ڪتاب جو نالو: گـيڙوء رَتا خواب
مصنف: واحد ’’سوز‘‘ ملاح
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 679 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 297 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گيڙوءَ رتا خواب“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب اسان جي ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر واحد سوز ملاح جي شاعريءَ جو پنجون مجموعو آهي. واحد سوز ملاح جي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگن جي اپٽار سان گڏوگڏ معاشرتي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جا جتن به قابل داد آهن. سنڌي ادب جي خدمت جو ان کان وڌيڪ ثبوت ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، ...
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب ۽ پبلشر
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • نظم

  • جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،
  • نئون سال مبارڪ!
  • سهڻو شاهه ڀٽائي
  • روز رهون ٿا سوچن ۾ گم
  • مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
  • سنڌ امن جي ڌرتي!
  • ڇا ڳالهه ڪَجي سينگارن جي
  • اي ڊسمبر الوداع
  • ٿر مارن کان ڀاڳ رُسي ويو
  • چنڊ گهٽائي چانڊوڪي جيئن!
  • اُٿو يار ساٿي!
  • قصو عشق جو
  • مجبور صدائون
  • سجاول شهر جي لائبريري
  • قسمت جو آ کيل نِدورو
  • گَهَرو گَهَرو درد رَسائي
  • امن جا گيت آلاپي
  • سگهو سار لهي وڃ
  • وقت مليو ته وري ملنداسين
  • اڃان ياد آهن
  • هڻي اسلام جو نعرو
  • چَپَ ڪُنوارا چُمان
  • سياسي وڏيرو
  • غزل

  • شاعر ہی اعلیٰ مائینڈ ہوتا ہے
  • پوپٽ جا پَرَ وڻيا سُندر،
  • وٺو جي مينهن ماڳن تي وطن گُلزار ٿي پوندو،
  • اَچانڪ ويون ٿي اکيون چار بَس ۾،
  • هٿن ۾ گرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو،
  • موسم ۾ ٿي تبديلي آ،
  • ڏيهه ڏکن جو ڳڙهه آ سارو،
  • حياتي ڏکن ۾ پئي روز ڪٽجي،
  • عقل هوش جاڳي انهيءَ دم پَيوسين،
  • پاڻي بوڊن وانگي دل ڦِسڻي آ،
  • سوچي سوچي ٿڪجي پوندين سوچ ٿڪڻ جي هرگز ناهي،
  • ڏسو پرت ڪيڏي پکين جي وَلر ۾،
  • قانون هتي جو جس لَهي ٿو،
  • عشق اسان جي جند وڃي ٿيندو،
  • ڪڏهن هن قوم جي قسمت مٿي ويچارجي ويهي،
  • اسين غرقور ڳڻتين ۾ اسان کي سُڌ نه ڪائي آ،
  • سونهن ثقافت سنڌ وَندن جي،
  • سورَ اکين جي هردم اوڏا،
  • چَري تو چاهه جي چادر ڇڏي ليڙون ڪَري آخر،
  • الوداع جو ٻُڌي،
  • درد مليو دل روئي وَٺجي،
  • وفا جي سِلي ۾، جفا ٿيو وڃي ٿي،
  • ماڪَ ڦُڙن جيئن پاڪ مُحبّت،
  • ڪنوارن هٿن سان ته پاڻي پياريئي،
  • چُميون چاهتون سڀ وساريون نه هوندئي،
  • نينهن اڃان نبري نه سگهيو آ،
  • قرب ونڊڻ جي عادت دل ۾،
  • پوياڙيءَ جا پاڇا جيون،
  • ڪڏهن سِير ُيا اڌ ڪڏهن پاءُ آهي،
  • ڳالهه منجهان ٻي ڳالهه ڊگهيريون،
  • ڪونه دل جون مُرادون پُڳيون عيدَ تي
  • ڪَشمور ڪراچي ۽ ڪينجهر،
  • سنڌ سدائين رهندي سُرهي،
  • زلف ڇوڙي ڇڏ هوا ۾ ڀل لُڏن،
  • پَـــٽـي مالهي گلابي گل کَپائي چؤنڪ تي ويٺو،
  • چاهت جو تو ٽوڙي ڇڏيو چنڊ ڀَري ڏي،
  • روز ذهن تي وهم وَڌن پيا،
  • ڪونه ڪِٿِ توکي پَسن راهه ۾ رُلندڙ اکيون،
  • دل جو دلبر مِير ڪَيوسين،
  • قرب مُحبّت ميڙن ۾ آ،
  • ڪونه اڃان دل بدلي آهي پنهنجي عادت،
  • ڏاڍا ماڻهو ڏوهه ڪري ٿا سُٿرا ڏِسجن،
  • اوهان جي شهر مان نڪري جڏهن پنهنجي پُناسين گهر،
  • حياتي سور جهڙي آ،
  • منظر ڪي ٺاهيندو اڳتي،
  • ٽهڪَ چپن تان ڪير کَسي ويو،
  • مُحب ملڻ جا خيال هوا ۾ خوب اُڏاري،
  • جيئڻ ڏاڍو تنگ ويو ٿي،
  • قانون سندو ڪو رنگ نسل،
  • اسان وقت سان گڏ ڀَريا پير آهن،
  • دل جي بستي وئي آ اُجڙي،
  • واٽ وفا تي هلندو ڪَر تون،
  • ڏوهه بنا ڏوهاري آهيون،
  • چورڻ وارا چوريندا پيا،
  • جيون جانب ڪَٽيون گڏجي،
  • زلف هوا ۾ ڇوڙي ڇڏ تون،
  • چؤسٽا

  • ”سونهن، سچ ۽ امن جو شاعر“
  • دل چَوي ٿي دادِلو بنجي پوان،
  • وري وقت ايندو بهارون به ڏِسبيون،
  • عشق چڙهي ويو چوٽ پرين آ،
  • نيڻ جڏهن ڀي روئندا آهن،
  • جنهن کان هڪڙي ڳالهه نه پَرندي،
  • وايون

  • شبانه عالماڻي
  • تعبير نه سَگهيا جي ماڻي،
  • اُبتو به لِکيم سُبتو به لِکيم،
  • چانڊوڪين جي ئي چاڳ ۾،
  • گُلشن باغ بَهارن ۾
  • پٿر دل بيوفا خاطر،
  • مُحبت راند ۾ آهيون،
  • حال نه پُڇ تون هيڻا آهن،
  • فضيلت ۽ صبر دل ۾،
  • سَوالن جو سفر جاري،
  • ماڳ تي هر ڪو پُڳو ،
  • ڪنهن ڀي در تي دان نه مِليو،
  • جوئاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
  • پيار ٿي توسان ويو،
  • اسانجو ڪنڌ جيڏانهن آ،
  • ڏس رات اڃان باقي،
  • هَڻي الزام ڪاري آ،
  • دوستيءَ ۾ دلربا،
  • ڌر تتي جن آ ڪئي،
  • نِنڊ نيڻن مان اُٿي،
  • ڏِس شرم جو ٿي پَڪو،
  • پنجوڙ

  • خوشنصيب شاعر
  • امن کسيو وِيو،
  • ڪڏهن نه ڪو دَم،
  • اَچو ته گڏجي،
  • ضرور اَچبو،
  • اُداس جيون،
  • پرينءَ پَچارون،
  • عَجب دنيا ۾،
  • دُکي اسان جي،
  • سَکي هٿن ۾،
  • ڌِيان ڪر تون،
  • نَقاب کولي،
  • پرين پَسين سک،
  • ٿيون جُدا ٻئي،
  • ضَمير وِڪيو،
  • اَمير ماڻهو،
  • آخری پںو

  • ڪتاب ۽ پبلشر

    BOOK NO: (31)

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: گيڙوءَ رتا خواب
    موضوع: (شاعري)
    شاعر: واحد ’’سوز‘‘ ملاح
    ڇاپو پهريون: نومبر 2016ع
    ڪمپوزنگ: شنڪر لال سُکواڻي
    ٽائيٽل: سعيد سومرو
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 250 روپيا

    Gearo`a Rata khawab
    (Poetry)
    By: Wahid soz mallah
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966



    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    سمبارا پبليڪيشن اينڊ بڪ هائوس، حيدرآباد
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس،
    ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    ارپنا

    انهيءَ لاحاصل محبت جي نالي
    جنهن جي لاحاصلات جي باعث ئي زندگي
    ’هزار نعمت‘ بڻي.

    ڏُوريان ڏوريان مَ لَهان، شال مَ ملان هُوت،
    منَ اندر جا لوچ، مَڇُڻِ سا ماٺِي ٿئي.

    (شاهه)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گيڙوءَ رتا خواب“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب اسان جي ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر واحد سوز ملاح جي شاعريءَ جو پنجون مجموعو آهي.
    واحد سوز ملاح جي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگن جي اپٽار سان گڏوگڏ معاشرتي منفي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جا جتن به قابل داد آهن. سنڌي ادب جي خدمت جو ان کان وڌيڪ ثبوت ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو واحد سوز ملاح لڳاتار شاعريءَ جا پنج معياري ڪتاب ڏنا آهن، سنڌ ۽ سونهن سان سچائيءَ جي سرهاڻ سندس شاعريءَ مان هميشه جهلڪندي نظر اچي ٿي. اهوئي سبب آهي جو سندس پڙهندڙن جو وسيع حلقو کيس احترام جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ اهڙو مثبت پاسو هر ڪنهن جون مقدر نه ٿو بڻجي سگهي.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، مهربانيون پياري واحد سوز ملاح جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري پاران:

    سنڌي شاعريءَ جي زرخيزيءَ جي مهڪ سان واسيل ذهن ان ڳالهه کان بخوبي واقف آهن ته ڪهڙن گلن جي خوشبوءَ جو واس وٺڻ سان ذهن ترو تازه ٿي پنهنجي انفراديت جي چاشني سان آشنا ڪري سگهي ٿو،اسان وٽ خاص طور سنڌي شاعريءَ ۾ جتي نوان تجربا ۽ نوان لاڙا متعارف ٿيندي ئي ٿوري وقت ۾ دم ٽوڙي ويهن ٿا، اتي ڪجهه شاعرن جي شاعريءَ جا رنگ پنهنجي اندر ساڳي پختگيءَ سان معنيٰ خيزي ۽ روشن خياليءَ جا احساس روشناس ڪرائڻ ۾ ڪامياب به ٿيا آهن، واحد سوز ملاح جي شاعريءَ جا پنڌ ۽ پيچرا به پنهنجي پويان اهڙا نقش ضرور ڇڏيا آهن، جنهن تي رشڪ اچڻ فطري هجي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگن جي اپٽار سان گڏوگڏ معاشرتي منفي پهلوئن کي به اجاگر ڪرڻ جا جتن به قابل داد آهن. سنڌي ادب جي خدمت جو ان کان وڌيڪ ثبوت ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو واحد سوز ملاح لڳاتار شاعريءَ جا پنج معياري ڪتاب ڏنا آهن، سنڌ ۽ سونهن سان سچائيءَ جي سرهاڻ سندس شاعريءَ مان هميشه جهلڪندي نظر اچي ٿي. اهوئي سبب آهي جو سندس پڙهندڙن جو وسيع حلقو کيس احترام جي نظر سان ڏسي ٿو ۽ اهڙو مثبت پاسو هر ڪنهن جون مقدر نه ٿو بڻجي سگهي.

    واحد سوز ملاح جي اڳ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ’’سڏ، سڏڪا، سارون‘‘، ’’وڃايل مرڪ جي ڳولا ‘‘، ’’سوچون، ساگر ــ ويرون‘‘ ۽ ’’سڪ ۽ سوز‘‘ ۾ شامل ڪوتائون نه فقط سندس حساس پڻي پر سنڌ ۽ سپرين سان سٻنڌ جو چٽو ثبوت پيش ڪري چڪيون آهن، پر ان باوجود به سندس قلم ڪڏهن ٿڪو ناهي ۽ هو ساڳي رواني ۽ رچاءَ سان سلهاڙجي هڪ ڀيرو ٻيهر ’’گيڙوءَ رتا خواب“ جو روپ ڌاري اسان کي اهو باور ڪرائڻ ۾ ڪابه عار محسوس نه ٿو ڪري ته هو بنا ڪنهن هام جي سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِاڃان به پاڻ پتوڙڻ واري مشق تي روان دوان آهي ۽ اسان جي دعا آهي ته شال سندس قلم ڪڏهن به نه ٿڪجي ۽ هو پڙهندڙن کي شعري حاصلات جي ثمر سان سان نوازيندو رهي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مهاڳ

