حرفِ آخر: پنجاھہ سالن جي علمي ادبي ۽ نشرياتي سفر جا پنج مکيہ دردَ
محمود مغل
پھريون درد:
نما شام جھڙو صبح هو. اسڪولن ۽ ڪاليجن جون موڪلون هيون. علم و ادب، ڪھاڻيڪاريءَ جو ڀُوت مٿي تي سوار هو. ننڍي هوندي کان ئي وٺي، مون پنھنجي گهر ۾، گهر وارن پاران ڏنل لائبريريءَ کي بار بار پڙهيو هو. ٻارهن کان تيرهن سالن جي ڄمار تائين مان ٽي سؤ کان مٿي ڪتابَ پڙهي چڪو هئس. مٿان وري قبلا والدہ صاحبہ جي علمي ادبي سِکيا، جنھن جي مٿان سونَ جو سُهاڳو، وڏي ڀاءُ مرحوم ادا خليل الرحمان مغل جو لائبريرين سان عشق، جيڪو روزانو ڏھہ پيسِي ۾ چوويھہ ڪلاڪن جي مسواڙ تي ڪتابَ، لائبريريءَ مان کڻي ايندو هو. گهڻي خرچ کان بچڻ لاءِ ڪوشش اِها ئي هوندي هئي تہ ڪتاب رات پيٽ ۾ پورو ڪيو وڃي.
پاڙي ۾، طارق ۽ ذوالفقار علي رهندڙ هئا. طارق ان مھل رڳو طارق هو، وقت کيس طارق عالم بڻايو، جڏهن تہ اهو ساڳيو ذوالفقار ’نياز پنھور‘ جي صورت ۾ اسان ۽ اوهان جي سامھون آ. گڏ گهمندا هئاسين، گڏ رُلندا هئاسين. تنھن زماني ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي آفيس، نئين نئين ڪَرُ کڻي بيٺي هئي. ڏهاڪي 1970ع جا شروعاتي ساھہ هئا. ليکڪن ۽ اديبن جا نالا چوويھہ ڪلاڪ ڪَنن ۾ گردش ڪندا هئا. سِڪَ ڏاڍي هوندي هئي ۽ ڏاڍو آئيڊيئلائيز ڪبو هو.
اُن نما شام جھڙي صبح ۾، مان، طارق ۽ نياز، ادبي بورڊ جي عمارت جي ڏاکڻين حصي ۾ ٺھيل، ايڊيٽر ’مھراڻ‘ جي آفيس ٻاهريان موجود هئاسين. سامھون ڪرسيءَ تي ’مھراڻ‘ جو ايڊيٽر ’غلام محمد گرامي‘ صاحب، چانھہ جون چشڪيون ڀريندي، ملاقات جو شرف بخشي رهيو هو.
طارق کان پڇيائين، ”تون ڪير؟“
طارق وراڻيو، ”ابڙو.“
ذوالفقار ڏانھن نھاريائين، جنھن وراڻيءَ ۾ چيو، ”پنھور.“
مون کان پڇيائين، ”تون ڪير؟“
مون چيو، ”مغل“
هنن ٻنھي کي، ساڄي پاسي ڏانھن، آفيس جي در ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”توهان هيڏانھن... پنھنجا آهيو...“ مون ڏانھن نھاريندي چيائين، ”تون ڌاريو آهين... مغل آهين... تون اسان مان ناهين.“
حياتي، شروعاتي دؤر ۾ داخل ٿيل هئي، ان عمر ۾ شايد عزت بي عزتيءَ جو ايترو احساس نہ هجي، پر ايڊيٽر ’مھراڻ‘ جي ان گفتگوءَ، بي عزتيءَ جو اهو دروازو کولي ڇڏيو، جيڪو مون پوري ڄمار ۾ ڪڏهن بہ پنھنجي يادگيريءَ ۾ بند ٿيندي نہ ڏٺو آهي. مان اتان ئي موٽي آيو هئس... ياعمر وري سندس سامھون ڪڏهن بہ نہ آيس ۽ نہ وري مون ڪڏهن هن جي دؤر ۾ ’مھراڻ‘ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي. اُهو آواز، اڃا تائين بہ ٻُرندو آهي، ”تون اسان مان ناهين.“
ٻيو درد:
پنھنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ مان تيز ترين لکندڙن مان هڪ هئس. شفيق والد جيان، مرحوم انور هالائي صاحب فرمايو هو، ”محمود... جڏهن طبعزاد ڪم نہ ڪري سگهين تہ ترجمي جو هٿُ ڪڏهن بہ نہ ڇڏجانءِ... ڪڏهن بہ وقت نہ وڃائجانءِ... ڏکئي کان ڏکيو مسودو ڌاري ٻوليءَ ۾ کڻجانءِ... خاص طور انگريزيءَ ۾... ياد رکجانءِ واندو نہ ويھجانءِ.“
ڌڻي شاهد آهي، تہ مون سڄي عمر سندن ان حۡڪم کي اکين تي رکيو آهي. 1978ع کان پوءِ، ساندہ لکندي، جَي مون کان طبعزاد ڪم نہ ٿي سگهيو هوندو تہ مون ترجمي ڪرڻ ۾ وقت صرف ڪيو هوندو. نوي واري ڏهاڪي ۾ لاطيني امريڪن انگريزيءَ ۾ ‘Alive’ (اَلائيوِ) جو ناول منھنجي هٿ آيو تہ مون تقريبن ڏيڍ سال ۾ اهو ترجمو مڪمل ڪيو. ان ڪري نہ پيو عرض ڪريان جو اهو ترجمو مون ڪيو هو سو بھترين هو. هن دؤر جي هڪ سدابھار ذهن ۽ گهڻ پڙهيي شخص محترم ’اياز لطيف پليجي‘ مون کي ڀاڪُر ۾ ڀري چيو، ”محمود، ’اَلائيوِ‘ جو ڪيل تنھنجو اهو ترجمو، اسان سڀني تي احسان آهي.
’سنڌي ادبي سنگت‘ سال 1992ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي انعامي مقابلي جو اعلان ڪيو هو. تنھن زماني ۾ نگاھہ ۾ جوت وڌيل هئي. ايمانداريءَ تي اعتبار پنھنجي پوري يقين سان رت ۾ شامل هو. مقابلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪتاب جا پنج نسخا ڏياري موڪليا ۽ الاءِ ڇو هڪ عجيب و غريب ماٺ پلئہ پوڻ لڳي. هڪ ڏينھن اوچتو، تنھن زماني جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر ’قدير انصاري‘ گهر تي ملڻ آيو ۽ موڪليل ڪتابن جو بنڊل، مسخ شدہ حالت ۾ هٿن ۾ ڏيندي چيائين، ”هن سال ترجما مقابلي جي ڊوڙ ۾ شامل ڪونھن. ڇاڪاڻ تہ ترجمو ڪا خاص صنف ڪونھي.“
مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونہ هو. تنھن زماني ۾ مرڪزي سيڪريٽري محترم ’ادل سومرو‘ صاحب هئا. پندرهن روزہ ’عبرت مئگزين‘ جو انچارج ايڊيٽر ’مرتضيٰ سيال‘ هو ۽ ادبي شعبي جو سربراھہ ’لياقت رضوي‘... مون ڏانھن هڪ خط لکيو، جنھن کي 1 مئي 1993ع جي اشاعت ۾ ’محمود مغل ڳالھائي ٿو...‘ جي سري هيٺ ڇپيو ويو. تاريخ جي ورقن ۾ سندس اهميت کي رکندي ۽ هڪ اُڀرندڙ ليکڪ سان زيادتيءَ جي زمري ۾ هي ٻيو درد ڪاغذن تي اوتجي ٿو:
محمود مغل ڳالھائي ٿو....
