شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

دل وڃي جو غير سان گڏيئي،

دل وڃي جو غير سان گڏيئي،
ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.

سون آ ته به ڪوڙو ڪوٽ آ، پنهنجو نيٺ پنهنجو ڳوٺ آ،
ڇو پکا پري وڃي اڏيئي.
ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.

هتي هجر ۾ ڇاتيون ڇاڻيون، تون گهمين ٿو سينو تاڻيون،
ڏکڙا منهنجا ڪو نه ڪي ڏٺئي،
ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.

وقت وفا جو هٿان وَيئي، ”پيرل قمبر“ ڪو نه ڪجهه ڪيئي،
ڇو مٽيءَ تي موتي هي مٽيئي،
ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.
**