شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

تون همسفر به هجين ساڻ، ۽ سفر به هجي،

تون همسفر به هجين ساڻ، ۽ سفر به هجي،
ڀلي هر گام تي پوءِ هيبت و حشر به هجي.

تڏهن ته عشق حسن هام ڪا هڻي سگهندا،
جڏهن ڪو گهاٽو جهنگل شير جو گذر به هجي.

تڏهن ته پنهنجا قدم ان کي لتاڙيندا چاهي،
هتي شيشو به هجي ۽ هُتي پٿر به هجي.

ڳڙي ڳوڙهو پو پوي ڳل منجهان هو بوند مثل،
ڪو جو وارن جو وري ڪنڌ مٿان ڪڪر به هجي.

ڪمال آهي اسان جو تڏهن ته اُڀ تي وڃڻ،
وَرُون ته هٿ ۾ ستارا ڪَتِيون قمر به هجي.

ائين نه منهن رڳو ڏسندا هلون مريضن جا،
ڦوڪ عيسى وارو ڪجهه پاڻ ۾ اثر به هجي.

تڏهن ته سير ڪرايان مان ان کي صحرا جو،
جتي بازر به هجي شيشي جو شهر به هجي.

وٺين تون بوسو وري، عمر لاءِ چُپ ٿي رهان،
ايئن نه عدل ۾ ڪو اَدر جو بَدر به هجي.

نه ئي ڪو وقت مقرر اسان جي محبت جو،
سنيهو سحر هجي شام جو پهر به هجي.

تڏهن ته هجر جون اي دوست ماڻهو سهندا سَٽون،
عقابي پَر به هجي شير جو جگر به هجي.

پوءِ ته آهي مزو پيار جو ”قمبر پيرل“
لبن تي لب به هجي نِرڙ تي پگهر به هجي.
**