لياقت!
سکيو هجين
اڄ الائي ڪيتري عرصي کان پوءِ مان توسان مخاطب ٿي رهيو آهيان. يا شايد حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو توسان قلمي گفتگوءَ جو حوالو ڪتب آڻيان پيو. اڄ توکي مان هڪ ڪھاڻي ٻڌائڻ ٿو گهران. مون آڏو هن مھل ٻہ تحريرون آهن، مٺي قدير انصاريءَ جا جرڪندڙ لفظ، جيڪي هن ڪتابن جو بنڊل سکر مان واپس آڻي، محبت جي مس سان لکيا ”سکر کان ايندي ايندي، ادل سومري صاحب اوهان جي لاءِ سلام ۽ هي ڪتابن جو پيڪٽ ڏنو هو. ڪتابن تي رکيل Awards جي لاءِ ضروري آهي تہ اهي ڪنھن بہ صورت ۾ Creative هجن، شايد ترجمن لاءِ مستقبل قريب ۾ ڪو اعلان ٿئي.“ ۽ ٻي تحرير آهي ’خادم وطن‘ 30 مارچ واري بئڪ پئج ۾ ڇپيل هڪ خبر جنھن موجب. ”22 اپريل تي سنڌي ادبي سنگت 92 جا انعام ورهائيندي. انعامن ۾ مختلف نالن سان مختلف ايوارڊز آهن، جيڪي شاعري، ڪھاڻي، ٻاراڻي ادب، تحقيق، عورتن جي جاڳرتا ۽ تعليم، پرائمري تعليم ۽ تنظيمي ڪارڪردگيءَ تي ڏنا ويندا.“
هيءُ هڪ منجهيل ڪھاڻي آهي، آهي نہ؟
توکي مٿئين پئراگراف مان ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو هوندو، اچ مان توکي سڄو مامرو کولي ٿو سمجهايان.
شايد ڊسمبر 92ع ۾ اهو اعلان ٿيو تہ ’سنڌي ادبي سنگت‘ سال ۾ ڇپيل ڪتابن تي مختلف ’انعامن‘ سان نوازيندي، ليکڪن کي گذارش ڪئي وئي هئي تہ اهي هڪ مخصوص تاريخ تائين ڪتاب جون 3 ڪاپيون ڏياري موڪلين. اعلان پڙهي منھنجي دل خوشين جي هڪ زيروبم جو شڪار ٿي وئي. تون تہ واقف آهين تہ هن حياتيءَ ۾ ڪا بہ شيءِ ’سٿري‘ نموني حاصل ناهي ٿي، جڏهن بہ ڪٿي ڪا وک کنئين هوندي، يارن گهٽايو ڪونہ هوندو. (هڪ مقابلي ۾ منھنجو ڪتاب ويل هو، قسم کڻي ٿو چوان، دوست پھچي ويا ۽ ججن تي دٻاءُ وڌائون تہ خاص طور تي محمود مغل کي ڪجهہ نہ ملي، تاريخ شاهد آهي تہ انھيءَ ساڳئي جج منھنجي سامھون يارن کي خوار ڪري ٻڌايو تہ توهان ئي تہ هئا جيڪي مون وٽ آيا هئا تہ محمود کي ڪجهہ نہ ڏيان، نتيجو صرف کِل کِل، ڳالھہ کي هيڏانھن کان هوڏانھن ڪرڻ ۽ محمود مغل جو منھن اهو ئي مونن ۾، موليٰ پاڪ مشڪل ڪشا ڇا ڪربلا ۾ ماتم جا ڏينھن هر روز، هر ويلي هوندا آهن) بھرحال، هن واري اها ئي سوچ هئي تہ ’ادل‘ ويٺل آهي. اهڙي ڪابہ ڳالھہ ڪانہ ٿيندي، اهو ئي سوچي نذير آپا کان ’اسين جيئرا آهيون‘ جون چار ڪاپيون وٺي، مقابلي ۾ شرڪت لاءِ موڪلي ڇڏيم.
ساڳيءَ رات ادل سان فون تي ڳالھايم تہ، ”خبر ٻڌايانس تہ ڪتاب موڪليان اٿم“ تہ موٽ اها ئي ملي تہ ”ير، ترجمن جو ڪو حوال ئي ڪونھي، ڇاڪاڻ تہ صرف تخليقي شيون شامل ٿين ٿيون.“
مون ادل کي سمجهائڻ گهريو تہ سڄي جڳ جھان ۾ ادبي صنفن ۾ ترجمو بہ شامل ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ۾ مسودي جي منتقلي بہ ڪا مشڪري ڪانھي. اها بہ پيڙا گهري ٿي ۽ هونئن بہ منھنجي خواهش هئي تہ ترجمن لاءِ بہ انعام رکيو وڃي (ان لاءِ نہ تہ ڪو مون ڪو ترجمي جو ڪتاب لکيو هو، ٻيا بہ هن سال ڪيترائي ڪتاب آيا هئا ۽ جي open competition هجي ها تہ ضرور مزو اچي ها)، پر ادل وري بہ منجهيل، آخر مون هڪڙو جملو چيو ”يار ادل، ڪو جڳاڙ ڪر نہ“ جنھن تي منھنجي زال، فاطمہ سختيءَ سان اکيون ڦيرايون تہ منٿون ڇو ٿو ڪيان، حالانڪ مون پنھنجي ڪتاب لاءِ منٿ نہ پئي ڪئي، بلڪہ Over all سڀني ترجمن لاءِ هڪ ايوارڊ جي طلب ڪيم پئي. ادل چيو ”ﷲ تي رک، سوچون ٿا.“
وقت جي پل هيٺان، خدشن ۽ وهمن جو ڪجهہ ٻيو پاڻي لنگهي ويو تہ قدير انصاري ڪتاب واپس ڪندي چٺي لکي، مون سوچيو ٺيڪ آهي، ادبي سنگت وارا چون ٿا تہ پوءِ يقيناً ’ترجمو‘ ڪو ’تخليقي ڪم‘ نہ هوندو، پر 30 مارچ جي اخبار ’خادم وطن‘ ۾ خبر پڙهي مان تہ عجب ۾ اچي ويس. ”ادبي سنگت، موسيقي، عورتن جي جاڳرتا، پرائمري تعليم ۽ تحقيق تي بہ انعام ڏيندي، ياخدا، هي سڀ ڪجهہ ڇا واقعي ٿئي ٿو.“
مان محسوس ڪيان پيو تہ منھنجي اندر ۾ ڪجهہ ٿئي پيو. ڪا ڏک جي لھر آهي، جيڪا نھوڙي رهي آهي، مون کي خبر آهي تہ مان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهيان... مان هميشہ اها ڳالھہ چوندو آيو آهيان تہ مان ڪنھن بہ ’بلاڪ‘، ’گروپ‘، ’سَٿَ‘ جو ناهيان ۽ ان ڪري ئي ايترو ’مشھور مقبول‘ ناهيان، جيترا مون کان ’جونيئر‘ آهن. مون سان خدا جي فضل ڪرم سان ڪا بہ شام نٿي ملھائي وڃي، مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي... اهو سڀ قدرت جو گيان آهي. طارق اشرف صاحب گذاري ويو. پريس رليز ۾ جنازي ۾ شريڪ هر ماڻھوءَ جو نالو هو سواءِ منھنجي... (محمودَ... ڪجهہ تہ ڪر تہ ماڻھو وٽي تي نالو تہ لکنئي.... تہ ’ڪجهہ‘ ڇا ڪيان، ادا... ڇا ٿو ڪري سگهان؟...) تون پاڻ اهو تسليم ڪندين تہ اسان وٽ اسي سيڪڙو کان مٿي پريس رليز، اعلان، ساهتيہ، صلاحون، هڪڙو ماڻھو لکندو آهي ۽ هنن جا نالا اچي ويندا آهن. ڪڏهن ڪير لکندو، ڪڏهن ڪير... بس اخبارن ۾ جاءِ ۽ ڪالم مٽيل هوندا، نالن جي لسٽ اها ئي ساڳي هوندي. (هڪ ڀيري پنھنجي هڪ همعصر کي مون بردي سنڌيءَ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌائي، همراھہ ڇرڪجي ويو ”ڪڏهن گذاري ويو؟“ مون ڳالھہ ٽاري ڇڏي. حالانڪہ هڪ ڏينھن پھرين واري اخبار ۾ بردي جي موت تي تعزيتي ٺھراءُ ۾ هن جو نالو بہ هو.)
