جوابداري ڪيڏي، سِر مٿان کڻي ويٺس،
وفا جي بي وفا سان، هام اڄ هڻي ويٺس.
عظيم غلطي اها ڪئي مون آ حياتيءَ ۾،
ڏسڻ نه کپندو هو جنهن کي، تنهن کي ڏسي ويٺس.
مونکي رڪارڊ پتنگ جو هو ٽوڙڻو جاني،
اڃا نه شمع جلي هئي، اڳي پچي ويٺس.
غصي جي، بيدليءَ جي، شور جي ۽ شوخيءَ جي،
اِها نه وٺڻي هئي خيرات، مان وٺي ويٺس.
غلام ٿي ڪري محبوب تي مان رعب رکي،
ڏيڏر مان خواجه خضر خوب اڄ بڻي ويٺس.
ائين ته يار مان عزرائيل سان ٿي ڳالهايو،
سڄڻ جو سامهون آيو ته مان اُٿي ويٺس.
اچڻ جو اُن ئي چيو هو جتي ته اچجان تون،
مان هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ اُتي وڃي ويٺس.
ڊُڪي مون پاڻ وڃي، پاڻ ان سان ڳالهايو،
هيو جو روزو رکيل سو هينئر ڀڃي ويٺس.
ائين ته پيار پنهنجو ڪو نه ئي ٿي باسيو مون،
سڄڻ جي ٿورو رُنو ئي ڪري سچي ويٺس.
پلاند زلف اکين مان، ڇڏائي آخر ۾،
هزار نانگ بلائن کان مان بچي ويٺس.
ويو هو پاڻ اڪيلو، نه مون کي ساڻ کنيئين،
اجايو سينڌ سنواري مان ڏئي ڦڻي ويٺس.
توکان وفا ئي نه ملندي، مون کي پڇاڙي تائين،
ائين نه چوڻو هو مون کي اجايو چئي ويٺس.
اُٿو ڀڄو ته نجوميءَ ۽ جوڳيءَ کان پڇون،
مان ئي ته وڻڻو نه هُيس ڇو مگر وڻي ويٺس.
او يار پاڻ ستمگر سان دل جو سودو ڪري،
هڻي ته يار چَنَهر مان اِها ڪَڻِي ويٺس.
اِهو چڪر آ حسينن جي پيار جو ”پيرل“،
ڪٿي پسند نه هيس ۽ ڪٿي وڻي ويٺس.
**