    مهاڳ

    اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم


    نوجوان شاعر واحد ”سوز“ ملاح ڪجهه وقت اڳ مون کي سندس شاعريءَ جي اڻ ڇپيل ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو، مون کيس ڪنهن ٻئي دوست کان مهاڳ لکرائڻ لاءِ چيو پر پاڻ نه مُڙيو، هڪ ڏينهن نيٺ مسودو منهنجي حوالي ڪري ويو ۽ پوءِ مون به هائوڪار ڪئي، جنهن جو خاص سبب هيءُ آهي ته واحد ”سوز“ ذاتي طور سٺي سڀاءُ رکندڙ ۽ محبتون ڏيندڙ ماڻهو آهي. واحد ”سوز“ سنڌ ساڻيهه جو اهو لڳاتار شاعري ڪندڙ شاعر آهي، جيڪو پنهنجا چار مجموعا ڇپرائي چڪو آهي.
    سندس هيءُ مجموعو ”گيڙوءَ رتا خواب“ جيڪو منهنجي سامهون آهي، سو مون هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيو، هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جو سبب هيءُ آهي ته سندس شاعري جي ٻولي، سادگي ۽ رواني پڙهندڙ کي پڙهي پورو ڪرڻ تي آماده ڪري ٿي. واحد ”سوز“ جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو ”گيڙوءَ رتا خواب“ ۾ 20 نظم، 55 غزل، 50 چؤسٽا، 20 وايون ۽ 20 پنجوڙ (سندس لفظن ۾) آهن. سندس سموري شاعري پڙهڻ سان جيڪو تڪڙو تاثر اُڀري ٿو، سو، هيءُ آهي ته سندس شاعري پڙهندڙ تي بار محسوس نه ٿي ٿئي. سڀني صنفن جو موضوع ۽ انهن جو تسلسل ۽ حالِ حقيقت چٽي آهي. ڪٿي به ڪا مبالغا آرائي ناهي، دقيق لفظن ۽ فلسفن جي دقت ناهي، بلڪ هڪ احساس ۽ سرور بخشي ٿي. جڳ مشهور عالم ۽ نقاد هوريس پنهنجي هڪ مقالي ”شاعريءَ جو فن“ ۾ چوي ٿو ته ”ڪو شاعر جيڪو عظمت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر لفاظي ۾ پئجي وڃي ٿو، ٻيو شاعر پنهنجي موضوع جي يڪسانيت ۾ نمونا پيدا ڪرڻ لاءِ غير معمولي ڳالهه اهڙيءَ ريت پيش ڪري ٿو جو وڻن ۾ مڇي ۽ درياهه جي لهرن تي رڍون ٻڪريون ڏيکاري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن فن غائب آهي ته معمولي غلطيءَ سان به زبردست نقص پيدا ٿي پوندا آهن.“
    واحد ”سوز“ جي چڱي ڳالهه هيءَ به آهي ته هيءُ عظيم شاعر ٿيڻ جي چڪر ۾ نه اچڻ جي ڪري گهڻين خامين کان بچي سادگيءَ سان پنهنجا احساس اظهاري رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ سچاين ۽ نج پڻي جو ملهه ئي ناهي. هوريس شاعريءَ جي فن تي بحث ڪندي لکيو آهي ته ”اهو ڪافي ناهي ته شاعري حسين هجي، جيڪڏهن اها ٻڌندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي چاهي ته منجهس اهو جادوئي اثر به هئڻ گهرجي، جيئن مسڪرائيندڙ چهرا انهن طرف ڦرندا آهن ته ڏسندڙ به مسڪرائيندا آهن. ايئن جيئن انهن سان همدردي ڏيکاري ويندي آهي، جيڪي روئندا آهن، جيڪڏهن اوهين مون کي رئاڙڻ گهرو ٿا ته پهرين توهان کي به ان جو غم محسوس ڪرڻ گهرجي.‘‘
    منهنجي خيال ۾ اهو سڀ تخليقڪار جي فن تي به ڇڏيل آهي ته هو ڪهڙي ڏانءُ سان پنهنجي ڏات کي پيش ڪري ٿو. ٽالسٽاءِ ئي فن جي لاءِ ٽن ڳالهين کي ضروري ڄاڻايو آهي جيڪي هن ريت آهن:
    * ٻين تائين پهچائي ويندڙ احساسن جي انفراديت
    * اها چٽائي/سچائي جنهن سان اهو احساس پهچايو ويو آهي
    * فنڪار جو خلوص يا سگهه/ اُڏام جنهن سان تخليقڪار ان احساس کي، جيڪو هو پهچائڻ گهري ٿو، سو خود محسوس ڪري.
    هر اديب يا شاعر کي پنهنجو ماحول، طور طريقا ۽ حالتون هونديون آهن ته اهڙي ريت وري نوعيتون به مختلف هونديون آهن. اسين ڏسنداسين ته سقراط، افلاطون ۽ ارسطو توڙي جو هڪ خطي ۾ رهندڙ ۽ هڪ ئي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا ۽ سندن زماني ۾ به ايڏو فرق نه هو ، تنهن هوندي به سندن حالتون مختلف رهيون ۽ انهن ئي حالتن سندن نظرين ۽ تخليقن کي متاثر ڪيو. ائين جڏهن اسين مختلف قومن جي تخليقڪارن جو مطالعو ڪنداسين ته منجهن اهي فرق نمايان نظر ايندا. اهو ئي سبب آهي جو سندن تخليقن جي سگهه، انداز ۽ اُڏام مختلف رهي آهي. اهڙي ريت ئي قدر به مختلف هوندا آهن. هر زماني جي قدرن ۾ به فرق هوندو آهي. وڪٽر هيوگو جنهن جو نظريو رهيو ته رومانوي فن جديد فن آهي پر زماني بدلجڻ سان حالتون ۽ تاريخي عمل تبديل ٿي ويا ۽ فن تي اثر انداز ٿيا. مطلب ته زمانو، ماحول ۽ حالتون وڏيون تبديليون آڻينديون، اُهي هر اديب شاعر ۽ فنڪار کي متاثر ڪن ٿيون. جيڪو تخليقڪار جنهن زماني ۽ ماحول ۾ رهندو قدر به اهڙا ئي ملندس. گڏوگڏ جيترو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع هوندو تخليل، ڏات ۽ ڏانءُ به اوترو ئي سگهارا هوندا.
    سنڌ جي مشهور شاعر، عظيم استاد ۽ اعليٰ انسان سائين محمد خان مجيديءَ جي شهر سان تعلق رکندڙ واحد ”سوز“ ملاح جي شاعريءَ جي خاص ڪري ٻولي ۽ انداز جا اهي ئي اولڙا پسي سگهجن ٿا. نج سنڌي ٻولي، سنڌ ساڻيهه سان پيار، خير جو خواهشمند، اندر جي احساسن جو سادگيءَ سان اظهار وغيره چٽا آهن. سنڌ ساڻيهه خاص ڪري لاڙ جي رتڙين چانورن جي سُڳنڌن کان ويندي اُتي جي حالتن، جذبن ۽ احساسن جي سُرهاڻ واحد سوز جي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ موجود آهي. هيءُ پنهنجي شاعريءَ ۾ حقيقتن کي اهڙي انداز سان پيش ڪري ٿو، جو سندس پيغام پڙهندڙن جي ذهنن تائين بنهه آسانيءَ سان پهچندي دير ئي نٿو ڪري. چٽو بيان، ٻوليءَ جي سادگي، ننڍا وزن، تجنيس ۽ رواني سندس شاعري جون خوبيون آهن.
    وڏيون ڳالهيون ۽ ڳوڙها فلسفا ڀلي نه هجن پر واحد سوز جي شاعريءَ ۾ هيءَ حقيقت پڌري پٽ آهي. سندس شاعريءَ جي هر اسم جو موضوع پنهنجو ڏيهه، پنهنجا ڏيهي، عام زندگي، پيار ۽ امن آهي ۽ ها امن ۽ انسانن جي ويرين سان نفرت به سندس شاعريءَ ۾ چٽي آهي، جيئن هيٺين سٽن ۾ آهي:
    ڪيو تنگ طالبانن آ،
    سڏائي پاڻ کي مسلم،
    ڪري هُو ڍنگ تبليغي
    پيا هر شهر ۾ پکڙي،
    ٻڌي بم چيلهه پنهنجيءَ ۾...
    چيلهه تي بم ٻڌي ڪهڙا ڪلور ڪن ٿا، انهيءَ کان ساري دنيا واقف آهي.
    ذڪر ٿي چڪو آهي ته سندس شاعريءَ جي هن ڪتاب ”گيڙوءَ رتا خواب“ ۾ نظم، غزل، چؤسٽا، وايون ۽ پنجوڙ (جنهن صنف کي هن پاڻ نالو ڏنو آهي) شامل آهن. پڙهڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ نظميت سان سينگاريل نظمن جي رواني وغيره چڱي نموني موجود آهي. هن غزلن ۽ چوسٽن سان به نڀايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه به ڳڻڻ جهڙي آهي ته سندس ڪن واين جي وراڻي ڏاڍي وڻندڙ ۽ سُريلي آهي. مثال طور:
    سنڌ سموري گهر گهر ووڙيم
    ***
    دل ڪنواريءَ ديس ۾
    ***
    اسان جو پنڌ اوڏانهن آ
    ***
    رات ڪاوڙجي ويئي
    يا هيٺيون وايون:
    تعبير نه سگهيا جي ماڻي،
    ڪئين ڪجن سي ڪيڏانهن هاڻي،
    گيڙوءَ رتا خواب اکين ۾.
    ***
    اُبتو لکيم، سُبتو لکيم،
    درد وري ڀي درد رهيو.
    ***
    هتي سندس شاعري جي ڪن خوبين جا مثال ڏيڻ به ضروري آهن:


    بيان ۽ ٻوليءَ جي سادگي:
    هانڀارو هر هنڌ لڳي ويو،
    ٿر مارن کان ڀاڳ رسي ويو.
    ***
    اڃا ياد آهن اڪن تي ڦلارون،
    اڃا ياد آهن پکين جون اُڏارون،
    اڃا ياد آهن نماڻيون نهارون،
    اڃا ياد آهن پرين هي بهارون...
    ***
    چري تو چاهه جي چادر ڇڏي ليرون ڪري آخر،
    دلين ۾ زهر نفرت جو ڇڏيو ناحق ڀري آخر.

    سندس ننڍن وزنن تي سرجيل شاعري نه رڳو پڙهڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر دلچسپ به محسوس ٿئي ٿي:

    اسان دلبريءَ ۾ ڌڪا خوب کاڌا،
    اسان عاشقيءَ جي رکي پت پرين آ.
    اسان ”سوز“ آهيون دعاڳو اوهان لئه،
    اوهان جنوريءَ کان ڊسمبر خوشيءَ ۾....
    ***
    هٿن ۾ گرم هٿ اوهان جو کپي ٿو،
    مُلائم نرم هٿ اوهان جو کپي ٿو،
    هجي ”سوز“ ڌرتيءَ سندو چاهه جنهن ۾،
    اهڙو ئي ڌرم هٿ اوهان جو کپي ٿو.
    ***

    تجنيس:
    مڪلي، موهن، ڪينجهر منڇر،
    ڀنڀور، ڀتون ۽ ديبل بندر،
    ڪُن ڪلاچي سمنڊ سمورو،
    سنڌ امن جي ڌرتي.....
    ***
    سُک جو جوڙيون ڏيهه سڄو هت،
    آزاد امن جا ڳيرا اُڀ ۾،
    شام صبح بي خوف اُڏن لک،
    چيٽ ڪتيون چانڊاڻ چمن ۾.
    ***
    سندس خيال به نه رڳو وڻندڙ آهن پر نفيس به آهن:

    حياتي سور جهڙي آ،
    تتل تندور جهڙي آ،
    ڪڏهن ڄڻ ٽوهه کان ڪوڙي،
    ڪڏهن انگور جهڙي آ.
    ***
    اسان وقت سان گڏ ڀريا پير آهن،
    رڳو وار اس ۾ اڇا ٿيا ته ناهن.
    منظر ڪي ٺاهيندو اڳتي،
    وقت وڃي ڪاهيندو اڳتي.
    ***
    درد مليو دل روئي وٺجي،
    ڳوڙهن سان منهن ڌوئي وٺجي،
    هڏڪي تيز ٿئي ٿي جنهن دم،
    دلبر جو نالو ئي وٺجي.
    ***
    سڀني حقيقتن کي هڪ پاسي رکي هيءَ ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ”رب، رسول کان پوءِ تون ئي ويساهه ڀٽائي“ جهڙي سٽ جي شاعر واحد ”سوز“ ملاح پنهنجي شاعريءَ جي رياض کي جاري رکندي اڃا به اڳتي اُڀرندو ۽ سندس گيڙوءَ رتا خواب ضرور ساڀيان ٿيندا.

    ڊاڪٽر محمد علي ”مانجهي“
    مڪلي ٺٽو
    08 جون 2016ع


    پنهنجي پاران

    منجهان منهنجي روح

    دل انسان جي سيني ۾ لڳل هڪ فيڪٽريءَ جي مثل آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ خوشيون، درد، غم، پيڙاءُ، حسرتون ۽ خوابن جي دنيا موجود آهي. اُهي سڀئي هڪ ئي وقت انساني زندگيءَ سان وابسته آهن. جيون جو سفر ڪڏهن اوکو ته ڪڏهن سوکو ڪڏهن تمام خوشگوار ته ڪڏهن انتهائي اذيتناڪ روان دوان آهي. خوابن جو سلسلو به سدائين رهي ٿو. هر ماڻهو روزانو رات جو الاءِ ته ڪيترائي خواب ڏسي ٿو. جن ۾ ڪي خوشين وارا ته ڪي وري ڏک وارا ڀيانڪ به هجن ٿا. ڪن جي تعبير ملي ٿي وڃي ته ڪي ساڀيان جي اوسيئڙي ۾ سُنڍ بڻجي وڃن ٿا. هر عاشق پنهنجي من گُهرئي محبوب جي لاءِ انيڪ خوابن، حسرتن ۽ اُميدن کي من ۾ سمائي رکي ٿو ۽ انهن جي آڌار تي من اندر جي اُڌمن کي شاعريءَ جي روپ ۾ ظاهر ڪري ٿو ۽ ڪي پل سڪونت جي سيج ماڻڻ ۾ سڦل ٿئي ٿو. شاعري به اندر جو هڪ آواز آهي. الهام آهي جيڪو سيني به سيني تاقيامت هلندو رهندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ هزارن لکن جي تعداد ۾ شاعر حضرات تي ڏات جي ديوي مهربان رهندي اچي پئي. جيڪي پنهنجي ڏات جي وسيلي پنهنجي من اندر جي ڪيفيت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍ، جبر، ناانصافي ۽ حقن جي لتاڙ جي خلاف قلم جي ويڙهه سان انساني ذهنن ۾ شعور جي لاٽ کي روشن رکيو اچن پيا.
    ادب جون هونئن ته ڪيتريون ئي صنفون آهن، پر شاعر ٿيڻ لاءِ باقاعده سرجن بنجڻو پو ي ٿو. لفظن جي وڍ ڪُٽ ڪري وري انهن کي پاڻ ۾ جوڙي سنيگاري سنواري پيش ڪرڻو پوي ٿو. گهڻا ماڻهو ته فعلن، فعولن، فاعلن جي چڪر ۾ پوڻ جهڙي کانجاڻ مان نڪري ڪهاڻيڪار، ناول نگار وغيره بڻجي وڃن ٿا. هونئن به اُها هڪ قدرت آهي ته جيڪو باقاعده شاعر آهي، اُهو ’’سٺو ڪهاڻيڪار‘‘ نٿو بڻجي سگهي، جيڪو ڪهاڻيڪار آهي، اُهو ’’بهترين ناول نويس‘‘ نٿو بڻجي سگهي. ڇو ته هر صنف جي پنهنجي هڪ الڳ جوڙجڪ آهي ۽ اُن جو موضوع ۽ حُسناڪي به منفرد آهي. اُها جنهن تي مهربان ٿي. ته اهڙي طرح منهنجو به روح شاعريءَ سان لڳي ويو آهي، جيڪو عشق جي حد تائين آهي. جئين شاهه سائينءَ فرمايو آهي ته:
    ڪاتب لکين جئين لايو لامُ الفَ سين،
    اسان سَڄڻ تيئن، رهيو آهي رُوحَ ۾. (شاهه)

    ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شاعريءَ مان ئي موسيقي جنم وٺي ٿي. موسيقي جيڪا هر انسان جي روح جي غذا آهي. تڏهن ته ڀٽائي سرڪار به 22 سُر لکي شاعريءَ کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي.
    شاعر پنهنجي اندر جي ڪيفيتن سان گڏوگڏ عام ماڻهن جي زندگيءَ متعلق دنيا ۾ ٿيندڙ هر ڏاڍ، جبر کان ويندي خوشين ۾ پڻ شامل ٿي لکي ٿو. جيڪو سلسلو صدين کان جاري آهي ۽ تا قيامت جاري رهندو. جنهن کي ڪو به مخالف ڪڏهن به نٿو روڪي سگهي. ڇو ته علمِ شاعري اهڪ اهڙو الهام آهي، جنهن کي ڪير به چورائي نٿو سگهي ۽ نه وري قيد ڪري ٿو سگهي. هر اُهو مضبوط قلم جيڪو ارڏن هٿن ۾ رهندي هميشه حق ۽ سچ لکندو وڙهندو ۽ بي ضميرن تي ملامت ڪندو رهندو ۽ اُهو هن جنم ۾ نئون روپ ڌاري نروار ٿيندو رهندو. بقول جمن دربدر جي:
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو.

    هر باضمير قلمڪار ۽ فنڪار پنهنجي سنڌ امڙ جي لاءِ روح سان لکندو ۽ ڳائيندو آهي. سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جنهن سان اسان جو ازلي اٽوٽ رشتو جڙيل آهي. جيڪو مرڻ گهڙيءَ تائين ساهه سان سلهاڙيل رهندو.
    ڪتاب لکي ڇپائڻ جيترو ڏکيو ڪم آهي، اوترو وري مهاڳ لکائڻ ڪٺن ڪم آهي. اڪثر ڪري نالي چڙهيا اديب ۽ شاعر ته ڪنهن نئين لکندڙ ڪهاڻيڪار يا شاعر کي ته کنگهندا ئي ڪونه آهن، اُهي ڪنهن جي همت افزائي ڪرڻ ته ٺهيو پر مهاڳ جا ٻه اکر لکي ڏيڻ به مناسب نه سمجهندا آهن. پر انهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته وڏا اديبو! اوهان کي هيٺين طبقي جا ئي ادب ذوق رکندڙ ماڻهو پڙهن ٿا ۽ چاهين ٿا. انهن جي ئي دل رنجائڻ مناسب نه آهي. مون کي ته اها به ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته مهاڳ لکرائڻ هروڀرو به ضروري آهي ڇا؟ ڇا مهاڳ کان سواءِ ڪتاب جي ڪا به اهميت ناهي؟ اهو ان جو سرٽيفڪيٽ آهي ته فلاڻي اديب جو مهاڳ لکيل آهي، هاڻي ڪتاب کي چار چنڊ لڳي ويا آهن ۽ هاڻي اهو ڪتاب پڙهڻ جي لائق بڻجي ويو آهي. آخر ڪهڙي ماجرا آهي جو ڪتاب لاءِ مهاڳ ضروري آهي ۽ وري مهاڳ لکندڙ صاحبن کي پٽڪا لاهڻا پون هڪ کان ٻئي تائين ٻئي کان ٽئين تائين ۽ پوءِ جيڪو به لکي ڏئي اهو ضروري ڳالهين ۽ اصلاح ڪرڻ جي بجاءِ ويهي ليکڪ جي مٽي پليت ڪري! ڇا مطلب آهي؟
    مون ڪافي دوستن کي پڙهيو آهي، ڪيترا ئي مهاڳ پڻ پڙهيا آهن ۽ دوستن کي پڻ پرکيو آهي. اڄڪلهه تنظيمون به ياري دوستي نڀائڻ تائين محدود آهن، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن.
    اسان وٽ سنڌي ادب ۾ به ٻن ڪيٽيگرين جا اديب آهن، هڪڙا ڪاٽن ڪلف يعني پنهنجا ۽ دوست نوازڻ واري ته وري ڪي فقير منشَ به آهن، جيڪي اسان جهڙن ناچيزن کي به قدر واري نگاهه سان ڏسن ٿا. اهڙن ئي سڀاويڪ سڄڻن ۾ ڪيترائي نانءُ آهي، جيڪي اڃان به سلهاڙيو اچن ٿا.
    وڏي مهرباني ڊاڪٽر محمد علي ”مانجهي“ جن جي، جنهن منهنجي Request کي مانُ ڏيندي پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه پل ڪڍي مون کي منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو.
    وڏا وڙ ڀاءُ ساجد سنڌيءَ جن جا جنهن پنهنجي ”سمبارا پبليڪيشن“ مان هي ڪتاب ڇپائي مانُ بخشيو. منهنجو هي قلمي پورهيو پنجون ڪتاب ”گيڙوءَ رتا خواب“ جي صورت ۾ اوهان اهلِ ذوق دوستن اديبن جي هٿن ۾ آهي. اوهان پنهنجي منصفاڻي ۽ قيمتي راءِ ڏئي حوصلا افزائي ڪندا. مهرباني.