هاڻي اهو ئي معاملو آهي، شڪايت ادل کان ناهي، هن نظام کان آهي. ڪنھن چيو، ”محمود مغل جو رڳو ڊرائنگ روم ئي ڪنھن جي مڪمل گهر کان چڱو آهي.“ معنيٰ مڇي مانيءَ وارو اديب چوائي سگهان ٿو (بشرط مون کي اهو اعزاز عطا ٿئي بہ) شڪايت اها آهي تہ جڏهن تخليق ئي معيار آهي ۽ ترجما تخليق ۾ شامل نہ ٿا ٿين تہ ڇا عورتن جي جاڳرتا ۽ تعليم، پرائمري تعليم، موسيقي ۾ تحقيق انھيءَ زمري ۾ اچن ٿا ۽ مون جيترا الائي ڪھڙا حيران وجود هڪ اديب جي ڪردار ۽ جملن جو شڪار ٿين ٿا. گفتگو ڪندي سڄي قلعي لھي ٿي وڃين، ادل بادشاھہ ناهي، بادشاھہ گرن ۾ گهيريل آهي. هن جي سوچ مون کي سمجهہ ۾ نہ آئي، هڪ پاسي پاڻ ئي وضاحت طور دليل ڏئي ٿو. ٻئي پاسي انھيءَ دليل جو نھڪاري آهي.
منھنجي قلمن ۾ اڇا وار اچي ويا آهن، 75ع کان وٺي مون مسلسل لکڻ جو ڪم ڪيو آهي ۽ موليٰ جي مھر آهي جو اڃان تائين ڪيان پيو. بس اهو ئي خيال ماري ٿو تہ هن رُڃ جي سفر ۾ 18 سال جوانيءَ جا گهارڻ کان پوءِ بہ اها ئي حالت آهي جيڪي اڃان پھريون وکون پيا کڻن انھن سان ڇا حالت ٿيندي؟
مان سدائين ماٺ ۾ رهيو آهيان. ڪڏهن بہ ڪنھن ڳالھہ تي ڪنھن بہ راءِ جو اظھار نہ ڪيو اٿم، جيتوڻيڪ مون کي پنهجيءَ ذات تي اعتماد آهي تہ مون گهڻن کان چڱو لکيو آهي ۽ ڪيترن کان وڌيڪ سٺو سوچي ۽ لکي سگهان ٿو. اڄ الاءِ ڇو توسان اندر جو اظھار ڪري رهيو آهيان. (هونئن مان سدائين هڪ جملو چوندو آهيان تہ هر ڪلھي تي مٿو رکي ماڻھو نہ روئي سگهندو آهي). بس اهو سڀ ڪجهہ اڻ سونھون ٿو لڳي، ڪٿي اندر ۾ ڪجهہ مري ٿو.
زمانو انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو آهي ۽ هونئن بہ هر ڪنھن جي هٿن جون ريکائون ڀرپور نہ هونديون آهن. رڪارڊز شاهد آهن تہ ليري هومز، محمد علي ڪلي کان وڏو باڪسر هو، پر دنيا ليري هومز کي ايترو ڪٿان سڃاڻي ٿي جيتري هُوءَ ’ڪلي‘ جو نالو وٺي ٿي. عمران خان ڪو هڪڙو تہ ڪونھي، دنيا هزارن عمرانن سان ڀريل آهي پر ڪنھن جي ڀاڳن سان ڪھڙي ريس ڪري ٿي سگهجي؟
بھرحال، مان معافي ضرور گهرندس قدير انصاريءَ کان، جنھن کان بنان پڇئي مون سندس حوالو ڪم آندو آهي ۽ توکان، جو تنھنجو هيڏو سارو وقت مون وڃايو آهي. تون جي چاهين تہ هي خط ڇاپي سگهين ٿو. هيءُ ڪا شڪايت ناهي، ڪا دانھن ناهي، ڇاڪاڻ تہ مان ڪا شڪايت يا دانھن ڪنھن ’ذات‘ جي حوالي سان ڏيڻ نٿو گهران. بس اهو ئي عرض آهي تہ جي اهو سڀ ائين ئي ٿيڻو آهي تہ مھرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ، مان پنھنجو پاڻ کي ڪھڙي خاني ۾ فٽ ڪيان.
مولا پاڪ توکي پنھنجي مھر ۾ رکي.
تنھنجو
محمود
۽ پوءِ ائين ٿيو هو تہ، ترجمي کي ادب جو حصو نہ مڃڻ تي، 22 اپريل 1992ع تي ٿيندڙ، پير حسام الدين شاھہ راشدي آڊيٽوريم، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ پاران ايوارڊ تقريب جو فقير بائڪاٽ ڪيو هو.
