شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

جائي دل ٿي ڏني يا ڪو ڊوهه آ،

جائي دل ٿي ڏني يا ڪو ڊوهه آ،
هي پارس سان لڳو لوهه آ.

هنج منهنجي ۾ گل ڪو ڇڻي پيو،
فيصلو توکي ڪيئن هي منهنجو وڻي پيو،
ٽُٽندو به تارو منهنجو تخت بڻي پيو.

حُسن تنهنجي جا اهڙا ته هُل ٿيا،
باهه جا ٽانڊا مٽجي باغ جا گل ٿيا،
پيار جا هيرا موتي سارا اُمل ٿيا.

دل جا کُلي ٻئي در ۽ دري پيا،
ڀاڳ رُٺل به منهنجا وچ تان وري پيا،
ڪوسا هي ڳوڙها منهنجي اک ۾ ٺري پيا.

سينڌ آئيني سامهون ”پيرل“ لُڏي ٿي،
اُڏند کٽولي وانگر دل هي اُڏي ٿي،
سارو زمانو ڇڏي توکي سڏي ٿي.
**