    واحد ”سوز“ ملاح
    سجاول
    Cell: 03002812075
    03133189400


    نظم

    جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،

    جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،
    ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون.
    ”سرويچ“

    ڪيترو ته خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي سائين سرويچ سنڌ جي خوبصورتي جي، حقيقت ۾ سنڌ آهي به اهڙي جنهن کي جنت چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي، سنڌ جي سونهن جا ٻيا به انيڪ پاسا آهن، ٿر ۽ ڪاڇي جي پنهنجي الڳ ۽ منفرد فطرت جي رنگن سان ڀرپور حسناڪي آهي، جيئن حسن درس چيو آهي ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو. لاڙ جو پاسو ڪراچي کان وٺي ننگر پارڪر تائين خاص سڃاڻپ رکي ٿو، ان ۾ وري ماڃر جو پنهنجو رنگ آهي.
    ماڃر جي مٽي علمي ادبي ۽ ڏات جي حوالي سان تمام زرخيز آهي، جنهن سرويچ سجاولي سائين محمد خان مجيدي، غلام حسين رنگريز، پرويز ۽ قاسم پٿر جهڙا وڏا نالا پيدا ڪيا، ان کان علاوه سليمان شاهه، الهڏنو خاصخيلي، مائي الهوسائي به ماڃر جي مٽي جي پيداوار آهن، اڃا به ٻيا عالم، استاد، شاعر اديب ۽ گهڻا ئي قابلِ ذڪر نالا آهن.
    اُن ماڃر جي ڀونءَ تي اک کوليندڙ خوبصورت ۽ بيباڪ شاعر اسان جو دوست واحد سوز ملاح به آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ شاعري جا يڪا پنج ڪتاب آڻي سنڌي ادب جي کيتر ۾ پنهنجي باقائده سڃاڻپ ڪرائي ورتي آهي. اِها هڪ حقيقت آهي ته شهيد ۽ شاعر مرندا ناهن، شهيدن لاءِ ته قرآن پاڪ شاهد آهي ۽ شاعر پنهنجي تخليقن ذريعي زنده رهندا آهن.
    واحد سوز ملاح جي شاعري فني فڪري لحاظ سان مڪمل سگهاري آهي، هر شاعر حساس هوندو آهي، اُن جي محسوسات عام ماڻهو کان تيز هوندي آهي، معاشري ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، شاعر ان کي جلد محسوس ڪري ان جي نشاندهي به ڪندو آهي ۽ ان جو علاج به ڏسيندو آهي.
    جيئن اڄڪلهه عام ماڻهو کي ڦرڻ لاءِ هڪ انوکو طريقو پيو هلي انعامي اسڪيم جنهن کي سوز هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.
    انعامي ۽ لڪي اسڪيم جي رنگين سپنن جا،
    ڪپتيو پوسٽر هو ڪيئن لڳائي چوڪ تي ويٺو.
    عشق جي اوکي اڻانگي پنڌ لاءِ ’’سوز‘‘ جو هي بند به حقيقت جي خوب عڪاسي ڪري ٿو.
    عشق سندي اڄ تائين ڪوئي،
    پاس ڪري ڊگري نه سگهيو آ.
    هيءَ ڳالهه به ڪيڏي وزن دار ڪئي آ شاعر ته ڏک سور ڪيئن ٿا آساني سان وڪوڙيو وڃن.
    سور چڙهن سڀ پنهنجي سرَ تي،
    ڄڻ ڪا لوڪل لاري آهيون.
    ڏکن سورن دردن مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي ڏسي چوي ٿو
    سور ڪرڻ نيلام گُهريم پر
    ڪونه وٺي ٿو واپاري ڪوئي.
    دعا آهي ته ڏات ديوي ’’سوز‘‘ تي هميشه مهربان رهي ۽ کيس ادبي کيتر ۾ اڃان به مٿاهون مقام حاصل ٿئي. آمين

    محمد ٻارڻ


    نئون سال مبارڪ!

    نئون سال مبارڪ!

    اوهان جي حُسن جو هجي خير هردم،
    اسان زندگيءَ جي سفر ۾ سدائين،
    غمِ درد جا ڍُڪ ڀري روز پيتا،
    اسان جو جياپو مثل ٽوهه بڻيو،
    اسان کان رُسي سڀ بهارون ويون هنِ،
    اسان جي اکين ۾ اڃان اشڪ غم جا،
    اسان جو پياسو اڃان روح روڳي،
    اسان جي خوابن نه تعبير ماڻي!
    اسان جون اميدون ويون خاڪ بڻجي،
    اسان دلبريءَ ۾ ڌِڪا خوب کاڌا،
    اسان عاشقيءَ جي رکي پت پرين آ،
    اسان راحتن ۾ ڪٽيو پل نه ڪوئي،
    اسان بيوفا ڪونه سڏيو اوهان کي،
    اسان ماٺ جو بس رکيو محب روزو،
    اسان جي اکين تي ستم سڀ اوهان جو،
    اسان ڪو نه ڪنهن سان ڪئي ريس ڪائي،
    اسان جي حياتي کُٽي، خير آهي!
    اسان کي جيئڻ جي نه ڪا آرزو آ،
    اسان هي ڊسمبر به تڙپي ڪٽيو آ،
    اسان ”سوز“ آهيون دعاگو اوهان لئه.
    اوهان جنوري کان ڊسمبر خوشيءَ ۾،
    حَسين زندگيءَ جون ته ماڻيو بهارون.
    اوهان کي مُبارڪ نئون سال جانان!


    سهڻو شاهه ڀٽائي

    سهڻو شاهه ڀٽائي


    جڳ ساري ۾ سهڻو لاشڪ شاهه ڀٽائي
    حق ۽ سچ جي آهين تون ئي راهه ڀٽائي
    آ تو ۾ سمجهه عقل ۽ ساڃاهه ڀٽائي
    هيڪر ٿي تون هيڻن جو همراهه ڀٽائي
    درد وندن جي تنهنجي در آ دانهن ڀٽائي
    ڪنهن در دانهين بيوس ۽ بيواهه ڀٽائي
    رب رسول کان پوءِ تون ئي ويساهه ڀٽائي
    سوچ اداسي ٻوڙيو غم اوڙاهه ڀٽائي
    ڏس مارو هي بڻيا بک ۾ پاهه ڀٽائي
    جن جي ڪونهي ٻي ڪائي واهه ڀٽائي
    آ شام صبح لڙڪن ڳل تي ڪاهه ڀٽائي
    غربت جي ئي ڳڻتين ڪڍيا لاهه ڀٽائي
    سورن ساڙي سوگهو رکيو ساهه ڀٽائي
    درد ولر جي من تي هر دم ڳاهه ڀٽائي
    مُند خزان ۾ چوڏس ٿي اونداهه ڀٽائي
    ڏاڍن جوڙيل ڪوٽ ستم جا ڊاهه ڀٽائي
    هيڻن تي هِت روز ٻري پئي باهه ڀٽائي
    روز اٿي ٿي سرد چپن تي آهه ڀٽائي
    تون ٿي حامي سور ستم غم لاهه ڀٽائي
    هرڪو سينو سور سَٿيل سيڻاهه ڀٽائي
    بيوس روئندي ڀٽڪي پيا بيراهه ڀٽائي
    مُرشد ڏي تون سورن کان ته پناهه ڀٽائي
    ظالم جڳ ۾ ڪو به وسيلو ناهه ڀٽائي
    سانگين کي ڏي سک جو ڪوئي ڏاهه ڀٽائي
    سور غمن ۾ برپا ڪر ڪو ٽاهه ڀٽائي
    هر غم کان تون ئي هر پل آگاهه ڀٽائي
    ٿي چوڏس پئي ساوڪ ۽ وڻراهه ڀٽائي
    جيئڻ تان آ ”سوز“ کڄيو ارواهه ڀتائي
    منٿ مَڃي تون تقدير ڦٽل کي ٺاهه ڀٽائي


    روز رهون ٿا سوچن ۾ گم

    روز رهون ٿا سوچن ۾ گم
    ڪونه لٿي اُڀري جي خبر ڪا
    دل جي بنجر ڌرتيءَ تي اڄ
    ڳڻتين جا ڪَئين ڳوٺ اَڏيل هنِ
    ڳهر اداسيءَ جو سايو ڏس
    نيڻ نگر تي روز رهي ٿو
    درد هجر جي پن ڇڻ موسم
    روح رَتورت روز ڪيو آ
    مايوسين جي بي پاڙي ول
    زرد اميدن جو ته ڪيو وڻ
    بي پرواهه سان دل جو سودو
    راس نه آيو گهاٽي ۾ ويو
    ساري ويڌن جو ته سبب هي
    غربت هيڻو حال بڻيل آ
    موت مثل هر پهر لڳي ٿو
    ”سوز“ اڃان ڀي آس جيئڻ جي
    زنده رکيو روز اچي پئي
    توڪل جي ترهي تي ترندي
    جيون جاڙ سفر گهاريون پيا
    شايد ڀاڳ کُلي پئي ٻيهر
    درد غمن مان جند ڇٽي پئي
    دل جي ڌرتي سبز سکي ٿئي


    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان درد ڏسان تو ڪاڻ مٺا
    مان روز سِڪان تو ڪاڻ مٺا
    مان زهر پيان تو ڪاڻ مٺا
    مان روز مَران تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان من ۾ پچان تو ڪاڻ مٺا
    مان هجر لڇان تو ڪاڻ مٺا
    مان مينهن وسان تو ڪاڻ مٺا
    مان لڙڪ پيان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان سک نه سمهان تو ڪاڻ مٺا
    مان رات جلان تو ڪاڻ مٺا
    مان ڏينهن پچان تو ڪاڻ مٺا
    مان ماٺ رهان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان راڄ رُسان تو ڪاڻ مٺا
    مان لوڪ لڙان تو ڪاڻ مٺا
    مان ضد نه لهان تو ڪاڻ مٺا
    مان ڪنهن نه وڻان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان ڀؤنر! ڦران تو ڪاڻ مٺا
    مان ٽار ٽِلان تو ڪاڻ مٺا
    مان عرش رسان تو ڪاڻ مٺا
    مان فرش رهان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان ڳوٺ اچان تو ڪاڻ مٺا
    مان شهر گهمان تو ڪاڻ مٺا
    مان چاهه رکان تو ڪاڻ مٺا
    مان ناز ڪيان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان غزل لِکان تو ڪاڻ مٺا
    مان گيت چوان تو ڪاڻ مٺا
    مان شعر ڪڇان تو ڪاڻ مٺا
    مان لوچ لڇان تو ڪاڻ مٺا

    مان سور سَهان تو ڪاڻ مٺا
    مان جيئڻ سکان تو ڪاڻ مٺا
    مان مرڻ گهران تو ڪاڻ مٺا
    مان نينهن نچان تو ڪاڻ مٺا
    مان ”سوز“ سِڪان تو ڪاڻ مٺا


    سنڌ امن جي ڌرتي!

    سنڌ امن جي ڌرتي!

    سنڌ امن جي ڌرتيءَ تي اڄ
    درد ڏکن جا بادل ڇانيل
    هيڏو قهر انڌير ڏسي هي
    ڪنهنجي ڪن تي جونءِ نه سُري ڪا
    افسوس امن ويو کسجي ليڪن!
    ڪنهن به ذميواري نه قبولي
    سڏڪو سهڪو پهر ويو ٿي
    گهر گهر ۾ آ قهر ويو ٿي
    آرام سڪون کسيو ويو آهي
    سونهن وئي ڌرتيءَ جي اجڙي
    احساس ختم ٿيو هر ڪنهن مان!
    سنڌ امن آزاديءَ جي لاءِ
    ڏاڍ ڏمر ۽ ظلم ڏسي ڀي
    ڪنهن نه غدارن کي للڪاريو
    پنهنجي ووٽن تي جي چونڊيل
    ايوانن ۾ خاموش ستل!
    پاڻ به سڀ پنهنجي ڌرتيءَ تي
    افغان پناهگيرن وانگي ڄڻ
    ڇاڪاڻ نسِت نرڄا ته بڻيا هون
    بيجان رهون ٿا آخر ڇا لئه
    هيءَ ته سموري ڌرتي پنهنجي
    مڪلي موهن! ڪينجهر منڇر
    ڀنڀور ڀٽون ۽ ديبل بندر
    ڪُــــــّن ڪلاچي سمنڊ سمورو
    سنڌو درياءَ لهرون ڇوليون
    ٻيلا ٻنيون ڍنڍون ڍورا
    پهڻ جبل رستا راهون سڀ
    ڪوئل بلبل مور ڪبوتر
    گل ڦل ميوا سبز نظارا
    آثار قديمه درگاهون سڀ
    پوٺن ڳوٺن لوڙهن ويڙهن!
    سنڌي ٻولي جيجل لولي
    اسڪولن آفيسن جا ۽!
    صحرا واري ٿر ٿاڪن جا
    ڀوڏيسر جي ڀونءَ سموري
    تن جا پاڻ ئي وارث ازلي
    پوءِ به رهون ڪن ٽار سدائين
    پنهنجي پاڪ وطن جي گڏجي
    ڇو نه حفاظت پاڻ ڪيون سڀ
    مخدوم، بلاول، صوفيءَ جي
    هوشو، هيمون، دولهه درياءَ
    منصور حلاج ۽ ٻاگهيءَ جي
    تاريخ پراڻيءَ کي ورجايون
    ”مَرسون مَرسون سنڌ نه ڏيسون“
    گهر گهر نعرو عام ڪيون هي
    جنگ امن جي جوٽيون گڏجي
    غيرن سامهون جُهڪڻو ناهي
    پير نه ڪو پٺتي آ هٽڻو
    پنهنجو حق پورو آ وٺڻو
    سک جو سورج اڀرڻ تائين
    ساعت ساهي پٽڻي ناهي
    غير ڪمينا چور تڙي سڀ
    دؤر ختم اونداهو ڪيون هي
    سک جو جوڙيون ڏيهه سڄو هِت!
    آزاد امن جا ڳيرا اُڀ ۾
    شام صبح بي خوف اڏن لَکَ
    چيٽ ڪتيون چانڊاڻ چمن ۾
    سرهاڻ سکن جون هيرون هردم
    ٽهڪ گلابن جا ته ٻُرن جت
    مُرڪ نه ميري ڪنهن جي ٿئي ڪا
    سونهن امن سنسار سڄو هي
    سبز چمن شاداب وڃي ٿي
    ”سوز“ خوشي گهر گام وڃي ٿي


    ڇا ڳالهه ڪَجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪَجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪَجي سينگارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي رخسارن جي
    محب مٺن مڻيادارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي دلدارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا گلڙن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ير! ڳلڙن جي
    هن موتيءَ داڻ ڏندڙن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي مَهڪارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا بُلبلن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا جُگنن جي
    هن شمس و قمر تجلن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي چمڪارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪجي ڪارونجهر جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا منڇر جي
    ڪا نوريءَ ۽ ڪينجهر جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ٿر وارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي


    ڇا ڳالهه ڪجي تو چپڙن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي تو هٿڙن جي
    ناسي ۽ ڀورين اکڙين جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا وارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا حــورن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ڪا مورن جي
    ڳاڙهن ۽ پيلن ڀؤنرن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي گلزارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪجي تنهنجي ٺٺ جي
    ڇا ڳالهه ڪجي هيرن مُٺ جي
    پيئي هاڪ هلي پر پٺ جي
    ڇا ڳالهه ڪجي دل وارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي

    ڇا ڳالهه ڪجي ”سوز“ وفا جي
    ڇا ڳالهه ڪجي ماهه لقا جي
    قرب صنم پاران ته عطا جي
    ڇا ڳالهه ڪجي وهنوارن جي
    ڇا ڳالهه ڪجي سينگارن جي