ڪَنن ۾ اهو ئي ساڳيو آواز ٻُريو هو. هِن واري ’گرامي صاحب‘ جي جاءِ تي ’سنگت‘ گڏجي ڳالھايو هو، ”تون اسان مان ناهين...“
ٽيو درد:
علمي ادبي سفر، تيزيءَ سان روان دوان هو. پاڪستان ٽيليوزن جي ڊرامن ۾ فقير ڪَرُ کڻڻ شروع ڪيو هو. سنڌي ڊرامن جي تحريرن کي تہ ڪو ڏهاڪو کن سال ٿي چڪا هئا. ’محمد بخش سميجو‘ صاحب، اردو اسڪرپٽنگ ڏانھن وٺي آيو ۽ قدرت اتي بيحد محبت سان نوازيو. ’رَوِش‘ بيحد ڪامياب ٿي ۽ دروازا ڄڻ تہ کُلڻ لڳا. سميجو صاحب مرحوم کي تمثيلي ڊرامن جو بيحد شوق هو. شديد چاھہ وچان چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب، پاڻ سسئي پنھون، لِيلا چنيسر يا نُوري ڄام تماچي جي ’تمثيل‘ ڪري سگهون ٿا؟ هلندڙ دؤر جي ڪا ڪھاڻي هجي، جنھن ۾ پنھنجا ٽچز شامل هجن.“ الاءِ ڪيئن جُڙت بڻجي وئي ۽ وڏي جاھہ و حشمت سان اشتھار پيش ڪندي، پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي مرڪز ’نوري ڄام تماچي‘ پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
محترم ’عبدالقادر جوڻيجي‘، محترمہ ’نُورالھديٰ شاھہ‘، محترم ’ڪيھر شوڪت‘ ۽ شايد محترم ’آغا رفيق‘ کان پوءِ مان پنجون ليکڪ هئس، جنھن اردو اسڪرپٽنگ ۾ ملڪي نيٽ ورڪ تي ڪم ڪيو پئي. قسطون اڃا ٽي مس هليون هيون ۽ ڊرامي شھرتن جي اُڏام شروع ڪئي تہ 27 صفرالمظفر 1417 ھہ بمطابق 14 جولاءِ 1996ع تي ٻن سنڌي اهم اخبارن روزاني ’هلالِ پاڪستان‘ ڪراچي ۽ روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، هڪڙي ئي ڏينھن تي ساڳيو آرٽيڪل ’پي ٽي وي ڊراما سيريل نوري ڄام تماچي تاريخ سان هٿ چراند يا نئين دور جي تقاضا‘ هلايو.
اها هڪڙي سروي هئي، جيڪا ’محمد علي ماجد‘ صاحب ڪئي هئي. عجب جھڙي ڳالھہ اها هئي جو ’هلالِ پاڪستان‘ جو ايڊيٽر محترم ’اقبال دل‘ ۽ ’جاڳو‘ جو ايڊيٽر محترم ’آغا سليم‘ هئا. اقبال دل صاحب بابت تہ مون کي ڪا گهڻي خبر ڪونھي، پر مون کي ان ڳالھہ جو شدت سان احساس ٿيو تہ ’آغا سليم‘ صاحب تہ ٽيلي ناٽڪ جي دنيا جا مسافر هئا. کين ڇا سمجهہ نہ هئي يا هُنن بہ وهندڙ پاڻيءَ مان هٿَ ٻوڙڻ پئي گهريا. ان سروي ۾ عبدالقادر جوڻيجي، آغا سليم، ممتاز مھر، شمس سومري، علي احمد بروهي، آغا رفيق، بدر ابڙي، طارق قريشي، انور ابڙي، اياز جاني ۽ بيدل مسرور پنھنجن خيال جو اظھار ڪيو هو. ڌڻي شاهد آهي، نالا لکڻ نٿو گهران، پر هنن مان ٻن معززين تہ مون کان معافي بہ گهري هئي تہ اسان بس لکي ڇڏيو. ڊرامو تہ اسان ڏٺو ئي ڪونہ هو.
اڃا قسطون ئي پنج هليون هيون، جو ’غداريءَ‘ جون فتوائون جاري ٿي ويون هيون. ’عبدالقادر جوڻيجي‘، ’شمس سومري‘، ’آغا رفيق‘ ۽ ’طارق قريشيءَ‘ کان سواءِ سڀني ڄڻ فليشز پئي ڏنا، ”تون اسان مان ناهين...“
چوٿون درد:
يارهون پي ٽي وي ايوارڊ، بحريہ آڊيٽوريم ۽ ان جي ڪار پارڪنگ ۾ ٿيڻو هو. قومي سطح تي چئن ليکڪن جو مقابلو هو. ڪراچي مرڪز تان ’محمود مغل‘، لاهور مرڪز تان ’امجد اسلام امجد‘، پشاور مرڪز تان ’ڊاڪٽر ڊينس آئزڪ‘ ۽ ڪوئٽه مرڪز تان ’اصغر نديم سيد‘... ايوارڊ تقريب ۾ سٽاءُ ڪجهہ اهڙو هو، جو جنھن بہ نامزدگيءَ جو اعلان ٿي رهيو هو، ان ۾ نامزد ٿيل چارئي مقابلو ڪندڙ، اڳيان ايندڙ هڪ صوفَي تي ويھي رهيا هئا. معين اختر ۽ بشريٰ انصاري ڪمپيئر ڪري رهيا هئا ۽ شو لائيوِ وڃي رهيو هو. ان ڏينھن تي صبح جو جنرل مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي، مون کي مبارڪ ڏني هئي تہ اسان قومي سطح جو اهو ايوارڊ کٽي ويا آهيون. منھنجي عادت آ، خاموشي منھنجو محور هوندي آهي. مان ڪنھن سان بہ ڪابہ ڳالھہ ڪرڻ جو قائل ناهيان. زندگيءَ جي حيران ڪندڙ موقعن تي الاءِ ڇو مان نہ ڪڏهن گهڻو خوش ٿي سگهيو آهيان، نہ ڪو تاثر حياتيءَ ۾ منھنجي مُنھن تي آيو آهي. روئندو گهڻو آهيان اهو مان ڄاڻان ٿو ۽ ان ڪري ئي، جڏهن بہ ايوارڊس مليا آهن تہ مان ’پوسٽ ايوارڊ اسپيچ‘ ۾ گهڻو ڪجهہ چئي نہ سگهندو آهيان.
سلسلو اهو بہ هو، تہ جيڪو نامزد، ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي پيو تہ اسپاٽ لائيٽ جو هڪ گول دائرو، کيس ان صوفہ سيٽ کان اسٽيج تائين ويندي ڏيکاري پيو ۽ پوءِ مڪمل روشنيون ٻرن پيون.
ويھڻ مھل اسان چارئي هن ترتيب سان ويٺا هئاسين. محمود مغل، ڊينس آئزڪ، اصغر نديم سيد ۽ امجد اسلام امجد.
