شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

اهڙو ويهي ڪو ڇيڙيون اڄ داستان سوچو،

اهڙو ويهي ڪو ڇيڙيون اڄ داستان سوچو،
ڪوهن کان سمجهي ڪوهه اهو ڪاروان سوچو.

مَنهَن جي سائي ڪيئي مُحسن ملي سگهن ٿا،
محلن جي ڪُنڊ ۾ ويهي ڪو مهربان سوچو.

ڪاٿي ته دل جي آهه کي ٿڙٿانءِ آهي ڪرڻو،
ڌرتيءَ نه ٿي سُجهيوَ ته ڪو آسمان سوچو.

جو حال پريان نال هي الفاظ پيو اُچاري،
مهمان اهڙو سوچو ۽ ميزبان سوچو.

هر مهل هن امير لئه هر ڪو پيو ته مرندو،
جو جان ڏئي غريب لئه اهڙو ڪو جُوان سوچو.

مالي هو چاهي جاني سِر جو الائي ذر جو،
ڪهڙو اسان کان وٺندو هو امتحان سوچو.

ملندو اوهان کي در در سائل ادا هي اڳ ۾،
پاروٿو ٻوڙ سوچو پاروٿو نانَ سوچو.

”پيرل قمبر“ جو ڪنهن هنڌ مُنهڙو مَٽي به ويهو،
اهڙو ڪو ماڳ سوچو اهڙو مڪان سوچو.
**