    اي ڊسمبر الوداع

    اي ڊسمبر الوداع

    ¬¬
    جنوري ۾ نئين سال جي ٿي خوشي
    مُند مٽجي وري ويس پاتو نئون
    فروري ۾ به ساڳيو تسلسل رهيو
    آرزوءَ جا سوين محل من ۾ جُڙيا
    ماهه مارچ هوائون ڪيون تيز ڪجهه!
    دل بهارون پسڻ جون اميدون ڪيون
    خوب اپريل ۾ چيٽ چانڊاڻ ٿي
    پر خبر ڪونه پيئي بهارن سندي
    ڪجهه مئي ۾ تپش سج سندي ٿي گهڻي
    سوچ ويچار جا دَر کُلي سڀ پيا
    جون ۾ لُڪ ڪري ساهه سوگهو ڇڏيو
    هڪ بڊو اڪبري ٻيو ته غربت گهڻي
    ڏينهن جولاءِ جا ٿي وڏا پيا صفا
    ڪونه راحت ملي زهر جيون بڻيو
    مينهن مهينو سڄو منجهه آگسٽ وٺا
    گهر ڪکاوان ڀِڄائي سڀئي چَٽ ڪيا
    ٻوڏ جهڙو لڪاءَ سيپٽمبر ۾ ٿيو
    مال - ماڻهن سندو جاڙ جيئڻ بڻيو
    آڪٽوبر اچي اهنج ٻيڻا ڪيا
    ”پرِ ته پَرِ پَرَ ڏسو هيل ڀي هيل آ“
    سور نومبر ڏنو هر گهڙيءَ ۾ نئون
    سرد موسم کڻي پار آيو اُتر
    الوداع اي ڊسمبر اٿئي الوداع
    سال پورو ڏکن ۾ بسر ٿي ويو


    ٿر مارن کان ڀاڳ رُسي ويو

    ٿر مارن کان ڀاڳ رُسي ويو

    ڪهڙو واءُ ڏکن جو وريو
    ٿر مارن کان ڀاڳ رُسي ويو
    ڏيهه ڏڪار ويو ٿي سارو
    قهر ويو ٿي ڪهڙو نازل
    ٿر جي سونهن وئي آ اُجڙي
    مينهن نه ڪو ڪِٿِ ماڪ وسي ڪا
    چؤڏس رُڃّ ڪري واڪا پئي
    واري بڻجي ٽامون ويئي
    ڏينهن تتل جون ڄڀيون ڄيرا
    پاڻي ڪونهي برپٽ صحرا!
    اَڪ-لاڻين ۽ ڄارين جا ڀي
    پيلا بڻجي پنّ ڇڻي ويا
    ڪربل جهڙو ڪوس ويو ٿي
    مسڪينن جي گهر گهر ماتم
    هندو مسلم هاري ناري!
    درد غمن جي آوي من ۾
    مال متاع ۽ ماڻهن جو ڏس
    بک ۽ اُڃ ۾ تڙپي سَهڪي
    هانڀارو هر هنڌ لڳي ويو
    ڪونه مليو ڪو کاڌو پاڻي
    بيوس بک ۾ پاهه بڻي سڀ
    مور مَري ويا ڍور ڀٽن ڀر!
    تُرت نه حيلو تِن جو ٿيو ڪو
    ظالم پاپي وس وارن کي
    تِر جي ڪائي ڪهلَ نه آئي
    تَــــرَ جا ميـــرَ وڏيرا هڙئي
    اي سي بنگلن ۾ آرامي
    سرڪار چوي! خير مڙئي آ
    معصومن جون اُڀ ڏاريندڙ
    دانهون ڪوڪون ڪونه ٻُڌيون ڪنهن
    گلڙن جهڙا ٻار بکن ۾
    تڙپي سڏڪي ساڻا بڻجي
    موت سندو جي کاڄ ويا ٿي
    تن جي جوڙي پوتي ڪارڻ
    پيءُ امڙ مامون ۽ چاچو
    سوچ فڪر ڳڻتيءَ ۾ ورتل
    هَڙ ۾ موڙي ڪونه رهي ڪا
    غربت جي خنجر سان گهايل
    مسڪين اٻوجهن جي ڪنهن ڇو؟
    سار اڃان تائين نه لڌي آ
    ڪرپٽ ڪامورن جي ئي شل
    ريههَ پوي ڪا ساري گهر ۾
    جن جي غفلت سُستيءَ سان ئي
    هيڏو سارو قهر ويو ٿي
    ناهي خوشيءَ جي پهر ڪٿي ڪا
    ڪانءَ ڪبوتر ڳيري ڪنهن جو
    آهـــيرو ڪنهن وڻ تي ناهي
    ٿوهر ڪونڀٽ ڪانڊيرا ڀي
    سوڪ سبب ٿي ٺڙڪ ويا سڀ
    ڪونه ڀٽن ڀر ڇانوَ رهي ڪا
    ڪونه وَٺو ٿر هيل اڳي جيان
    هرجاءِ راڙو روڄ متل آ
    بيوس ٿيا مجبور لڏڻ تي
    پنهنجا گهر تڙ گام ڇڏڻ تي
    موت ڪري ڏس راڱا ڇڏيا
    هاءِ الا! پنهنجي ته اکين سان
    اجڙيل ٿر جو حال ڏسي اڄ
    رت جا ڳوڙها ”سوز“ رني دل
    مَهر خدايا ڪر تن تي ڪا
    ملڪ ملير مٿي مالڪ تون
    رحمت جا ته ڪڪر برسائي
    ڏيهه ڏڪاريل ٿر جي ساري
    سونهن بحال پوي ٿي هيڪر!
    سندر ساوڪ سونهن پٽن تي
    مور ٽهوڪن ڪارونجهر تي
    مرڪن مَهڪون هر ڪنهن مک تي
    پنهنجو ماڳ وَسائي سانگي
    سُرها جڳ ۾ شال جيئن گڏ!!



    نوٽ: فيبروري 2014ع ۾ ٿر ۾ آيل ڏڪار کان متاثر ٿي لکيل


    چنڊ گهٽائي چانڊوڪي جيئن!

    چنڊ گهٽائي چانڊوڪي جيئن!

    
    چنڊ گهٽائي چانڊوڪي جيئن!
    تنهنجو مون سان قرب پرين ايئن
    نينهن برابر تارازيءَ جيئن
    ڪونه ڪڏهن توري تو رکيو
    چاهت وارا چاڳ چپن تان
    سُرخيءَ وانگي نيٺ لهي ويا
    عشق عقيدت ساڻ اوهان ڏي
    روح سندم هردم آتو آ
    تنهنجا نخرا ناز نرالا
    مايوس صفا ڪن مون هر پل
    عشق مٿي کان تار اوهان سان
    چاهت چنڊ چڪور مثل آ
    مينهن وسي جيئن وارياسي تي
    خشڪ وڃي ٿي جلدي ڌرتي
    ايئن اوهان جي دل ۾ جانان!
    ڪونه رهي ٿي همدردي ڪا
    مون کي سوچون ڳڻتيون هر پل
    هڪ طرفو جي پيار ويو ٿي
    زهر جياپو بڻجي ويندو
    قهر قيامت برپا ٿيندو
    ”سوز“ بچڻ ٿي پوندو مشڪل
    مون کي ڏي من ساٿ وفا جو
    ڪر نه ڍريون چاهت جون ڳنڍيون
    پيچ رهڻ ڏي هر دم پختو
    اوکي سوکي مهل اسان سان
    نينهن نڀائي جانم! مُرڪي
    تون ئي جڳ ۾ جان جياپو
    توبن جيون جاڙ سفر ڪو
    تنهنجو ساٿ سڦلتا منزل
    عرض اگهائي قلب ڪٺل جو
    ڪين جدا ٿي پل ڪو مون کان
    روز مٺي ڪر محبت مون سان.


    اُٿو يار ساٿي!

    اُٿو يار ساٿي!

    اچو ڪيس داخل ڪيون سنڌ جو، ڙي!
    ڪري لانگ مارچ هلون پنڌ جوڙي
    هلي غير جو اڄ ڀَڃون ڪنڌ موڙي
    قلم تير پنهنجا سمورا بڻائي
    اُٿو يار ساٿي! هلو وک وڌائي.

    اسان جون زمينون بيابان آهن
    سُڪي کيٽ ساوا ٿيا ڪونه آهن
    سدائين ته مارو پريشان آهن
    ڀلا ڪير پاڻيءَ سوا اَن اُپائي
    اُٿو يار ساٿي! هلو وک وڌائي.

    ڀلا سور ايڏا سهون ڪيستائين
    پَسي ڏک صبر ۾ رهون ڪيستائين
    هٿن تي رکي هٿ ويهون ڪيستائين
    هلو ڳوٺ وارا قطارون بڻائي
    اُٿو يار ساٿي! هلو وک وڌائي.

    وطن ۾ به پنهنجي اسين بي سهارا
    رهي سمنڊ پاسي رهون ٿا اڃارا
    کڻي حق اسان جا ويا غير سارا
    اچو ”سوز“ سارا وٺون حق چُڪائي
    اُٿو يار ساٿي! هلو وک وڌائي.


    قصو عشق جو

    لڳي دل دنيا ۾ ويا هوش گُم ٿي
    قصو دلبريءَ جو ته ظاهر اکين ۾
    ڪڏهن درد دل تي سوايو رهي ٿو
    ڪڏهن مُرڪ موٽي چپن تي اچي ٿي
    ڪڏهن پل به گهارڻ وڃي جاڙ بڻجيو
    ڪڏهن کل خوشيءَ ۾ وڃي وقت گذريو
    ڪڏهن لڙڪ لارون ڳلن تي رهن ٿيون
    ڪڏهن مُرڪ! پوپٽ چپن تي مِڙن ٿا
    ڪڏهن ياد تنهنجي لهي ڪونه دل تان
    ڪڏهن سوچ دل جي ۾ شامل به ناهين
    ڪڏهن هار سينگار وڻيا نه دل کي
    ڪڏهن ٺينگ ڏيئي ٽپا دل ڪڏي ٿي
    ڪڏهن گيت وايون غزل ڪين لکجن
    ڪڏهن شعر جُڙيو پون ذهن ۾ ڪئين
    ڪڏهن من ڪٿي ڪونه لڳندو پرين آ
    ڪڏهن روح روڳي رڻن ۾ رُلي ٿو
    ڪڏهن شهر وڻندو صفا ڪونه آهي
    ڪڏهن شهر گهمندي لهي سج وڃي ٿو
    ڪڏهن رات توبن ڀيانڪ لڳي ٿي
    ڪڏهن رات راحت ڇڏي ٿي ته بخشي
    ڪڏهن نا اُميدي وڪوڙي ڇڏي ٿي
    ڪڏهن آس ڪائي پوي ٿي ته جاڳي
    ڪڏهن پاڻ پنهنجو وڻان ڪين بلڪل
    ڪڏهن ناز پنهنجو رهي پاڻ تي ٿو
    ڪڏهن ريڊيو ڪونه ٽي وي وڻي ٿي
    ڪڏهن گيت ويهي ٻُڌان ۽ ڏسان مان
    ڪڏهن چنڊ تارا به بي نور ڀانيان
    ڪڏهن روشني ۾ لڳي رات سندر
    ڪڏهن ننڊ ديوي وڃي ڏور رُسيو
    ڪڏهن نيڻ ـــ پينگهن لُڏي رمز سان ٿي
    ڪڏهن حال هيڻو فقيري مثل آ
    ڪڏهن بادشاهن جيان پاڻ! سمجهان
    ڪڏهن وار اڻڀا نه ڪو سينڌ سُرمون
    ڪڏهن سينڌ سرمان ڪري خوب وَڙڪون
    ڪڏهن لوڪ سامهون روئڻ جهڙي حالت
    ڪڏهن ٽهڪ ٽاڪور ۾ وقت گذري
    ڪڏهن خودڪشيءَ جا اچن خيال تريو
    ڪڏهن ساهه دل کي پيارو لڳي ٿو
    ڪڏهن چرس آفيم سگريٽ پيئندي
    ڪڏهن قلب ريجهي مشروب پيئندي
    ڪڏهن ڪُنڊ گَهر جي جهلي محب روئڻ
    ڪڏهن سير تفريح ڪرڻ جي خواهش
    ڪڏهن موت کي پاڻ دعوت ڏيون ٿا
    ڪڏهن شوق جاڳي جيئڻ جو پوي ٿو
    ڪڏهن ڪونه ڪنهن سان حجت ڪا هلايون
    ڪڏهن دوستن کي هڻون خوب چرچا
    ڪڏهن وارياسي ڀٽن جيئن ڀُري من
    ڪڏهن پَهڻ کان ڀي ٿئي سخت ڪيفيت
    ڪڏهن ڄڻ ته ڪاڇي مٿان ڪونج ڪُرڪي
    ڪڏهن ڪوڪ ڪوئل سندي ساهه ۾ ڄڻ!
    ڪڏهن سور سوچون هڻن ڏنگ هر هر
    ڪڏهن راحتن جي ته لولي رهي ٿي
    ڪڏهن ڪل عبادت قضا ٿي ڪري دل
    ڪڏهن نينهن جون ڪل نمازون پڙهي ٿي
    ڪڏهن حالتن جي هٿان تنگ آهيون
    ڪڏهن حالتن سان ڪيون ٺاهه مُرڪي
    ڪڏهن سوچ ڳڻتي اداسي اکين ۾
    ڪڏهن اشڪ آهن خوشين جا اکين ۾
    ڪڏهن بيوسيءَ جا پيل ونگ ڀاري
    ڪڏهن سوچ آزاد آهي سراسر
    ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن سان ڪيون ٻوٿ ماري
    ڪڏهن عاجزيءَ ۾ ملون ٿا سڀن سان
    ڪڏهن ڳالهه ڪائي وڻي ڪونه سچ جي
    ڪڏهن ڪوڙ تي ٿا وڃون جلد وسيو
    ڪڏهن زهر جو ڍُڪ لڳي زندگي ٿي
    ڪڏهن آب ڪوثر جياپو ته پنهنجو
    ڪڏهن باهه جو ڄڻ ٻري مچ هيئين ۾
    ڪڏهن برف وانگي ٿڌو ”سوز“ سينو
    عجب عشق اهڙو ڪيو حال آهي
    مَرڻ ۽ جيئڻ جي نه قابل دنيا ۾
    الا! نينهن نازڪ نهوڙي ڇڏيو آ
    مگر پوءِ به آهيون پياسا حُسن جا
    رهي سونهن پنهنجي ته ڪمزوري آهي
    قصو عشق جو هي اڃان مُختصر آ
    اڃان پنڌ اڳتي کُٽڻ جو نه آهي
    اڃان عاشقي جون اٿئي ڳالهيون اڳتي
    اِهو راز ڄاڻي خدا ئي ٿو بهتر
    حُسن جيسين دنيا جي تختي تي رهندو
    اِهو عشق قائم هميشه ته رهندو
    انهيءَ عشق کان بس ڀلي ماٺ آهي



    مجبور صدائون

    مجبور صدائون

    احساس اُڃارن ۾
    نيڻن جي خمارن ۾
    دل جي ته پڪارن ۾
    محبوب ادائون هنِ
    مجبور صدائون هِن

    هي رات کٽي ويندي
    ۽ باک ڦٽي ويندي
    ڇڪتاڻ ٽٽي ويندي
    پيرن تي سکائون هِــن
    مجبور صدائون هِـــن

    اي چنڊ ٻُڌائي تون
    ڪيئن وقت گذاري هو
    محبوب ملهاري جون
    هِت روز پڇائون هِن
    مجبور صدائون هن

    ڏس گيت پيارن ۾
    آ درد اڃارن ۾
    ڪو ”سوز“ لڇارن ۾
    پيوند ڪٿائون هنِ
    مجبور صدائون هِن.


    سجاول شهر جي لائبريري

    سجاول شهر جي لائبريري

    عِلم اَڻ کُٽ خزانو هيءَ
    سُجاول شهر جي پبلڪ
    ڪُشادي لئبريري آ
    هزارين بوڪس جنهن ۾ هِن
    سياسي سائنسي ۽ ٻيا!
    ادب پي ايڇ ڊي ڪورس
    سنڌي انگريزي اُردو ۽!
    ٻين چوويهه ٻولين ۾
    لِکيل قرآن موجود آ
    ڪهاڻيون شاعري ناول
    ادب جي صنف هر ڪنهن ۾
    ذخيرو آ وڏو بيشڪ
    ستر واري ڏهاڪي کان
    ڪتبخاني سموري کي
    اڪيلي سِر سنڀاليندڙ
    هجي جَس مينڌري کي جنهن
    ٻَچن جي پالنا وانگي
    ڪتابن کي سنڀاليو آ
    صبح ۽ شام جو ڊيلي
    مَقامي هر خبر سان گڏ
    انعامي بانڊ ۽ ٽينڊر
    ڪري محفوظ فائل ۾
    سنگت ۽ عام ماڻهوءَ سان
    سندس ورتاءُ آ مِٺڙو
    ڪئين حاڪم ۽ ڪامورن
    گُهمي تاثر لِکيا بهتر
    ادب جو ذوق رکندڙ لئه
    وڏي آ ترجماني هيءَ
    دنيا جي ڪيترن مُلڪن!
    سَندي گَهڻئي ته ٻولين ۾
    هِتي ڊيلي جون اخبارون
    پڙهڻ لاءِ رکيل تازيون
    سُجاول شهر جا واسي
    پڙهڻ تازيون اچن خبرون
    پنجين کان رات نوَ تائين
    وڏي رونق هوندي آهي
    هتان سي-ايس جو ڪورس
    ڪري ٿيا ڪيئي سوڀارا
    وٺي ڪي نوڪريون چڱيون
    ويا بڻجي ته آفيسر
    هتي هر ڪنهن ئي شعبي ۾
    رکيل ڪورس ڪتابن جا
    سڀئي ترتيب سندر ۾
    سَٿيل هر ڪائي الماري
    ڪري ڪو فيض جي حاصل
    عِلم لاحد ڪري حاصل
    سگهي ٿو مفت گهر ويٺي
    ادب جي باغ مان بيحد
    ملي ٿي روح کي راحت
    تڏهي هي ”سوز“ روزانو
    وٺڻ تسڪين ويندو آ
    مُحبت مان ته حاجيءَ جي
    وڃي ڍُڪ چانهه پيئندو آ
    عِلم عَظمت ادب واري
    پئي خوشبوءَ اچي جنهن مان
    سُجاول شهر جي پبلڪ!
    اُهائي لئبريري آ...!!!