اسڪرين تي نالا ۽ سڀني جون تصويرون آيون ۽ اوچتو انائونس ٿيو ’ايوارڊ امجد اسلام امجد کٽيو آهي.‘ الاءِ ڇو مون کي اهو ٻُڌي ڪجهہ عجيب نہ لڳو. مان بس اهڙو ئي آهيان. صوفہ تڪڙو خالي ڪرڻو هو، اسان سڀ اُٿي، پويان پيل پنھنجين نشستن ڏانھن مُڙياسين، تيستائين ’امجد صاحب‘ اسٽيج تي پھچي چڪو هو. ايوارڊ وٺڻ کان پھرين انائونسمينٽ ڪندي چيائين، ”جيتوڻيڪ مان کٽي ويو آهيان، پر مان سمجهان ٿو تہ هن سال جو سڀ کان مضبوط اسڪرپٽ ‘سمجهوتہ‘ جو آهي ۽ محمود مغل مون کان وڌيڪ حقدار آهي. مان اهو ايوارڊ کيس ڏيڻ ٿو گهران.“
هڪدم اسپاٽ لائيٽ مون تي اچي وئي هئي. مون وڃڻ نہ پئي گهريو، اتي ئي لاهور مرڪز جي جنرل مئنيجر ’منيزه هاشمي‘ جيڪا منھنجي سٺي دوست آهي. هڪدم رڙ ڪري چيو، ”محمود، اسٽيج پہ جائيي پليز...“ منھنجي نھڪار وڏي اسڪرين تي نظر اچي رهي هئي. منيزه اسڪرين تي ظاهر نہ هئي. هُن وري منٿ ڪندي چيو، ”محمود، هم لائيوِ جا رهَي هَين. عزت ڪا معاملہ هَي.“
اسپاٽ لائيٽ، اڃا تائين مون تي هئي. هن اداري منھنجو رڌڻو هلايو هو ۽ سچي ڳالھہ بہ اها آهي تہ مان ان جو احسانمند بہ هئس، نہ تہ مالي حوالي سان شايد مان اها جنگ جوٽي نہ سگهان هان. مان اسٽيج تي ويس، امجد صاحب کان ايوارڊ ورتم، موٽي آيس ۽ سِڌو گهر روانو ٿي ويس.
ٻئي ڏينھن، مون پريس رليز جاري ڪيو، جنھن ۾ عرض ڪيم، ’امجد صاحب منھنجا وڏا آهن. پاڪستان ٽيليوزن جي انتظاميہ ۽ امجد صاحب جا ٿورا مڃيندي، مان اهو ايوارڊ قبول تہ ڪري آيو آهيان، پر اداري جي منتظمين کي درخواست ڪريان ٿو تہ هن ايوارڊ سان ملندڙ ڪئش انعام 15 هزار روپين جو چيڪ، امجد اسلام امجد صاحب کي جاري ڪيو وڃي.‘
بيحد مزي جي ڳالھہ آهي، امجد صاحب اهو چيڪ خوشيءَ خوشيءَ قبول ڪيو هو.
منھنجي امجد اسلام امجد صاحب سان ٿوري گهڻي ويجهڙائپ هئي، ٻہ دفعا ڄامشوري ۾ آپا مرحب قاسميءَ جي معرفت هُو منھنجي گهر بہ آيو هو. لاهور ۾ رهندو هو تہ ساڻس گفتگو بہ ٿيندي هئي. ان ايوارڊ تقريب واري حرڪت کيس ڄڻ گرامي صاحب، سنڌي ادبي سنگت، هلالِ پاڪستان ۽ جاڳو اخبار جي منتظمين سان گڏ بيھاري ڇڏيو هو ۽ سڀني کي ڄڻ هڪڙي ئي ٻولي آئي پئي، ”تون اسان مان ناهين...“
پنجون درد:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي خدمت 19 ڊسمبر 2019ع کان 26 نومبر 2021ع تائين نصيب ٿي. ان وچ ۾ ڏيڍ سال ’ڪووڊ‘ جو وقت رهيو. وسيلا ۽ اسٽاف گهٽ هوندي بہ تعميرات جو هڪ وڏو دور هو، جيڪو تيزيءَ سان گذريو. سماعتن تہ اهو بہ ٻُڌو، ”مغلائي دور آهي... وڏو مغل تاج محل ٺھرائي پيو...“ تيزيءَ سان ٿيندڙ تعميرات ۾ هيٺيان ڪم ٿيا:
1. family on errand جوڙي کي، جيڪو سنڌالاجيءَ جي سڃاڻپ جو ڄڻ تہ اهڃاڻ هو. ان کي واپس سنواري سُڌاري، مٿان ڇانوري سميت لڳايو ويو ۽ مٿس ’سنڌالاجي: سنڌ جي دري‘ جو ٽئگ لڳايو ويو.
2. ڪئنٽين تعمير ڪئي وئي.
3. موٽرسائيڪل پارڪنگ جو الڳ حصو تعمير ڪيو ويو.
4. مسجد شريف کي وڌايو ويو.
5. هڪ وڏو واٽر ڪولر، خوبصورت بئنچن ساڻ تعمير ڪري لڳرايو ويو.
6. ريفرنس لائبريريءَ جو فرنيچر نئون لڳرايو ويو.
7. سڃاڻپ بورڊ بدلائي، جديد بورڊ لڳايا ويا.
8. پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم جي تزئين ڪئي وئي.
9. سنڌالاجي بُڪ شاپ اندر شفٽ ڪيو ويو.
10. ٻاهر خالي ٿيل جاءِ تي ’سنڌالاجي ڊسپلي سينٽر‘ تعمير ڪرڻ جو سوچيو ويو تہ جيئن سنڌالاجيءَ جي آمدني وڌائي سگهجي.
11. باٿ رومس جي مرمت ۽ سنوار ڪئي وئي
12. سنڌالاجيءَ جي ٻاهرئين دروازي کي مڪمل طور بدلائي سھڻو دروازو ٺھرايو ويو.
انھن سڀني عملي ڪمن لاءِ محترم طارق توقير، محترم عزت علي برهماڻي، محترم سيد زين العابدين شاھہ ۽ بابا محمد يوسف ميمڻ جي خاندان بيحد مدد ڪئي. هنن سڀني گڏجي انھن منصوبن کي مڪمل ڪرايو. هر شئي پنھنجي جاءِ تي بيحد اهم هئي، پر سنڌالاجيءَ جي نئين دروازي جي سونھن ڏسڻ وٽان هئي.
ڪنريءَ جي بابا محمد يوسف ميمڻ جي فرزندن ’علي ذوالقرنين‘، ’محمد حسن‘، ’گلزار علي‘ ۽ ’ذاڪر حُسين‘ پنھنجي والد صاحب جي ياد ۾ ان گيٽ جي تزئين لاءِ مدد فراهم ڪئي هئي. ان کان اڳ هڪڙو گول دروازو منتظر هوندو هو، پر پوءِ سنڌالاجيءَ جي شايانِ شان، قديم طرزِ تعمير جي حوالي سان هڪ ننڍو گيٽ رکي، ٻاهرين گِرل جي ٻاهران خوبصورت فلاور بيڊ هڻي 10X12 جو فرش لڳرايو ويو، جنھن تي ڀت واري پاسي کان ٻہ خوبصورت بئنچون بہ لڳل هيون.
مون کي ننڍڙي عمر کان ئي، ڊزائيننگ جون شوق آهي. مختلف آرڪيٽڪٽس سان گڏجي ڪم ڪندو آهيان. اتفاق سان گهرواري بہ آرڪيٽيڪٽ آهي. رب جي ڪرم سان هيل تائين عمارت سازيءَ ۾ انيڪ ڪم ڪيا اٿم.
ڏھہ ضربيان ٻارهن فوٽن جو فرش، روڊ جي حدن کان ٻاهر هو. فوٽپاٿ کان بہ اندر هو. بيحد حَسِين ڏيک ڌڻيءَ عنايت ڪيو هو. گيٽ پنھنجي مڪمل خوبصورتيءَ سان کڙو ٿي ويو. لڳو تہ ’سنڌالاجيءَ جو گيٽ‘ آهي.
