شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

دل جي آئيني ۾ توکي لڪائي، آئيني تي سَوَ موتي جڙائي،

دل جي آئيني ۾ توکي لڪائي، آئيني تي سَوَ موتي جڙائي،
نِوِڙي ڪندس پيو سلام! ننڊ به هوندي حرام.

دوست هتي هو دشمن به ٿيندا، پنهنجا هتي هو پرايا به ٿيندا،
دنيا جون دور ديوارون به ٿينديون، پرتي وڻن جا سايا به ٿيندا.

بي انت دل جي ڪشادي بزم آ، ٿڪندا پياڪ ۽ ساغر نه ٿڪندو،
پيار جا پير ڪرامتي ٻيئي، منزل ٿڪندي مسافر نه ٿڪندو.

باهه مان برسيل باغ ٿيندو جي، رستو صلح جو صاف ٿي پوندو،
چڪن جو ڦاٽو چيهاڙيو هي چولو، ڪعبي جو پوش غلاف ٿي پوندو.

محبت پيار ۾ ”پيرل قمبر“، دوکو ۽ ڪوڙو دلاسو نه رهندو،
سنگت ۾ رهندو سير جو سير ئي، ڪاٿي هو تولو ۽ ماسو نه رهندو.
**