    قسمت جو آ کيل نِدورو

    قسمت جو آ کيل نِدورو


    غربت ڳڻتيءَ جهڙو جڳ ۾
    مرض نه موذي آهي ڪوئي
    سوچن ۽ سُڏڪن ۾ لڇندي
    چين ڦٽي آرام وڃي ٿو
    زرد پنن جي موسم جهڙا
    عَڪس اکين ۾ روز رهن ٿا
    سوچ اداسيءَ جا هُردي ۾
    زاغ هڻن ٿا چهنگون هردم
    مُرڪ سنديون ريکائون مک جون
    تبديل ٿين غم! ڪيفيت ۾
    اوجاڳن ۾ حالت هيڻي
    راحت وارا روح منجهاران
    رنگ وڃن ٿا سارا وکري
    مونجهارن ۾ ڦاٿل هرپل
    ماڻهو ڪهڙي راهه وٺي سو!
    خودڪش بڻجي جان وڃائڻ
    هي به وڏو آ ڏوهه سَراسر
    وس وارن جي منهن ۾ ڏسندي
    پنهنجي جائز حق جي خاطر
    روئندي رڙندي سال لنگهي ويا
    ڪونه برابر حق مليو ڪو!
    ڏاڍن جو هي ڏيهه سمورو
    مسڪين سندو هِت ڏوهه جيئڻ آ
    قسمت جو آ کيل نِدورو
    ”سوز“ وري ڀي رب هيڻن جو
    درد دلين جي دانهن قبولي
    تاري غم مان پار ڪندو سو
    وقت نه ساڳيو رهندو سوئي
    سک جو سورج اُڀري پوندو
    راحت واريون هيرون گُهلنديون
    روشن راهون بڻبيون سک جون
    هيڻن جو هن جڳ ۾ گهارڻ!
    جيون سوکو بڻجي پوندو.


    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    
    آڌيءَ رات اٿي ٿو ڳائي
    چارڻ ويٺو چنگ وڄائي
    دل جا ويتر چاڪ چڪائي
    منهنجي ٿو هو ننڊ ڦٽائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    رات به ڪيڏي ڪاري آهي
    نيڻن مان جَر جاري آهي
    تات پرينءَ جي تاري آهي
    ڪارا ڇڏيم ڪپڙا پائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    ڪوئل ٻولي نِم جي وڻ تي
    باهيون ڀَڙڪن من جي رڻ تي
    دل ٿي تانگهي مُحب ملڻ تي
    ڪير ڀلا ڪو محب گُهرائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    ڪنهنکي سرس ته ڪنهن کي ٿورو
    درد ملي ٿو گَهَرو گَهَرو
    پنهنجي غم ۾ هر ڪو پورو
    ويٺو هرڪو سور سڻائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    هير گهلي ٿي ٿڌڙي ٿڌڙي
    رات ٺري پئي مٺڙي مٺڙي
    روشن روشن اُجري اُجري
    ايڏو مون کي ڪين سِڪائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    سوچون اڏري آيون دل ۾
    ويهي شور مچايئون دل ۾
    تنهنجا پور پچايون دل ۾
    الفت جا ڪي ديپ جلائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي

    دل جي دَرَ تي دستڪ ڏيندو
    واحد موت اچانڪ ايندو
    هڪ ڏينهن وٺي آخر ويندو
    ڏاڍو روئندين حال وڃائي
    گَهَرو گَهَرو درد رَسائي


    امن جا گيت آلاپي

    گلابن جا کڻي گلڙا
    ڏيون مهراڻ کي ڀيٽا
    وَڄائي گيت ڌرتيءَ جا
    ورهائي مَڻ مٺاين جا
    ملهايون ايڪتا جو ڏڻ
    سدائين موج مستيءَ ۾
    وَهي پيو ٻارهوئي شل
    ڪنڌيون مهراڻ جون ٻيئي
    رهن سرسبز ۽ سايون
    ڪبوتر مور ڳيرن جون
    جتي لاتيون مٺيون گونجن
    چمن پيا ڀؤنر گلڙن کي
    گل و گلزار ڌرتي ٿئي
    لڳن هيرون ڏکڻ واريون
    ڀلاري ڀونءَ پنهنجيءَ تي
    ڪڪر رحمت سندا برسن
    ٻنين ٻارن مَٿي ساوڪ
    رهي سرهاڻ کيتن ۾
    خوشيون گهر گهر اچن موٽي
    ڏکن جا ڏينهن وڃن تڙجي
    غمن ۽ درد ڳڻتيءَ جي
    گُهٽيل موسم منجهان نڪري
    وڏا ڪي ساهه کڻي سک جا
    خدا جا ”سوز“ شڪرانا
    مَڃي سک سان جيون گڏجي
    ثقافت سنڌ پنهنجيءَ لئه
    امن جا گيت آلاپي
    ڀٽائيءَ ۽ سچل جو سچ!
    ڏيون پيغام هر ڪنهن کي
    اسين رکوالا ٻوليءَ جا
    اسان جو دين آ الفت
    اسان جي آ مٺي ٻولي
    امن ايڪي ثقافت جو
    ملهايون ڏينهن مُرڪن سان.


    سگهو سار لهي وڃ

    سگهو سار لهي وڃ

    مَٽي چار مُندون ويون سالَ ۾ ڏِس
    الئه ڇا ته گذري ويو ڪالهه ۾ ڏِس
    پچي انب پيلا ٿيا پال ۾ ڏِس
    وڍي انب ڦارون رکيم ٿالهه ۾ ڏِس
    ٿيا طعام مون لئه اوهان بن ڪسارا
    سگهو سار منهنجي لهي وڃ خدارا!

    لنوي ڪانگ گهر جي اڱڻ تان اُڏامي
    ڪري کوڙ سوچون پئي دل اُڀامي
    ڪڏهن دل سڙي ۽ ڪڏهن ٿي اُجهامي
    رڳو نا اُميدن هٿان ٿي ڪُسامي
    پيا نيڻ روئن اوهان لئه اُڃارا
    سگهو سار منهنجي لهي وڃ خدارا!

    پئي شاخ جَرَ مان وهي تار جاني!
    پيا راند ڪُنڌري ڪڏن ٻار جاني!
    هوا تي وڻن جا لڏن ٽارَ جاني!
    اوهان جي اسان کي لڳي سارَ جاني!
    اڱڻ تي اسان جي هلي آ پيارا!
    سگهو سار منهنجي لهي وڃ خدارا!

    وڻن اوٽ ۾ آ ڪئي ڪوڪَ تاڙي
    مٿان تيز ڪاڙهو پيو هانءُ ساڙي
    رُنا نيڻ ڏاڍو گرم لڙڪ ڳاڙي
    پرين ڪونه آيا جنم جي ڏهاڙي
    ڏکن ۾ بڻي ”سوز“ هيڪر سهارا
    سگهو سار منهنجي لهي وڃ خدارا!


    وقت مليو ته وري ملنداسين

    وقت مليو ته وري ملنداسين
    نينهن نه ٽوڙي ڇڏبو اڌ ۾
    ساٿ سلامت رهندو پنهنجو
    ڏک ۽ سک ۾ ساٿي هردم
    عشق عقيدت جي ئي وڻ کي
    پرت وفا جو پاڻي ڏيئي
    سردي گرمي جيون ـــــ گاڏو
    گهاٽي واڌي ڌڪڻو آهي
    من جي اُجري صاف ڪڏهن ڀي
    سوچ ٿيڻ ميري نه ڏينداسين
    توسان هيج اُهو ئي رهندو
    تِرَ! نه برابر گَهٽبو جانان!
    وقت ڀلي ڪهڙو به اچي پر
    عشق ا ُتم اعليٰ ئي رهندو
    ڪندو پرور پاڪ ڀلائي
    ڳڻتي سوچ فڪر ناهي ڪو
    تون ئي جانب جند جياپو
    تنهنجون يادون ساڻ هينئين ۾
    تيسين مون وٽ مُحب امانت
    جيسين دوريون دور ٿين سڀ
    ساهه سڳو جيسين مَن سُرندو
    لوڪ سڄو ڀل هڪڙي پاسي
    نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائي
    توڪل ترهي تي من تَرندي
    سمنڊ ڏکن جو پار ڪنداسين
    توسان سِر جو سودو آهي
    وقت نه ويري ٿي پئي پنهنجو
    باقي ڪنهن ۾ ڪو دم ناهي
    پنهنجو ساٿ ڇڏي ڪو ٽوڙي
    سونهن وفا جي ديوي تون آن
    منهنجي سپنن جي تون راڻي
    توبن منهنجي ذات نه ڪائي
    تون ئي منهنجي ”سوز“ سُڃاڻپ
    تو ڪاڻ مِٺي جڳ ۾ جيئنداسين
    وقت مليو ته وري ملنداسين.





    اڃان ياد آهن

    اڃان ياد آهن


    اڃان ياد آهن پُراڻا ٺڪاڻا
    اڃان ياد آهن ملڻ جا ته ٽاڻا
    اڃان ياد آهن سخن روح راڻا
    اڃان ياد آهن سندءِ محب ماڻا
    سڀئي ناز انداز واريون ادائون
    وساري سگهي دل نه تنهنجون وفائون

    اڃان ياد آهن لڙي شام جا پَل
    اڃان ياد آهن پکين ــــ لام تي هُلَ
    اڃان ياد آهن بِــلو ويسَ پاتل
    اڃان ياد آهن ڀنل نيڻ ڪاجل
    سندءِ زلف ڪارن سنديون ڪي گهٽائون
    وساري سگهي دل نه تنهنجون وفائون

    اڃان ياد آهن اُهي ڏينهن راتيون
    اڃان ياد آهن لڳل قرب ڪاتيون
    اڃان ياد آهن گڏيل يار ڇاتيون
    اڃان ياد آهن چپن ۾ ته باتيون
    سَٺو لوڪ کان ٿيو نه ٽوڙي وڌائون
    وساري سگهي دل نه تنهنجون وفائون

    اڃان ياد آهن اَڪن تي ڦُلارون
    اڃان ياد آهن پکين جون اُڏارون
    اڃان ياد آهن نماڻيون نِهارون
    اڃان ياد آهن پرين هي بهارون
    ٻَڌي هٿ وڃڻ لئه ڪيون تو صدائون
    وساري سگهي دل نه تنهنجون وفائون

    اڃان ياد آهن اُهي ڀوڳ چَرچا
    اڃان ياد آهن ڀري چانهه سُرڪا
    اڃان ياد آهن ڏنئي ٽهڪ هَلڪا
    اڃان ياد آهن سندءِ ماءُ دَڙڪا
    سکن جون هيون روز گهلنديون هوائون
    وساري سگهي دل نه تنهنجون وفائون

    اڃان ياد آهن ملڻ روز تنهنجا
    اڃان ياد آهن ڏنل روز تنهنجا
    اڃان ياد آهن سخن ”سوز“ تنهنجا
    اڃان ياد آهن مٺي پوز تنهنجا
    وري دل ڪري پئي مِلڻ لئه سُکائون
    وساري سگهي دل نه تنهنجون وفائون.


    هڻي اسلام جو نعرو

    هڻي اسلام جو نعرو


    هڻي اسلام جو نعرو
    ڪيو تنگ طالبانن آ
    سڏائي پاڻ کي مسلم
    ڪري هُو ڍنگ تبليغي!
    پيا هر شهر ۾ پکڙي
    ٻڌي بم چيلهه پنهنجيءَ ۾
    عِبادت گاهه جِـي تَـــنَ کي
    سدا ڪن خون سان ريٽو
    چون: آهيون جهادي سڀ
    سني شيعا وهابي ۽
    جَٿو ڪو قاديانين جو
    سڏائين پاڻ کي اعليٰ
    الله جل شان آ هڪڙو
    رسولِ پاڪ پيغمبر
    ڪلامِ پاڪ ڀي هڪ آ
    اَمن ۽ ڀائيچاريءَ جو
    ڏنل ڀي درس جنهن ۾ آ
    حديثِ پاڪ پيغمبر!
    سدا ترميم تنهن ۾ ٿا
    ڪري مسجد اندر واعظ
    قرآني آيتن سان گڏ
    دنياوي ۽ سياست جون
    ڪِنيون ۽ بي روا ڳالهيون
    ڪري بڪواس روزانو
    سڏائين ٿا وڏي واڪي
    وڏا حقدار جــنــــّت جا
    اسين آهيون اسان جون اُت
    سوين حورون ڪنديون خدمت
    لکين معصوم جانين جو
    ڪري قتلام هي ظالم
    لَڄائي دين پنهنجي کي
    سدا اسلام جي نالي
    وٺي خيرات غيرن کان
    جسم هڏ خون ماڻهن جو
    وڏي ٿا ريٽَ ۾ وڪڻن
    شريعت جي ته نالي ۾
    لِکي من گهڙت ڪي نسخا
    ڪري گمراهه ماڻهن کي
    ڀتا خوري ڪري پنهنجي
    پيا ڏس پيٽ کي پالين


    چَپَ ڪُنوارا چُمان

    بس رڳو هڪ دفعو زندگيءَ ۾ مِلون
    بس رڳو اک هڻي خوب مُرڪي کِلون
    بس رڳو ٻانهن جا هار پائي ٽِلون
    بس رڳو هٿ هٿن ۾ ڏئي گڏ هلون
    رات تو وٽ رهي زلف ڪارا چُمان
    ها اِها آس آ، چَپَ ڪُنوارا چُمان

    بس رڳو درد جي رات ڪاري کُٽي
    بس رڳو غمزده سوچ ساري کُٽي
    بس رڳو آهه تي آهه زاري کُٽي
    بس رڳو ڳل مٿان لڙڪ لاري کُٽي
    سج پَسي سک سندو چنڊ تارا چُمان!
    ها اِها آس آ، چَپَ ڪُنوارا چُمان

    بس رڳو غير کان اک بَچائي هَلون
    بس رڳو دوستي کي نڀائي هَلون
    بس رڳو ڏک وٺي سک ورهائي هَلون
    بس رڳو سک سندا گيت ڳائي هلون
    تون جتان من مَــٽين سي به چارا چُمان
    ها اِها آس آ، چَپَ ڪُنوارا چُمان

    بس رڳو مُند ڪا مينهن واري ٿئي
    بس رڳو گل ٽـــڙن سبزداري ٿئي
    بس رڳو غم وڃن دل اڇاري ٿئي
    بس رڳو پاڻ ۾ قربداري ٿئي
    سونهن سچ جا لِکي گيت سارا چُمان
    ها اِها آس آ، چَپَ ڪنوارا چُمان

    بس رڳو روهه تان محب ڪونجون ورن
    بس رڳو هت امن جا ڪبوتر اُڏن
    بس رڳو ٺاهه ڪيئي ٺڳيءَ جا ٽٽن
    بس رڳو پرت مان من پريمي ملن
    سونهن وارا، پيارا نظارا چُمان
    ها اِها آس آ، چَپَ ڪُنوارا چُمان

    بس رڳو سنڌ جو پاڪ دامن رهي
    بس رڳو هي نظم ”سوز“ ضامن رهي
    بس رڳو ڦل پڪل وڻن جي لامن رهي
    بس رڳو ڀونءَ جي پرت هر من! رهي
    جيت پنهنجي ٿئي ڏڻ سُکارا چُمان
    ها اِها آس آ، چَپَ ڪُنوارا چُمان


    سياسي وڏيرو

    سياسي وڏيرو

    سياسي وڏيرو، وڏي پيٽ وارو،
    هي ڪنهنجو به هرگز سڄڻ ڪو نه ٿيندو.
    هي مسڪين بيوس، اٻوجهن جو دشمن،
    هي پنهنجو سدا ڀڀ ڀريندو رهي ٿو.
    هي ڪوڙو منافق، وڏو ٺڳ ازل کان،
    هي ٻنيون کسي ۽ ٿو ونيون ڦٻائي،
    هي چورن، لُٽيرن جو ساٿي پراڻو،
    هي چوريون ڦرون ۽ ٿو قبضا ڪرائي،
    هي رهزن دغاباز پنهنجا نوازي،
    هي مظلوم هارين سندو رتو پيئي ٿو،
    هي کڻيو سمورو وڃي ان کري مان،
    هي ناحق غريبن جو ويري ٿيو آ،
    هي پاپي وياجي، بڻيو آهي حاجي،
    هي پنهنجو هلائي حڪم بيوسن تي،
    هي زناني زميندار، بي پير نپٽو،
    هي گاڏي وڏي ۾ ڪري ٿو تڪبّر،
    هي پنهنجي خدا کان ڊڄي ڪو نه ڪنهن پر،
    هي ڇڙواڳ گهوڙي مثل دٻدٻي سان،
    هي ڌرتي تي دهشت پکيڙي ٿو هر دم،
    هي سمجهي پيو بادشاهي سندس آ،
    مگر هن مُئي کي خبر ناهي شايد،
    اُتي خير شر جو، چٺو سامهون ايندو،
    وڏيري کي جوڳي سزا خوب ڏيندو.