وزيٽرس جو هڪ وڏو هُجوم، يادگار فوٽوز ڪڍرائڻ لڳو. صبح ۽ شام جي واڪ ڪندڙن لاءِ ڄڻ تہ پساھہ جي جاءِ ٿي وئي. نياڻيون ۽ شاگرد، رڪشا يا سواري ملڻ تائين، اُتي ويھي انتظار ڪرڻ لڳا. مان پنھنجي دل جي حُضور سان لکان ٿو، ”سنڌالاجيءَ جي شايانِ شان هو.“
اوچتو هڪ ڏينھن تصويرون مليون. ذريعو بہ سنڌالاجيءَ جو ئي هو. اُن سڄي حصي کي ٽوڙي پَٽ ڪيو ويو هو. فرش اُکيڙي، بئنچون ٽُڪر ٽُڪر ڪري، سڀ ڪجهہ ڀور ڀور ڪيو ويو. محبتن جي شدت ايتري نظر آئي جو اهي detacheable (الڳ ٿيندڙ) بئنچون هيون. اسڪروز کولي، کڻي، ڪنھن ٻيءَ جاءِ تي بہ سوَلائيءَ سان فِٽ ڪري پيا سگهن، پر محبتن جي شدت کين انھن آرامدہ سھوليتن کي بہ ٽُڪرا ٽُڪرا ڪرائي ڇڏيو. اڄ، اُتي بي ترتيب اسڪوٽر بيٺل هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڪا رڪشا پئي، پنھنجي ڪَن مان ميڻ صاف ڪندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن لوھہ جا بدرنگ اينگلار جاءِ والاريندا آهن.
مون علي ذوالقرنين ۽ گهروارن کان فيسبُڪ پيج تي معافي ورتي هئي. سنڌالاجيءَ جي سونھن وڌائڻ لاءِ جيڪِي ڪجهہ بہ ٿيو هو، ان ۾ ذاتي ڪوششون ۽ سنگت جو ساٿُ شامل هو. سنڌالاجيءَ جو اڪائونٽ چيڪ ڪري سگهجي ٿو. انھن جو رُوپيو بہ ميرو نہ ٿيو هوندو.
مان اهو نٿو چوان تہ اهو عمل، ڪو منھنجي ذاتي دشمنيءَ جي ڪري ٿيو آهي، پر ايڏي حَسِين ڪاوش کي ۽ هن اداري جي اهميت کي ڏسندي ورتل ڪوششن کي برباد ڪرڻ، بس اُن ئي سڏ جو پڙاڏو محسوس ٿيو، ”تون اسان مان ناهين...“
ان اداري جي سرواڻي ڪندي، ٻاويھہ ڏينھن گهٽ ٻن سالن واري عرصي ۾ يعني 708 ڏينھن ۾ جيڪِي ڪجهہ هن فقير ڪيو، اهو تہ اداري ۾ وڃڻ سان معلوم ٿي سگهي ٿو يا اتي جيڪِي بہ ملازم آهن، سي پاڻ ٻُڌائي سگهن ٿا. انھن 708 ڏينھن جي ڪھاڻي بہ عجيب آهي. چارج ملڻ سان ئي ڳڻي ورتا هئم ۽ سوچيو هئم تہ ڇاڪاڻ تہ مون کي ريٽائر ڪرڻو آهي ۽ ايڪسٽينشن وٺڻ جو ڪوبہ وهم و گمان دماغ ۾ نہ اچڻ کپي. انھن 708 ڏينھن ۾ 20 فيبروري 2020ع کان 7 جولاءِ 2021ع تائين 503 ڏينھن ’ڪووِڊ-19‘ کائي ويو ۽ پابنديون چٻرا ڏينديون لنگهنديون رهيون.
دل کي ڌڪُ لڳي ويو. ڪيڏين مشڪلن ۽ منٿن سان اهو سڀ جُڙي راس ٿيو هو، جڏهن تہ ادارو ان لاءِ ٽڪو بہ ڏيڻ لاءِ تيار نہ هو. درد جي شدت اڃا بہ وڌيل آهي. هن هڪ سُور جي ڪري، پنھنجي پنجاھہ ورهين جي سفر تي لکندي، ٻيا درد بہ ڪَر کڻڻ لڳا آهن.
پنھنجي لاءِ ترتيب ڏنل هن ڳُٽڪي ۾، پاڻ لکڻ عجيب لڳي پيو، پر مون لکڻ گهريو ڇاڪاڻ تہ هاڻ هي مسودو تاريخ جو حصو بڻجي ويندو. رخصتيءَ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونھي. هڪ غريب بيلف جو پُٽ، پنھنجي پوري عاجزيءَ سان اهو عرض ڪري سگهي ٿو تہ ڪا ’لابي‘ ناهي، ڪو ’خويش‘، ڪو ’عزيز‘، ڪو ’وزير‘، ڪو ’سفير‘.... لڙي نہ آيو هوندو. جيڪِي ڪجهہ بہ ڪيو هوندو، رب ڪريم مٺڙي جي مَهر ۽ عنايت هوندي ۽ پنھنجي قد کي سمجهندي ڪيو هوندو.
مون کي ذاتي طور ناپسند ڪندڙ، ڀلي ناپسند ڪن، منھنجي ڪم کان انڪاري ٿي نٿا سگهن. مون جَي وڏن وڏن نالن جھڙو ڪم ناهي بہ ڪيو، تہ انھن کان گهٽ بہ نہ رهيو آهيان. مان تاريخ جو حصو آهيان. هڪ فقير جو اولاد، ان تي فخرمند آهي ۽ ان ڪري ئي پنھنجي دل سچائيءَ کي ڏسندي، عرض ڪري رهيو آهي، ”مان اوهان مان ئي آهيان.“
ذات پات جو قيد ڪمال آهي. ڪنھن کي بہ ڪنھن جي ذات سان سڏڻ، ذهني سوچ جي هيٺاهين سطح جو ڪمال آهي. ڪنھن جي بہ پورهيي کي لوئڻ ڪوتاه قامتي آهي. جيڪو اندر جي دري کولي درشن ڪري ٿو، اهو وڏي واڪي نہ ڳالھائيندو آهي. سندس نگاھہ ٻُڌائيندي آهي، ”مان آهيان... مان بلڪل آهيان...I am there... I am very much there“
حرفِ آخر:
وقت تيزيءَ سان گذري ويو آهي.
شروعاتي حياتيءَ کان، ڊائري لکڻ جو، اندراج ڪرڻ جو شوق رهيو آهي. اڄ پنھنجي حياتيءَ جا ڪجهہ گوشا، هن تحرير ۾ ظاهر ڪرڻ ٿو گهران:
مان ننڍڙي عمر کان ئي، تنھائي پسند آهيان. اڪيلائپ، ڪتاب ۽ تحرير، سڄي ڄمار منھنجي حياتيءَ جو مرڪز رهيا آهن. اڪيلو رهندي، مان اڃا تائين بہ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ سؤ صفحا سنڌي ۽ هڪ سؤ صفحا انگريزي روزانو پڙهڻ جو عادي آهيان. شين کي نوٽ ڪندو آهيان، لکندو ويندو آهيان، ان ڪري ئي هن ڪتاب جي سھيڙ ۾، تقريبن مڪمل ڊيٽا موجود آهي. 1982ع جو لکيل ’آپا تنوير جوڻيجو‘ جو اڀياس بہ شامل آهي تہ سال 2024ع جو هي آرٽيڪل بہ معنيٰ تقريبن ٻائيتاليھن سالن جو تحريري مواد مون وٽ تاريخن سان سھيڙيل آهي.
