شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

وسي برسات وئي وئي، وڄي نغمات وئي وئي،

وسي برسات وئي وئي، وڄي نغمات وئي وئي،
توکي ڏسندي، تنهنجو پڇندي،
ڍلي آ رات وئي وئي.

تنهنجو واعدو هو مگر، آئين تون ڪين ملڻ،
حجِ اڪبري هو منهنجو، تنهنجو ديدار سڄڻ،
مون کان مينا، طورِ سينا،
مون کان عرفات وئي وئي.

سوا تنهنجي ته سڄڻ، منهنجو آ چمن سڃو،
منهنجو دل جگر سڃو، منهنجو آ صحن سڃو،
مون کان جايون، مون کان جهو پيون،
مون کان محلات وئي وئي.

تنهنجو جاڳيو آ جيئڙو، تو ته قاصد آ ڪَيَڙو،
توکان هي ڪم جو ٿيئڙو، موئي ۾ ساهه پَيَڙو،
مون کان گذري، مون کان وسري،
سامي سڪرات وئي وئي.

پيش سهڻو اچي پيو، مڪو ”پيرل“ مچي پيو،
جڏو هي بدن جيءَ پيو، سيهو به سونَ ٿي پيو،
لهي غم ويو، بچي دم ويو،
ڦري فڪرات وئي وئي.
**