    غزل

    شاعر ہی اعلیٰ مائینڈ ہوتا ہے

    اسلام علیکم!

    سب سے پہلے تھوڑی سی گفتگو شاعری کے حوالے سے ہوجائے! شاعر اور شاعری کیا ہے؟ شاعری ایک بہت ہی اعلیٰ فن ہے جو ہر آدمی کے بس کا کام نہیں!

    شاعر ہی اعلیٰ مائینڈ ہوتا ہے ہر وقت ، ہر دور میں جو ہمیشہ وہ فیل کرتا ہے اور وقت کا کوئی بھی حکمران یا جابر انسان اس کا کچھ نہیں بگاڑ سکتا۔ شاعری ہماری ملک کے اردو، سندھی، پنجابی، سرائکی، پختون ، بلوچی کلچرز کو زندہ رکھتی ہے اور ہمارئے ملک کے تمام ادبی ثقافتی تمام کلچرز ان شاعروں کی بدولت ہی زندہ ہیں، مسٹر واحد ''سوز'' ملاح صاحب ایک بہت ہی بلکہ بہت ہی اعلیٰ مائینڈ شاعر ہیں اور اس کی سندھی شاعری کی تقریبا چار بکس مارکیٹ میں موجود ہیں۔ ''سڈ، سڈکا، سارون'' (سڏ، سڏڪا، سارون) ونجایل مرک جی گولا''(وڃايل مرڪ جي ڳولا) ’’سوچوں، ساگر ،ویروں،‘‘ ’’سک اور سوز ،‘‘ اور اب ماشاءاللہ، اللہ پاک کے کرم سے پانچویں بک ''گیڑو رتا خواب'' جو حال ہی میں شائع ہوکر مارکیٹ میں آررہی ہے۔

    واحد ''سوز'' ملاح بہت اچھے زندہ دل شاعر ہیں! میری اللہ بزرگ و بترک کی بارگاہ میں بیشمار دعائیں کہ وہ عظیم ذات! مسٹر واحد ''سوز'' ملاح صاحب کو شاعری میں اعلیٰ مقام، عزت و شہرت و سربلندی عطا فرمائے۔ آمین۔

    ایک چھوٹے سے شعر پر اختمام کہ:

    ''واحد! تیری ذات سے پہلے پیغام رسان اور بھی ہونگے،
    رہے دنیا میں نام تیرا! تجھ پر بیان اور بھی ہونگے۔

    العارض

    حمیدہ پروین
    اردو، سرائکی، شاعرہ
    صحافی ممبر پریس کلب مخدوم رشید ملتان شریف


    پوپٽ جا پَرَ وڻيا سُندر،

    پوپٽ جا پَرَ وڻيا سُندر،
    رَنگ اکين ۾ بَڻيا سُندر.

    ڳاڙها ساوا نوٽ هٿن ۾،
    ڪيشيئر ويٺي ڳڻيا سُندر.

    هُن جي مُرڪ چپن تان موتي،
    محفل ۾ لک ڇَڻيا سُندر.

    نِـــيرن نيڻن ۾ ٿا پَسجن،
    هيرا موتي مَڻيا سُندر.

    الفت ۾ هر وقت حَسينن،
    پيرَ وفا جا کڻيا سُندر.

    ”سوز“ سُکي سنڌ جيئي جڳمڳ،
    سوڍا پُٽ جنهن ڄڻيا سُندر.









    وٺو جي مينهن ماڳن تي وطن گُلزار ٿي پوندو،

    وٺو جي مينهن ماڳن تي وطن گُلزار ٿي پوندو،
    اَمن سک شانتيءَ سان هي چمن مَهڪار ٿي پوندو.

    ڪري گجگوڙ ڌرتيءَ تي چئوماسو جڏهن وسندو،
    سکيو سائو ستابو ملڪ هي چوڌار ٿي پوندو.

    خدا خود خاص ڪندو مهر جي مسڪين مارن تي،
    غمن ڏک سور صدمن کان جياپو ڌار ٿي پوندو.

    مَريڙو ساڳ کَٽلاڻي ڪِرِڙ گولاڙ ۽ ڪَنڊڙا،
    سنگهارن جو سَرِ بازار ۾ واپار ٿي پوندو.

    چڙهي جي چنڊ چؤنري ڀر وڇايون چاڳ چانڊوڪيون،
    سمورو ٿر اڇو اُجرو مثل سينگار ٿي پوندو.

    جڏهن سَرسبز ٿي پونديون ڪنڌيون مهراڻ جون ٻيئي،
    پَسي ڇوليون خوشيءَ ۾ پوءِ ته هرڪو تار ٿي پوندو.





    







    اسان جي سنڌ ڌرتيءَ کي اچي ويرين وَڪوڙيو آ،
    انهيءَ ڳڻتيءَ فڪر دل کي صبح سانجهي ڌَلوڙيو آ.

    سدائين سنڌ سانگين جي غريبي حال تي سوچي،
    اسان پنهنجو ذهن ماٽي مَهي وانگي وِلوڙيو آ.

    سياسي ٺڳ وڏيرن جي رڳو سَکڻن دلاسن تي،
    ڪري سک جون سَڌون مسڪين ماڻهن خوب لوڙيو آ.

    امن جون جِن هنبوڇيون ٿي هنيون هر موڙ تي هردم،
    اُنهن هٿ ساڻ ٻيڙو قوم پنهنجيءَ جو ته ٻوڙيو آ.


    هتي سک جي گلابن جي ڪلي هرڪا ٽڙڻ کان اڳ!،
    ستمگر سوچ سان تنهن کي دنيا بيدرد ٽوڙيو آ.

    امن سک جو جنازو پيو کڄي هر روز ڌرتيءَ تان،
    رقيبن بي وجه ماحول کي ناحق وڳوڙيو آ.

    اسان کي هر سياسي رهنما ڪوڙا ڏٽا ڏيئي
    ڪڍي مطلب سدا پنهنجو وري پوءِ منهن موڙيو آ

    غلاظت گندگيءَ ۾ وئي وطن جي سونهن سَڀ اُجڙي
    مِليو ڪنهن موڙ تي ناهي امن کي روز ووڙيو آ

    هتي رهزن بنهه پاپي غريبن جي ته دشمن کي،
    شرافت جو لقب ڏيئي عدالت ڇوٽ ڇوڙيو آ.

    اسانجي پاڪ ڌرتيءَ جو امن ڪيئن آ ويو اُجڙي،
    ڪڏهن ڪنهن ڀي نه سوچي راز هي باطن پَروڙيو آ.

    صفا ڌارين منجهان اڙجي ويا اهڙا آهيون يارو!
    اسان ناحق انهن سان دين جو ناتو ته جوڙيو آ.

    اسان جي ديس جو دشمن بڻيو آ ”سوز“ جيڪو ڀي،
    اسان هر سوچ پنهنجيءَ جو مٿس ڀونڊو گَروڙيو آ.




    اَچانڪ ويون ٿي اکيون چار بَس ۾،

    اَچانڪ ويون ٿي اکيون چار بَس ۾،
    اکين ئي اکين جو ته اظهار بَس ۾.

    ڇڏي ڪم ته منهنجا ويا هوش هَڙئي،
    نشو نينهن جو ويو چڙهي تار بَس ۾.

    نگاهون ملڻ سان بنا ڪنهن به قيمت،
    دلين جو ٿيو خوب واپار بَس ۾.

    پکي ڪير ڪهڙي هُيا ماڳ جا پَر!
    اسان پيار تن تي وڌا ڄار بَس ۾.

    حجابن کي ٽوڙي اسان عشق واري،
    ڪُڏي راند اوکي بڻي ٻار بَس ۾.

    متان ڪير سمجهي وٺي هيءَ پرولي،
    مگر ڪونه ورتو سَماچار بس ۾.

    گهڻو دل ٿي چاهيو وجهي ٻک ملون پر،
    ائين هو ڪرڻ يار! دُشوار بَس ۾.

    جڏهن وقت آيو جدا ٿي وڃڻ جو،
    تڏهن ”سوز“ لڙڪن ڪئي لار بَس ۾.


    هٿن ۾ گرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو،

    هٿن ۾ گرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو،
    مُلائم نرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو.

    پشم وار يا ڪي بهارِ چمن جيان،
    نِماءِ ارم هٿ اوهان جو کپي ٿو.

    سفر دوستيءَ جو ڪبو توڙ جانان!
    هميشه ڀرم هٿ اوهان جو کپي ٿو.

    ڪجانءِ معاف مونکي خطائون سموريون،
    اسان تي ڪرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو.

    دنيا جي نڀاڳن خفن مان ڪڍي ڙي!
    صنم سو خُرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو.

    هجي ”سوز“ ڌرتيءَ سندو چاهه جنهن ۾،
    اهڙو ئي ڌرم هٿ اوهان جو کَپي ٿو.

    (1) خرم: بخت وارو شاداب
    (2) ڌرم: ايمان، عقيدو


    موسم ۾ ٿي تبديلي آ،

    موسم ۾ ٿي تبديلي آ،
    جذبن تي ڀَڙڪي تيلي آ.

    ماهه ڊسمبر جي سرديءَ ۾،
    سوچ ٺري ٿي وئي پيلي آ.

    سک ڏي سوري پير پٿون ٿيا،
    واٽ سموري پٿريلي آ.

    سور غمن جي باهه بدن تي،
    دکندي رهندي بس ڊيلي آ.

    من جي سبز بهاري ساري!
    مند خزان جيءَ ئي ڀيلي آ.

    درد مليا جي! مون کي تن جي،
    شوخ طبيعت نخريلي آ.

    جيون جاڙ سفر ويو بڻجي،
    چاهت جي نه چکي جيلي آ.

    ”سوز“ وري ڀي ڳڻتي ناهي،
    پنهنجو ساڻي رب ٻيلي آ.


    ڏيهه ڏکن جو ڳڙهه آ سارو،

    ڏيهه ڏکن جو ڳڙهه آ سارو،
    ڪونه سُجهي ٿو سک جو چارو.

    ماڻهن جي هڪٻئي لئه دل ۾،
    نفرت جو ته چڙهي ويو ڄارو.

    مند نه هڪ جهڙي آ رهڻي،
    درياءَ به ڪڏهن وهندو اوڀارو.

    ڪونه نبار ملي ٿو ڇا لئه،
    روز اٽو کائون ٿا ڏارو.

    جيون موت سندو کاڄ سدا،
    هر ڪنهن جو آ اچڻو وارو.

    پاپين نفرت جو آ ڦهليو،
    گند غلاظت گپ ۽ گارو.

    ڪونه سَلا ڪي موريا سک جا،
    هر ڪنهن من ۾ غم جو پارو.

    وکري وئي ڏس قوم سموري،
    عرش مٿي جيئن تارو تارو.

    ”سوز“ ڪکايل ٻالڪ وانگي،
    هانءُ هڄي ٿو روز ڏکارو.


    حياتي ڏکن ۾ پئي روز ڪٽجي،

    حياتي ڏکن ۾ پئي روز ڪٽجي،
    ڪيم کوڙ حيلا نٿو درد گهٽجي.

    هجر جا سوين سور ٽڪرون هڻن ٿا،
    انهيءَ سوچ ۾ پيو ذهن هي ڦٽجي.

    هُجي کوٽ الفت سندي جنهن به دل ۾،
    ڪري ترت پاسو انهيءَ کان ته وٺجي.

    هِتي روز وحشي ته بازن چنبن ۾،
    امن جو پکي پيو صبح شام جهٽجي.

    چئي ڳالهه منهن تي سرِ عام ڏي تون،
    سندءِ روح ۾ جا پئي روز وٽجي.

    سڄو باغ گلزار جنهن گل سبب آ،
    اُهو گل گلابي ڪڏهن ڪين پٽجي.

    ڪرڻ غير سان ٺاهه ٿو ايئن ڀاسي،
    ڇڏي پَٽ مٿي ٿُڪَ وري سا ته چٽجي.

    رهن روح ۾ ٿا ڪري راڄ جيڪي،
    انهن کان نه منهڙو ڪڏهن ”سوز“ مٽجي.


    عقل هوش جاڳي انهيءَ دم پَيوسين،

    عقل هوش جاڳي انهيءَ دم پَيوسين،
    جڏهن وقت نڪري هٿن مان وَيوسين.

    ڏئي ڌوڻ پنهنجي مَٿي تي رکي هٿ،
    فڪر سوچ ۾ سِر سراسر سَٽيوسين.

    سُکن جا سڀئي پل هٿن مان وڃائي،
    اڙي! هي اچانڪ ڪري ڇا ڇَڏيوسين.

    اسان راهه ترقيءَ سندي ڪونه ورتي،
    تڏهن روز نقصان سِر تي کنيوسين.

    رکي سمجهداريءَ سندي سوچ دل ۾،
    نه ڪو غور ويچار ڪنهن تي ڪيوسين.

    ٽٽي دل دنيا ۾ تنهاين ۾ رهندي،
    هجر ۾ اندر هي سمورو جَليوسين.

    وري ”سوز“ قسمت به پوندي ته جاڳي،
    اڃان آسرو ڪونه رب مان پَليوسين.


    پاڻي بوڊن وانگي دل ڦِسڻي آ،

    پاڻي بوڊن وانگي دل ڦِسڻي آ،
    ڳالهه نه راز سندي جنهن ۾ ٽِڪڻي آ.

    سونهن مٿان ٿي هيج منجهان هرکي پئي،
    نازڪ اهڙي پٽڙي ڄڻ کِچڻي آ.

    وونءَ وڃي ٿي درد هجر جي ڌڪ کان،
    ميدان مُحبّت ۾ بس ڊڄڻي آ.

    عشق ۽ مشڪ سندي ڪا خوشبوءَ يارو،
    لوڪ اڳيان نه ڪڏهن هرگز لِڪڻي آ.

    عشق نپٽ آ نانگ! سڀن جي اهڙي،
    ڳالهه ته زوري ذهنن ۾ وجهڻي آ.

    ڪير نه پَرکي ”سوز“ سگهيو اڄ تائين،
    ڪنهن دم روئندڙ ۽ ڪنهن دم کِلڻي آ.


    سوچي سوچي ٿڪجي پوندين سوچ ٿڪڻ جي هرگز ناهي،

    سوچي سوچي ٿڪجي پوندين سوچ ٿڪڻ جي هرگز ناهي،
    سوچ ذهن ۾ ايندي رهندي موٽ ڪرڻ جي هرگز ناهي.

    رات وِهامي ويندي ليڪن! ننڊ نه نيڻن ۾ ڪا ايندي،
    اڻ تڻ سڏڪا ۽ سوچن ۾ ننڊ اچڻ جي هرگز ناهي.

    ماڻهن جي فطرت کان شايد واقف ڪونه ٿيو تون آهين،
    ڪيڏو تن کي سمجهائي پر سمجهه پوڻ جي هرگز ناهي.

    نازڪ شيشي جهڙي دل کي ظالم وحشي دنيا ۾ تون،
    سورن صدمن کان رک پاسي سور سهڻ جي هرگز ناهي.

    سک جي موسم ساٿ ڇني آ ويندي ڪنهن ڀي وقت اچڻ تي،
    درد هجر جي سردي گرمي مند مَٽڻ جي هرگز ناهي.

    جنهن جو قسمت ساٿ ڇڏي آ ويندي ان کي ظالم جڳ ۾،
    ڪنهن ۾ ڪا به اميد اجائي آس رکڻ جي هرگز ناهي.