اهو منھنجو شوق هيو/آهي ۽ ان ۾ ڪڏهن بہ ڪو اهو خيال ناهي رهيو تہ اهو سڀ ائين ڪَٺو ٿيندو ۽ ڇپجي پڌرو ٿيندو. ’مير حاجن مير‘ صاحب ڪمال انسان آهن، سيوهڻ شريف سان سندن عشق ڪمال آهي. سيوهڻ سان لاڳاپيل شخصيتن بابت ڪتابَ آڻڻ، هُنن ڄڻ تہ پنھنجي حياتيءَ جي اهم مقصدن مان هڪ رکيو آهي. گذريل ٻن سالن کان، هُو لاڳيتا مون کي چوندا رهيا، پر مان ٽاريندو رهيس. مون کي پنھنجي پاڻ تي ڪمينٽس حيران ڪندا آهن. رب ڪريم آهي، جو منھنجي حال کي ڍڪي، مون کي سھڻو ڪري پيش ڪري ٿو. پاڻ کي سچي بہ ان لائق نہ سمجهيم تہ مون تي ڪو ڪتاب اچي ۽ ان لاءِ ئي ٽاريندو رهيس. هڪ ڏينھن، هڪ ڊميءَ پريشان ڪري وڌو. هِتان هُتان ڪري، ’مير صاحب‘ پنھنجو ڪم ڪڍي ويو هو. آرٽيڪلس گڏ ڪري ڊمي موڪلي ڇڏي هئائين.
مون حاجن سائينءَ کان ڏاڍو لنوايو، پر هُنن جي محبت ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. پراڻين ڊائرين، فائيلن، ڪانٽريڪٽس ۽ مجموعن کي ڏٺم تہ هڪڙو ٻيو ’محمود مغل‘ نظر آيم. ’ڍول ڀاءُ‘ زيارتن تان موٽيو، تہ سڄو ڪم سندس حوالي ڪيم ۽ ’مير حاجن مير‘ ۽ ’فقير محمد ڍول‘ جي محبتن جو هي ڳٽڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
مان سچي بہ اهڙي ترتيب نہ رکي سگهان ها. هڪ هڪ شئي پنھنجي جاءِ تي اهم آهي. پنجاھہ سالن جو فني سفر، پنھنجي پوري حُسناڪيءَ سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. توهان وانگر مان بہ پڙهان ٿو، مان تہ حيران ٿيان ٿو، جيتوڻيڪ شڪريہ ادائي منھنجو فرض آهي، اوهان جو الاءِ ڪھڙو حال آهي؟!
ڪريم رب جي ڪرم سان، مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن پوئتي مُڙي ناهي ڏٺو. پنج مئي ٻہ هزار يارهن تي ٽي وي ڇڏي تہ بس، ڪجهہ ئي موقعن تي خاص طور ڀاءُ ’ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ‘ جي محبت ڇڪي وئي آهي. پي ٽي وي پروڊڪشن ۾ جتي سندس الڳ نالو آهي، اتي ئي محبتن ۾ بہ الڳ مقام ماڻي ٿو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ تان ريٽائر ٿئي، ٽي سال ٿيا آهن. پريان در کي سلام ڪري گذربو آهي. تمام اهم پوزيشنس تي ڪم ڪيو آهي ۽ جڏهن رخصتي ورتي آهي تہ پوءِ آخري نگاھہ وجهڻ کان پوءِ ڪڏهن مُڙي نہ نھاريو آهي. فقير جو ڪم، اڳيان هلڻ آهي. ’مولانا رُوم‘ فرمائين ٿا، ”ٿانوَ جو اصل ڪم خالي رهڻ آهي، ڀربو تہ ڪم ايندو.“ هن فقير کي پنھنجي عاقبت ان ۾ ئي نظر ايندي آهي تہ سندس ٿانءُ خالي رهي.
مون پيشي جي حوالي کان ڪڏهن بہ پنھنجي سي وي ناهي ٺاهي. ادا غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جا لک ٿورا، ٻہ دفعا صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزدگيون ويون آهن ۽ هن پنھنجي ڀلارن هٿن سان، هن فقير جي حياتيءَ جا پيشہ ورانہ جُز ڪَٺي ڪيا آهن.
قدرت جو عجيب ڪرم رهيو آهي. نوڪريون سِڌيون مليون آهن. 31 ڊسمبر 1989ع تي هائوس جاب پورو ٿيو، پھرين جنوري 1990ع تي ڊي ايڇ او آفيس ۾ لسٽ لڳل هئي تہ ايڊهاڪ تي اپائنٽمينٽس ٿيون آهن. فقير، ان ۾ دادو ضلعي ۾ ٽيون نمبر ميرٽ تي هو. اتان ’سنڌ يونيورسٽي‘، جتي 29 سال گذريا ۽ پاڻ ئي پروموشنس ٿيندا ويا. ريٽائر ڪيو تہ قدرت ’سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام‘ ۾ نوازيو. ننگيءَ تي ننگ آهي. سي وي ناهي ٺاهي، هائو فارمز ڀريا هوندا، سي بہ ٻہ ڀيرا... پھريون ڀيرو ’سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن‘ جو ۽ ٻيو ’سنڌ يونيورسٽيءَ‘ ۾ ليڪچررشپ لاءِ... باقي هن فقير تي جيڪي ڪرم نوازيون رهيون آهن، اهي سڀ ڳڻپ کان ٻاهر آهن. ’ساجن سڀوئي، منھنجيون ڍَڪيون ڍولَ ڍِلايون‘...
هن سڄي ڪٿا ۾، مان مير حاجن مير، ڀاءُ فقير محمد ڍول ۽ محترم غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جو دليَئون ٿورائتو آهيان، جو هِنن منھنجي علمي، ادبي، نشرياتي حياتيءَ کي ترتيب عنايت ڪئي آهي.
هِن سھيڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، مير صاحب انيڪ ليکڪن کي عرض ڪيو هو، جنھن جو مون کي ٻُڌايو بہ هئائين، پر پوءِ ڪونہ ڪو عُذر، ڪانہ ڪا تاويل تہ هوندي ئي هوندي آهي. نصيب ۾ نہ هو تہ عنايتون ٿي نہ سگهيون. مان سڄي عمر، گهرڻ کان ڪِيٻائيندو رهيو آهيان. سڄي حياتي، رڳو امان سانئڻ ۽ فاطمہ جي وڏي ڀيڻ ’مرحومہ ڊاڪٽر افروز سليم‘ کان ئي ڪجهہ گهري سگهيس. ڪنھن کي پاڻ تي لکڻ لاءِ ڇا عرض ڪريان ها. اندر ۾ الاءِ ڪھڙو واءُ وريو، جو مون بھرحال ٽن مھربانن کي عرض ڪيو. اسلام آباد جي ڀاءُ ’علي حسن عباسيءَ‘ کي، پنھنجي ننڍڙي نياڻي ليکڪا ’شبانہ سنڌي‘ کي ۽ اولاد جيان پاليل ننڍڙي ’عرفان علي ميمڻ‘ کي... هُنن هڪدم منھنجو عرض قبوليو ۽ مون تي قلم سرائي ڪئي. ٿورن ادا ڪرڻ لاءِ مون وٽ سچي بہ لفظَ ڪونھن. مان وڏن نالن کان سدائين لھرائيندو آهيان. اسڪرين تي چمڪندڙ نالا شايد اوهان کي نظر نہ اچن، پر هي نالا منھنجي دل جي اسڪرين تي چمڪن ٿا.
