يارو مِڙي سِڙي اچو، هڪڙو مڪان ٺاهيون،
ڪڪرن جي اڄ ڪلهن تي، نئون آسمان ٺاهيون.
ڀلجان اچي ٿَڪو بُکو، پنج گرهڙا به کائي،
اهڙي ڪا ميز ٺاهيون، ڪو ميزبان ٺاهيون.
ڪوئي جِئين ستايل، وِلهه ۾ نه رات ڪاٽي،
هِت آستان ٺاهيون، هُت آستان ٺاهيون.
پنهنجي زبان جي اڄ، تقرير طرز و فن مان،
تلوار تير خنجر، تير و ڪمان ٺاهيون.
پنهنجي به ڌرتي ڪا نه آ، ڪنهن ڀي ڪمال کان گهٽ،
هن عرش وارو هِتڙي، ڪو لا مڪان ٺاهيون.
ڏاڍو ته تنگ ٿيا هون، انسان جي روِش مان،
هُت هو جهان ٺاهيون، هِت هي جهان ٺاهيون.
جو ٺاهيون سو ئي اڳ ۾، منزل تي پيو ٿو لُٽجي،
ڪهڙي قسم جو چئو تون، اڄ ڪاروان ٺاهيون.
عاشق مڙئي ته ”پيرل“، بر جو شڪار ٿيا هِن،
ذڪرِ بيابان مان اچ، فڪرِ زبان ٺاهيون.
**