    روز خيال نوان ڪي دل ۾ ڪونجن وانگي لهندا آهن،
    سوچ وڃي ٿي رلجي تن سان دور رهڻ جي هرگز ناهي.

    ”سوز“ هدايت ڪر لک ڀيرا پر نه ڇڏيندي دلبر جو دَر!
    پنهنجي ئي مت واري آهي دل ته مڃڻ جي هرگز ناهي.


    ڏسو پرت ڪيڏي پکين جي وَلر ۾،

    ڏسو پرت ڪيڏي پکين جي وَلر ۾،
    رهن ساڻ گڏجي سدا جهنگ جَهر ۾.

    خدا خوب تن کي صبر سان نوازيو،
    امن ڀائپي سان رهن ٿا صَبر ۾.

    دنيا ۾ نه ايڏو لطف چيز ڪنهن ۾،
    مَزو آهه جيڏو مُحبّت ثمر ۾.

    دنيا ڌن ۽ دولت کڻي ڪونه ڪو ويو،
    سُٺو آ نه پئجي دنيا جي چَڪر ۾.

    اصل ڄاڻ ڪنهن مان ملي ڪونه سگهندي،
    وڏو فرق اخبار ٽي وي خَبر ۾.

    اسان عشق الفت حُسن تي لکيو آ،
    وزن بحر تي ۽ لکيو آ نثر ۾.

    ملي موٽ الفت سندي ”سوز“ اهڙي،
    سدا ياد دل ۾ ته رهندي قبر ۾.


    قانون هتي جو جس لَهي ٿو،

    قانون هتي جو جس لَهي ٿو،
    ڏس نوڙيءَ مان ڪيئن نانگ ٺهي ٿو.

    رشوت سڻڀي صاف ڏسندي آ،
    پوءِ حرڪت ۾ هر وقت رَهي ٿو.

    ساوا نوٽ ڏسي ڪيئن صاحب جو،
    چَڙهندڙ پارو پوءِ ترت لَهي ٿو.

    سيٺ وڏيري جي ئي چرچ سبب،
    هيڻن تي ته قلم خوب وَهي ٿو.

    پير ڏٺو ڄڻ ته مُراد پُني ڪا،
    اِنصاف ملڻ جو محل ڊَهي ٿو.

    قانون انڌي کان هرڪو ڀڄندو،
    باز ڪنان جيئن ڳيرو به ٽهي ٿو.

    ڀونءَ سندي ڀاڳين جون لک جنهن ۾،
    پورو سو اُميدن تي نه لهي ٿو.

    ”سوز“ ڏوهاري سو ئي وڏو آ،
    سچ جي منهن تي ڳالهه ڪَهي ٿو.


    عشق اسان جي جند وڃي ٿيندو،

    عشق اسان جي جند وڃي ٿيندو،
    ساهه ۾ ڄڻ پيوند وڃي ٿيندو.

    روح وفا جا راڳ چوي پيو ڏس،
    تنبوري جي تند وڃي ٿيندو.

    الفت عيوض درد دَغا دوکو،
    رشتن ۾ ڏس گند وڃي ٿيندو.

    ياد فڪر جو ته سڳو سيني ۾،
    ڦاهيءَ جو ڄڻ ڦند وڃي ٿيندو.

    عشق سندو ته سفر پار ڪجي ڪيئن،
    ونگ وَڪڙ ۾ رَند وڃي ٿيندو.

    احساس سندو جذبو ته دلين مان،
    گهٽجي آخر بند وڃي ٿيندو.

    سار پرينءَ سان روح سندم روڳي،
    روز مِٺو گُلقند وڃي ٿيندو.

    ”سوز“ پَنو جيون جو وٽجي ڏس،
    ڄڻ ته بهارون چند وڃي ٿيندو.


    ڪڏهن هن قوم جي قسمت مٿي ويچارجي ويهي،

    ڪڏهن هن قوم جي قسمت مٿي ويچارجي ويهي،
    بڻي بدبخت ڇو آخر ذهن بيدارجي ويهي.

    امن ۽ پيار جي ڌرتي تپي ٽامون وئي بڻجي،
    حقيقت حال ماضي جي سڄي اظهارجي ويهي.

    سڪونت سانت جا ڳيرا ڪبوتر هيٺ لهندا پر!
    مُحّبت مِيٺ لفظن سان کِلي ڳٽڪارجي ويهي.

    سموري قوم وڻ وڻ جي ته ڪاٺي ٿي وئي وِکري،
    انهيءَ کي ڀروسي جوڳو ڪري سهڪارجي ويهي.

    محبّت جا سلا ساوا ڦُٽي ڌرتيءَ مٿي پوندا،
    گلابن جو گسن تي جَر وري ڇٽڪارجي ويهي.

    رڳو ڪفلت سبب اُجڙي چمن ڌرتي سندو ويو آ،
    وفا جي مُرڪ خوشبوءَ سان وري سينگارجي ويهي.


    اسين غرقور ڳڻتين ۾ اسان کي سُڌ نه ڪائي آ،

    اسين غرقور ڳڻتين ۾ اسان کي سُڌ نه ڪائي آ،
    اسان جي ملڪ ۾ يارو! چون ٿا عيد آئي آ.

    لٽا ميرا چَتين وارا ڀلا پهري وڃون ڪيڏانهن؟
    غريبت جي غمن سورن سڄي هيءَ جان گهائي آ.

    اسان کي عيد واڌايون هِتي ڏيندو نه ڪو وٺندو،
    اسان ڄڻ شهر پنهنجي ۾ عمر گهاري اَجائي آ.

    اُتي ڪهڙيون ڪجن عيدون ڏجن ڪيئن عيد واڌايون،
    جتي مسڪين ماڻهن کي ملي سک جي نه پائي آ.

    ڀلي عيدون اُهي ئي ڪن خوشيون جن سان سدائين گڏ،
    اسان جي حال غربت هيءَ حياتي وهه بنائي آ.

    رڳو دهشت سندي بدبوءِ پئي هر موڙ تي پَسجي،
    انهيءَ ماحول ۾ سک جي رکڻ تمنا اَجائي آ.

    لڏي وئي لوڪ مان الفت اچي ويو دؤر ڪلفت جو،
    فقط پنهنجي ته مطلب جي وڌي ويئي وَبائي آ.

    اُنهن جي ”سوز“ مک تي رب سدا مُرڪون رکي قائم،
    نوان پائي وڳا جن عيد پنهنجن سان مَلهائي آ.


    سونهن ثقافت سنڌ وَندن جي،

    سونهن ثقافت سنڌ وَندن جي،
    ٻولي مٺڙي پيار اَمن جي.

    اَجرڪ ٽوپي وارن جي ڏس،
    سندر ڪيڏي لوڏ لکن جي.

    مون کي سڀ کان وڌ آ وڻندي،
    واهڻ وستي سنڌ چَمن جي.

    مور ڪبوتر ڳيرن سامهون!
    ٻولي وڻندي ڪونه ٻگهن جي.

    ٻاتا جن جي ٻول لبن تي،
    ٻالڪ سي پهچان وَطن جي.

    ساوڪ ۽ سرهاڻ پَسي آ،
    سونهن وڻي مهراڻ ڪَپن جي.

    رنگ ثقافت جا پيا جَرڪي،
    ڳالهه وڏي آ ويس وَڳن جي.

    ”سوز“ الله تي توڪل آهي،
    ڳڻتي ناهي درد غَمن جي.


    سورَ اکين جي هردم اوڏا،

    سورَ اکين جي هردم اوڏا،
    جيون بڻيو دڏِڪا لوڏا.

    خواب سڙي سڀ رک ويا ٿي،
    جيئن سڙن ٻٻرن جا ڇوڏا.

    نينهن نمازون پڙهندي پڙهندي،
    ڦٽجي پير پيا ٻئي گوڏا.

    فطرت کان مجبور ڏٺا مون،
    انڌا منڊا ڪاڻا روڏا.

    جيون جاڙ سفر ۾ آيا،
    روز اُٺن جيڏا ڪئين لوڏا.

    دل ڌرتيءَ تي درد هزارين،
    سمنڊ ڪنڌيءَ ڄڻ وکريل ڪوڏا.

    ”سوز“ لڳي ٿو ڊپ ماريندو،
    موت ڏسي ٿو ڦاڙي دوڏا.


    چَري تو چاهه جي چادر ڇڏي ليڙون ڪَري آخر،

    چَري تو چاهه جي چادر ڇڏي ليڙون ڪَري آخر،
    دلين ۾ زهر نفرت جو ڇڏيو ناحق ڀَري آخر.

    غمن جي ڪّن گهري ۾ ٻڏي وئي نانوَ سوچن جي،
    فڪر ۾ ساهه مُٺ ۾ آ ٻُڏل ٻيڙي تري آخر.

    وچن ۽ واعدا جيڪي ڪيا تو ڪونه پاريا پر!
    اڃان ڀي آسرو آ واعدو من ڪو پَري آخر.

    جيئڻ جي آس جا جُگنو اڏاميو ڏور پيا اُڏرن،
    اِچيو ٿي خودڪشيءَ جي سوچ ڀاڪر ۾ ڀَري آخر.

    هينئين ۾ سور سوچن جا ڀـــڀڙ هر روز ٿا ڀَـــڙڪن،
    ڪيم ڪَنَ ٽــــار ڏاڍي پَر نٿو سينو ٺري آخر.

    اسان جي پيار جو پنڇي تنواري روز تاڻي ٿو،
    ٻڌائي ڪيئن مٺا ماڻهو اوهان جي ٿي سَري آخر.

    فقط احساس جا ئي هٿ مَلي افسوس ڪر مورک!
    ويل جو وقت هٿ مان سو ڪڏهن ٿو ڪيئن وَري آخر.

    اڃان خود پاڻ ڀي سمجهي سگهيو ناهيان سندم دل کي،
    الئه ڇو بيوفا جي ڪاڻ ٿي ايڏو مَري آخر.


    الوداع جو ٻُڌي،

    الوداع جو ٻُڌي،
    دلربا دل ڌُٻي،

    تو چيو پئي وڃان،
    ڄڻ مٿان وڄ ڪري.

    التجائون ڪيم،
    ڪونه تو هڪ ٻُڌي.

    پيار ۾ هار ۾،
    ٿي لڄي زندگي.

    وقت ويريءَ ڪئي،
    يار! ويڌن وَڏي.

    راس آئي نه آ،
    تو سوا هر خوشي.

    آس هرڪا ڪُٺي،
    چوٽ اهڙي لڳي.

    ”سوز“ توکان ڇڄي،
    رات روئندي ڪَٽي.


    درد مليو دل روئي وَٺجي،

    درد مليو دل روئي وَٺجي،
    ڳوڙهن سان منهن ڌوئي وَٺجي.

    هڏڪي تيز ٿئي ٿي جنهن دم،
    دلبر جو نالو ئي وَٺجي.

    نازڪ نينهن ڳنڍي پوءِ يڪدم،
    پيچ ڪري پختو ئي وَٺجي.

    جڳ ۾ سک سان جيئڻ جو ڪو!
    ڪنهن کان رايو ڪوئي وٺجي.

    پنهنجي مُڙسيءَ سان حق پنهنجو،
    دشمن کان ته سَڄو ئي وَٺجي.

    سونهن نگر جو سير ڪرڻ لئه،
    رستو پوءِ دل جو ئي وٺجي.

    ”سوز“ وکر دل کي ته وڻي جو!
    پهچ مطابق سوئي وَٺجي.


    وفا جي سِلي ۾، جفا ٿيو وڃي ٿي،

    وفا جي سِلي ۾، جفا ٿيو وڃي ٿي،
    بَشر آ، بَشر کان خطا ٿيو وڃي ٿي.

    جڏهن پيار ۾ ڪو مِلي درد غم ٿو،
    سڄي زندگي پوءِ سزا ٿيو وڃي ٿي.

    رکي سَڌَ سکن جي جيئڻ ڪو گهُري ٿو،
    تڏهن هر خوشي لاپتا ٿيو وڃي ٿي.

    طبيعت رُکي شوخ محبوب سامهون،
    پٿر دل مُلائم صفا ٿيو وڃي ٿي.

    ڪڏهن شومَ ظالم بنهه بيوفا کان،
    ذري قرب جي ڪا ادا ٿيو وڃي ٿي.

    حياتي مٿي ڪين بانور ڪجي ڪو،
    حياتي ڪڏهن بي بقا ٿيو وڃي ٿي.

    دنيا جي خفن ۾ ڪڏهن نينهن واري،
    نماز به پڙهڻ کان قضا ٿيو وڃي ٿي.

    عجب عشق ۾ ”سوز“ رکيل راز ڪهڙو،
    دوا ۽ دعا لادوا ٿيو وڃي ٿي.


    ماڪَ ڦُڙن جيئن پاڪ مُحبّت،

    ماڪَ ڦُڙن جيئن پاڪ مُحبّت،
    پنهنجي آ بيباڪ محبّت.

    جڳ ساري ۾ سُهڻل سائين،
    هلندي پنهنجي هاڪ محبّت.

    لوڪ نه تن کي ٽوڙي سگهندو،
    جن جي آ چالاڪ محبّت.

    جادو نگريءَ جهڙي تنهنجي،
    ڄڻ ته لڳي ٿي ڪاڪ محبّت.

    هاڻ جياپو مون لئه تون آن،
    منهنجي تون خوراڪ مُحبّت.

    ”سوز“ ڪنوارا زلف چمڻ جي!
    منهنجي آ هيراڪ محبّت.


    ڪنوارن هٿن سان ته پاڻي پياريئي،

    ڪنوارن هٿن سان ته پاڻي پياريئي،
    قسم سان ڪٺل کي نئين سِرِ جياريئي.

    کولي زلف ڪارا ته گهاٽا مٿان مون!
    ڪري ڇانوَ دل جا سڀئي ٿڪ وِساريئي.

    صفا حُور جهڙي لڳين تون صنم ٿي،
    اسان کي ته اهڙو احساس ڏياريئي.

    سڪون رات ساري ته ڪيڏو مليو هو،
    سندءِ بخملي ٻانهن تي من سُمهاريئي.

    ڀَـــري ڇرڪ سپني سهاني مان اُٿيس،
    ڪري ڪِتڪتوڙي صبح جو اُٿاريئي.

    ڪئي تو وڃڻ جي وِيم ساهه نڪري،
    ڪري الوِداع ٿي نماڻي نِهاريئي.

    سچو پيار سهڻي سسئي جي مثل تو!
    ڪري ڳوٺ ۾ ڳالهه پنهنجي بِهاريئي.

    ڀَري ”سوز“ پنهنجي ڪُنوارن ٻکن ۾،
    جنت جا نظارا اکين ۾ ڏيکاريئي.


    چُميون چاهتون سڀ وساريون نه هوندئي،

    چُميون چاهتون سڀ وساريون نه هوندئي،
    مِٽيون قلب تان سي ملهاريون نه هوندئي.

    سُرهي شام ويلي مِلڻ خوب پنهنجو،
    وساريون گهڙيون سي سونهاريون نه هوندئي.

    سڄي رات روئي تڪي راهه جانم!
    سُتيون محب اکڙيون ڪنواريون نه هوندئي.

    رُسي پل خوشين جا ته ويندئي سُهانا،
    اڱڻ تي اُهي اڄ بهاريون نه هوندئي.

    اسان جيئن ويهي سڄي رات جانان!
    ڪيون ڪنهن به اهڙيون ڪچاريون نه هوندئي.

    سندم ياد جون ڪونجون من جي اڱڻ تان،
    ڪري ”سوز“ ڪاوڙ اٿاريون نه هوندئي.


    نينهن اڃان نبري نه سگهيو آ،

    نينهن اڃان نبري نه سگهيو آ،
    دل جو پٿر پِگهري نه سگهيو آ.

    روز تريون ڏئي تڙيان ليڪن!
    دل مان غم نِڪري نه سگهيو آ.

    هردم هن جي ياد هينئين ۾،
    منٽ به ڪو وِسري نه سگهيو آ.

    هر پل وهه جيئن لَهجو هُن جو،
    پل ڪو ٿي مِصري نه سگهيو آ.

    مُرڪ سندو ميٺاج لبن تي،
    پل بڻجي لِپري نه سگهيو آ.

    صحرا من ۾ سک جو ڪوئي!
    سنگ اڃان نِسري نه سگهيو آ.

    عشق سندي اڄ تائين ڪوئي،
    پاس ڪري ڊِگري نه سگهيو آ.

    درد هجر ۾ ڪوماڻو جو!
    ”سوز“ ڪڏهن نِکري نه سگهيو آ.


    قرب ونڊڻ جي عادت دل ۾،

    قرب ونڊڻ جي عادت دل ۾،
    چانڊوڪيءَ جي چاهت دل ۾.

