تي ته ڪر نظر،
اک جي ننڍي فلڪ تي وڏو ڪڪر ٿو اچئي.

شايد تون ڪنهن ضعيف لئه زخمي ٿي پيو آهين،
ڪڇ ۾ ڪيون ستارا ملڻ قمر ٿو اچئي.

توکي رڳو هي تنها ڏسي او چريا عاشق،
اڄ رات کي لڪڻ سان سَٽيون سحر ٿو اچئي.

لڳ لڏ پلاڻ کي اُٿي ننڊ ڪين ڪر غريب،
ڪر ڏاند گڏهه تيار اڳيان ڏمر ٿو اچئي.

شايد وڇوڙي عشق ويچاري کي آ ورتو،
ڏس باهه ۾ سڙيو هو پريان ببر ٿو اچئي.

شايد تون وطن ديس تان قربان ٿي پيو آن،
ڪو توکي ڏيڻ شهادت جو نمبر ٿو اچئي.

”پيرل“ اڃا نه ڳالهه تو ڪئي پوري پيار جي،
هٿ ۾ کنيون ڪو جُوان ٻچو جگر ٿو اچئي.
**