پيار ٿو سمجهين ڀوڳ، مٿي جو روڳ، لڳي ٿي عشق جي ڪا نه لپاٽ،
تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
رات کي چئين ٿو ڏينهن، بڻيو آن شينهن، ڪئي ٿي اکين سان ڪا نه اوچاٽ،
تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
تون حُسن جي زور تي آهين چڙهيل دلدار جبل جي چوٽيءَ تي،
مان ڪاٿي اُتي پهچي ٿو سگهان هن هيڏي وڏي وڇوٽيءَ تي،
صبر جو پاتم پوش، ٿيس خاموش، ملي آ وٿيءَ جي توکي واٽ،
تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
جو چِڙَ ۾ توکي مان ٿو ڏسان ڄڻ چيتو آ چيتي سان وڙهيل،
مان پيار جو ماريو ڇا چوندس تون پڪي ماڻهو جو آهين پڙهيل،
مام هي سمجهي مان نه، خبر آ ڪا نه، وتي ٿي ڪنهن جي الائي آٽ.
تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
هن عشق ۾ خود مختياري ٿي تون هار مڃين يا هام هڻين،
تون شيشي جي فرش تي پير رکين يا خاڪ سڪيءَ تي گام هڻين،
سهڻي واري سير، درياءَ جي وير، ڏٺا ٿي گهير نه ڪيئي گهاٽ.
تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
مان پنهنجو هان ”پيرل قمبر“ ڇو ڇرڪ ڀري تون ڇرڪين ٿو،
مان اڳي ئي چپن جا چاڪ سبيان تون رهندو اڃا ڀي مرڪين ٿو،
ايندا ڪيئن نه پتنگ، ڇنائي تنگ، جو ٻاري لبن مٿان ٿي لاٽ.
تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
**