ڪتاب جي سھيڙ، لي آئوٽ، ٽائيٽل ۽ ڊزائيننگ لاءِ ’ڍول ڀاءُ‘ (فقير محمد ڍول)، ’عرفُو‘ (عرفان علي ميمڻ)، ننڍڙو راز (راز محمد لغاري) ۽ ڀاءُ مور (مور ساگر جوڻيجو) جا لک ٿورا... هُنن ڪتاب تي ڌيان ڏنو، ڄڻ مون تي ڌيان ڏنو.
اوهان جو گهڻو وقت وٺڻ تي هي فقير هٿَ ٻَڌي ٿو. سيوهڻ جي خاڪ، درگاھہ قلندر جي جاروب ڪش خاندان، بودلي بھار سائينءَ جي سجادہ جو اولاد، اوهان جي سِڪَ، ڪرم، عنايتن ۽ مَهر جو ٿورائتو آهي، جيڪو اڌ صديءَ ج هن سفر ۾ نصيب ٿيو آهي.
سڀ کان وڌيڪ ڪرم، اُن رب ڪريم جلشانہ جي ذات جو، جنھن هي عرصو عنايت ڪيو ۽ علم و ادب توڙي نشريات جي جھان ۾ هي فقير اڌ صدي گذاري ويو.
عام زندگيءَ ۾ ڏٺو ويندو آهي تہ زندگي، يا تہ ’سَهو‘ هوندي آهي يا ’ڪڇون‘... جڏهن بہ انھن ٻنھي تي ڪنھن جي نگاھہ پوندي آهي تہ سھو تيز، چالاڪ، تڪڙو ۽ ڪڇون، ٻوڌ، لاغرض ۽ فوڪسڊ لڳندو آهي. مان ’ڪڇون‘ گهڻو آهيان، ’سھو‘ گهٽ آهيان، اها منھنجي پنھنجي بابت راءِ آهي. پنھنجي عام زندگيءَ ۾ منھنجي چال تيز آهي، ڳالھائڻ تڪڙو ۽ تِکو آهي، مان اتي جي ’سيھڙ‘ آهيان تہ پنھنجي لِکت پڙهت ۾ ۽ ادبي اوسر ۾ سدائين هڪ ڪَرِي چال هليو آهيان. مان ’ڪڇون‘ آهيان.
پنھنجي علمي، ادبي ۽ نشرياتي سفر ۾ مان هڪ ’ٻوڌ‘ آهيان، جنھن کي گهڻو عرصو رڳو پنھنجي گهر جو رڌڻو هلائڻ جو فڪر رهيو. بيحد لاغرض بہ رهيو آهيان. ڇاڪاڻ تہ مون ڪنھن بہ امير ڪبير، ڏاهي دانشور، بالاعملادار ۽ کاتي جو سھارو ناهي ورتو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽرشپ واري عرصي ۾ مون کي لڳندو آهي تہ مان اڪيلو صاحب هئس، جنھن وٽ اسان جا ڏاها، دانشور، اديب، وزارت، سفارت جا صاحب اچڻ پسند نہ ڪندا هئا ۽ مون کي بہ سچي ڳالھہ تہ ڪا غرض ڪونہ هئي. منھنجو ڪو بلاڪ هيو، نہ آهي ۽ نہ رهندو. مان، الحمدلله پنھنجو بلاڪ پاڻ آهيان. فوڪس، باقي مان سدائين رهيو آهيان. سڄي حياتيءَ مون پنھنجو ڪم پوري ڌيان سان ڪيو آهي.
’عالمتاب تشنه‘ چئي ويو:
جس دن سَي چَلا هون، ميري منزل په نظر هَي
آنکون نَي ڪڀي مِيل ڪا پٿر نھي ديکا
يہ ڦُول ڪوئي مجهي وراثت ۾ ملي هَين
تم نَي ميرا ڪانٽون ڀرا بستر نھين ديکا
پٿر مجهي ڪھتا هَي، ميرا چاهنَي والا
مين موم هون، اُس نَي مجهي ڇُو ڪر نھين ديکا
اِتي ئي، جڏهن کان ٻُڌو اٿم، تڏهن کان ’عنايت بلوچ‘ صاحب جي هنن سِٽن کي هنيين سان هنڍايو اٿم:
منھنجو ڪنھن سان ڀلِي نباھہ نہ ٿئي
نانءُ، تعريف، واھہ واھہ نہ ٿئي
قافلو راھہ ۾ لُٽيو بہ تہ ڇا
منھنجي تاريخ شل تباھہ نہ ٿئي
حڪايتن ۾ اچي ٿو، ڪنھن ﷲ واري پڇيو، ”بابا، ٿانوَ ڌوتا ٿوَ ڪڏهن؟“
عرض ٿيو، ”بلڪل سائين... ٿانوَ ڌوئڻ ۾ ڇاهي!؟“
فرمايو ويو، ”اصل رمز اِها آهي تہ ٿانءُ اندران ڌوئبو آهي، سڄي صفائيءَ ۾ گهڻي صفائي اندر جي هوندي آهي.“
مان محمود مغل، پنھنجي اندر جي ٿانوَ کي صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان، پر جي ڪنھن بہ مھربان وجود کي منھنجي ڪا ڪدورت محسوس ٿي هجي تہ مان هن کان معافي گهران ٿو. گڏ گڏ اهو بہ عرض ڪيان ٿو تہ جيڪو بہ ايندڙ وقت عنايت ٿئي، ان ۾ ’ڀال ڀَلائڻ‘ نہ وسارجو. ڪا ’مدائي‘ هجي تہ ’دليَئون‘ معافي عنايت ڪجو. ڪڏهن ڪوسا نہ ٿيا ڏوراپا ڏيئي...
ڪريم رب، اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجو محتاج رکي- آمين.
مان هڪ ڀيرو وري عرض ڪرڻ ٿو گهران، ”مان اوهان مان آهيان.“
- محمود مغل
]پھرين نومبر 2024ع[
]هن سھيڙ جي آخري سِٽن ۾، مان پنھنجي ڀاءُ ’فقير محمد ڍول‘ جو دليَئون مقروض آهيان، جو هُن پنھنجي دل جي حُضور سان، هِن سڄي سھيڙ ۾ ’مير صاحب‘ جي مدد ڪئي. رب سائين کيس ان جا ڀاڙا ڏيندو- آمين[