    احساسَ اڃارا روز لُڇن ٿا،
    ٿر! وارياسي حالت دل ۾.

    قاتل نظرن سان قربت جي،
    روز ڏيو ٿا دعوت دل ۾.

    معصوم اُميدن جو تو ڪيو،
    روز قتل ۽ غارت دل ۾.

    الفت جو اظهار ڪرڻ لئه،
    ساري نه سَگهيس طاقت دل ۾.

    آس وڃي ٿي پوري هِڪڙي،
    ”سوز“ رهي شل راحت دل ۾.


    پوياڙيءَ جا پاڇا جيون،

    پوياڙيءَ جا پاڇا جيون،
    بڻجي ويو ڇا مان ڇا جيون.

    بيوس بار ڪُلهن تي گَهلي،
    درد غمن جا لاشا جيون.

    لوهه قلم جو لکيو ڀوڳي،
    دِڏِڪا لوڏا ٿاٻا جيون.

    سوچ فڪر جي ڪات ڪيو آ،
    سيرون پائي ڀاڱا جيون.

    ٽوهه مثل ويو بڻجي پنهنجو!
    ڪيڏو اَمرت ڌارا جيون.

    چوٽ لڳي ويو چيهاڙيون ٿي،
    ريشم سُٽ جيئن ڌاڳا جيون.

    ”سوز“ سکن جو پل ڪو ناهي،
    ٿي پيو ڪِرچيون ڪاوا جيون.


    ڪڏهن سِير ُيا اڌ ڪڏهن پاءُ آهي،

    ڪڏهن سِير ُيا اڌ ڪڏهن پاءُ آهي،
    هينئين ۾ ته چڀندو رهيو گهاءُ آهي.

    خزان مُند وانگي رهي دل جي ڌرتي،
    بهارن سان رهيو نه منهنجو نڀاءُ آهي.

    وفا جي سِلي ۾ سدائين اسان سان،
    رهيو دوستن جو ته انياءُ آهي.

    سدا نا اُميديءَ سندو دل پَڌر تي،
    تِکو تيز ڪوسو رهيو تاءُ آهي.

    عَجب بدنصيبي اسان جي ڏسو هيءَ،
    سڄڻ سان ٿيو ڪونه سَرچاءُ آهي.

    ڏکن ۾ ڏريل حال هيڻي مٿي هِت،
    ٿيو ڪونه ڪنهن کي به ڪهڪاءُ آهي.

    ڪڏهن راحتن جي مِلي ڪونه لولي،
    رهيو روح ۾ ”سوز“ پڇتاءُ آهي.


    ڳالهه منجهان ٻي ڳالهه ڊگهيريون،

    ڳالهه منجهان ٻي ڳالهه ڊگهيريون،
    الفت اهڙيءَ ريت نِبيريون.

    بيشڪ ڪنهن کي ناهن وڻنديون،
    سچيون ڳالهيون تيز تِکيريون.

    زلف هوا ۾ اڏري وکرن،
    ايئن وفا جا لفظ وِکيريون.

    داغ نه دوکي جو ڪو رهجي،
    توڪل جر ۾ قلب وِڇيريون.

    ڀَرم وفا جي ڏوريءَ جون من!
    ڳنڍيون رکبيون ڪين ڍِليريون.

    عشق مَٿان جي سرگهوري ويا،
    تن جون ڳائي لوڪ دِليريون.

    اُلفت جي گاڏي کي جانب،
    گهاٽي واڌي ”سوز“ ڌِڪيريون.


    ڪونه دل جون مُرادون پُڳيون عيدَ تي

    ڪونه دل جون مُرادون پُڳيون عيدَ تي،
    ڪنهن نه ڏنيون اُڌاريون خُوشيون عيدَ تي.

    وقت کان جي سنڀالي رکيم روح ۾،
    حَسرتون هن دفعي سي ڪُٺيون عيد تي.

    آرزوءَ جون ڪَليون گل ٿيڻ کان اڳي،
    دَردَ ڪاڙهي تپش ۾ لُڪيون عيدَ تي.

    درد دوري ستم جي نه موسم مَٽي،
    ڪونه سک جون هوائون گُهليون عيدَ تي.

    رات روئي لنگهڻ جي! ستا تن سنديون،
    اي خدا ڪنهن نه دانهون ٻُڌيون عيدَ تي.

    واٽ محبن سندي ڏي تڪيندي اکيون،
    نيٺ مايوس بڻجي رُنيون عيد تي.

    بيوسيءَ جي جياپي سنديون قلب ۾،
    سوچ جون کوڙ ڪاتيون کُپيون عيد تي.

    ڪونه درشن ڪري دلربا جو سگهيون،
    ”سوز“ نظرون وِڇايم رُکيون عيدَ تي.


    ڪَشمور ڪراچي ۽ ڪينجهر،

    ڪَشمور ڪراچي ۽ ڪينجهر،
    سنڌ سَموري دلڪش منظر.

    رنگ ڏسي سونهن ثقافت جا،
    من جو مهڪي پيو آ مندر.

    ايڪي جو اڄ ڏينهن مَلهايون،
    گڏجي سڀ ڀائر ۽ ڀينر.

    ڪي ٽي اين ڪشش ٽي وي تي،
    رنگ ثقافت جا ڏس سندر.

    قرب مُحبّت جا هي ميلا،
    مَچندا رهندا سنڌ جي اندر.

    سنڌي ٻولي جيجل لولي،
    ورجايون گڏ ساٿي هرهر.

    ”سوز“ سدائين سنڌ سکن ۾،
    ڏينهون ڏينهن رهي شل بهتر.


    سنڌ سدائين رهندي سُرهي،

    سنڌ سدائين رهندي سُرهي،
    مَهراڻ مِٺي وهندي سُرهي.

    پرهه ڦٽيءَ جو ماڪ گلن تي،
    هيج منجهان پئي لهندي سُرهي.

    گل ڦل ميوا وستي واهڻ،
    سونهن سڀيتا ٺهندي سُرهي.

    سينگار ڪري سرتيون سٿ ۾،
    لائن هٿ تي مَهندي سُرهي.

    سنڌ نه دنيا جي نقشي تان،
    رنگ ڪچن جيان ڊهندي سُرهي.

    ”سوز“ امن جي سوچ هينئين مان،
    ڪونه ڪڏهن ڀي ٽهندي سُرهي.


    زلف ڇوڙي ڇڏ هوا ۾ ڀل لُڏن،

    زلف ڇوڙي ڇڏ هوا ۾ ڀل لُڏن،
    ڪنڌ تي واسينگ جيئن ڀل پيا ڪُڏن.

    ڪين نظرون ڪر جَهڪيون پنهنجون پرين،
    نيڻ نيڻن جي ته ساگر ۾ ٻُڏن.

    سونهن جي ڪهڙي ڪيان تعريف مان،
    ساهه سيني ۾ پيا ٿڌڙا سَوَ اُٿن.

    ڇير ڇمڪائي هلڻ هرڻي مثل،
    ساز ٿا سنگيت جا دل ۾ ٻُرن.

    هوبهو ٿا بادلن جهڙا لڳن،
    ڄڻ گهٽا ڪاڪل پيا بڻجي هُجن.

    سوچ ۾ محسوس ٿئي ٿو زلف ڄڻ،
    نانگ سَوَ ڪارا پيا بُت تي سُرن.

    تو چيو مُرڪي فدا مان پيار تان،
    لفظ سي هر دم هينئين ۾ پيا هُرن.

    ”سوز“ تنهنجي سونهن تان صدقو ٿيان،
    مُرڪ جا پوپٽ چپن کي ڪئين چُمن.


    پَـــٽـي مالهي گلابي گل کَپائي چؤنڪ تي ويٺو،

    پَـــٽـي مالهي گلابي گل کَپائي چؤنڪ تي ويٺو،
    حَسينن جي هٿن ۾ سي سَجائي چؤنڪ تي ويٺو.

    ڏسي گڏ ميڙ ماڻهن جو مَداري پيٽ پوڄا لئه،
    ڏسو ڊگ ڊگ ڪري ڀولو نچائي چؤنڪ تي ويٺو.

    فقيرن وٽ پنڻ جو آ انوکو هي طريقو ڏس،
    رکي گڏ نانگ ۽ مُرلي وَڄائي چؤنڪ تي ويٺو.

    انعامي ۽ لَڪي اسڪيم جي رنگين سپنن جا،
    ڪُپتيو پوسٽر هو ڪئين لڳائي چؤنڪ تي ويٺو.

    مُسافر آڙ ۾ ڍونگي ڪرايو ٿو پني سڀ کان،
    لڄون پنهنجون وٺيو بي لڄ لڄائي چؤنڪ تي ويٺو.

    ٺڳي جا ٺاهه ٺاهي ڪي سڳا ڦيڻا ڪري لوفر،
    سچو درويش ۽ ڪامل سَڏائي چؤنڪ تي ويٺو.

    ڪري تقرير هو سکڻي عوامي رهنما ڪوڙو،
    لٻاڙي پاڻ کي ناحق وڻائي چؤنڪ تي ويٺو.

    ٿيو جو عشق ۾ ناڪام سو سگريٽ ٻيڙين جا،
    هڻي ڪشَ جانِ پنهنجيءَ کي جلائي چؤنڪ تي ويٺو.


    چاهت جو تو ٽوڙي ڇڏيو چنڊ ڀَري ڏي،

    چاهت جو تو ٽوڙي ڇڏيو چنڊ ڀَري ڏي،
    مُحب مياري منهنجو آهين ڏنڊ ڀَري ڏي.

    اسڪول اُميدن جي تو مَرمت وارو سڀ،
    ايس ايم سي جو ٻوڙي ڇڏئي فنڊ ڀَري ڏي.

    ساز سوين آواز هيا ٻُرندا ته هينئين ۾،
    ڪين وڄي ٿو سيني ۾ سوگَهنڊ ڀري ڏي.

    دل کي ڪونه سِڪون مِلي ٿو ڪٿ ڪنهن پل ۾،
    اهڙو ته ڪري وئين تون جانان منڊ ڀَري ڏي.

    سوچون سُڏڪا سور سدا اڻ تڻ ۾ آهي،
    ذهن سمورو ٿي ويو آهي گَنڊ ڀري ڏي.

    ”سوز“ چپن تان سور ڏئي تو جا به کَسي آ،
    مُرڪ مِٺي سڀ ماکي مصري کنڊ ڀري ڏي.


    روز ذهن تي وهم وَڌن پيا،

    روز ذهن تي وهم وَڌن پيا،
    ڳالهين جا ڪئين ڳوٺ ٺهن پيا.

    توکي شايد ڪونه خبر آ،
    ساجن ساري اشڪ وَهن پيا.

    منهنجي اُجڙيل دل ڌرتيءَ تي،
    تنهنجا پور ۽ سورَ رَهن پيا.

    من ۾ جوڙيم سپنن جا سي!
    سوچيندي سڀ محل ڊَهن پيا.

    روح رتل آڪاس ويو ٿي،
    چاهت جا سڀ چنڊ لَهن پيا.

    جيون ۾ ڪو ڪونه لُطف آ،
    ڏينهن ڏکن جا زهر لَڳن پيا.

    يادون وکريل ذهن مٿي ڄڻ،
    ٽانڊن جا ڪي ڍير دَڳن پيا.

    ٺوٺ چپن تي ”سوز“ لَهِڻ کان،
    مُرڪن جا سڀ مورَ ٽهن پيا.


    ڪونه ڪِٿِ توکي پَسن راهه ۾ رُلندڙ اکيون،

    ڪونه ڪِٿِ توکي پَسن راهه ۾ رُلندڙ اکيون،
    روز ٿيون سُڏڪيو پون راهه ۾ رُلندڙ اکيون.

    دور ڪنهن ڀي واٽ تي عڪس ماڻهوءَ جو پَسي،
    ساهه ٿيون ٿڌڙا کڻن راهه ۾ رُلندڙ اکيون.

    درد آويءَ ۾ پَچي رات توڙي ڏينهن جو،
    مينهن وانگي ٿيون وَسن راهه ۾ رُلندڙ اکيون.

    اجنبي ماڻهو لڳن شهر تنهنجي جا سڀئي،
    پوءِ به ٿيون تن ڏي تڪن، راهه ۾ رُلندڙ اکيون.

    ڪونه ڪي ترسي سگهيا خواب نيڻن ۾ ڪڏهن،
    ننڊ کان قاصر رَهن راهه ۾ رُلندڙ اکيون.

    مَن دريءَ مان ٿي پوي ”سوز“ جو درشن ڪڏهن،
    ڀؤنر جيان اڏريو وَڃن راهه ۾ رلندڙ اکيون.


    دل جو دلبر مِير ڪَيوسين،

    دل جو دلبر مِير ڪَيوسين،
    کنڊ مثل جيئن کِير ڪَيوسين.

    نيٺ نشاني تي ته لڳي ويو،
    نينهن نظر جو تير ڪَيوسين.

    مُرڪَ خوشيءَ سان الفت ماڻي،
    روح نه ڪو دلِگير ڪَيوسين.

    هاڻ سُکي دل هردم آهي،
    اهڙو ته بِلو اَڪسِير ڪَيوسين.

    الفت سان دل صحرا جو سڀ،
    مُلڪ مٺو ته مَلير ڪَيوسين.

    جُنگ نهاري ”سوز“ سخي دل،
    سمجهه عقل جو وِير ڪَيوسين.


    قرب مُحبّت ميڙن ۾ آ،

    قرب مُحبّت ميڙن ۾ آ،
    ڪونه سڪونت جهيڙن ۾ آ.

    سڪ سامونڊي پار ڪرڻ لئه،
    چَڙهبو بيشڪ ٻيڙن ۾ آ.

    ساوڪ ۽ سرهاڻ سندي ڏس ،
    سونهن گسن ۽ گهيڙن ۾ آ.

    ڪوڙ ڪپت ۽ فتني بازي،
    دل جي پليتن ٽيڙن ۾ آ.

    نوٽ نـــوَن ۾ جهڙي سُندر،
    اهڙي نه ڪشش ليڙن ۾ آ.


    ڪونه اڃان دل بدلي آهي پنهنجي عادت،

    ڪونه اڃان دل بدلي آهي پنهنجي عادت،
    تنهنجي نفرت هوندي توسان ايڏي چاهت.

    ڪين اڪيلو راهه مسافر ڇڏجانءِ رولي،
    مُحب وفا جو رکج ڀرم آ توکي پارت.

    عشق عقيدت سان آ جانب عرض نماڻو،
    پرت وفا جو جَرِ ڏيئي ڪر پوري حاجت.

    الفت ۾ ٿو نوڙت سان نينهن ٿئي حاصل،
    ڏاڍ ڏمر جي ڪونه هلي ڪا سگهندي طاقت.

    مون کان کسجي مُرڪون خوشيون پل ۾ ويون سڀ،
    ڪهڙو دؤر اچي ويو ڪهڙي جاڳي شامت.

    اهڙو ڪوئي واءُ وريو جو ڪَلَ نه پئي ڪا،
    سور غمن جي ٿي پئي برپا روز قيامت.

    الفت جو هِت ڪونه قدر آ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ،
    ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪونه رهي آ ڪا به اسالت.

    سانت امن سان جيئڻ ماڻهو ڪونه ڏين ٿا،
    دِليون ٽوڙڻ جي پيا ڪندا روز شرارت.

    ”سوز“ اوهان جي الفت منهنجو جند جياپو،
    تنهنجي مرڪ مِٺي سان ملندي دل کي راحت.


    ڏاڍا ماڻهو ڏوهه ڪري ٿا سُٿرا ڏِسجن،

    ڏاڍا ماڻهو ڏوهه ڪري ٿا سُٿرا ڏِسجن،
    رت ۾ رڱيل هٿ پوءِ ڀي ٿا اُجرا ڏِسجن.

    هِت ڪانءَ ڪبوتر ڳيرن جي ڏس آکيرن ۾،
    وَقت پڄاڻا ويٺل ٿا ڪئين چُٻرا ڏِسجن.

    هِت قهر ڪميڻپ بَرپا ڪندڙ چهرن مان!
    معصوم صفا ڄڻ بيوس ٿا صغريٰ ڏِسجن.

    هي ته ڪمينا پاپي پيڙهين کان سڀ آهن،
    گينگ وڏي آ، تن جا کولي شجرا ڏِسجن.

    هر ماڻهو مسڪين هتي آ غم ۾ گهايل،
    غربت ڏک جي گهايل دل جا ٽڪرا ڏسجن.

    ”سوز“ وري ڪو وقت اچي هن ڀونءَ سڄي ۾،
    مَرد سخي دل قرب ونڊيندڙ فقرا ڏسجن.


    اوهان جي شهر مان نڪري جڏهن پنهنجي پُناسين گهر،

    اوهان جي شهر مان نڪري جڏهن پنهنجي پُناسين گهر،
    هجر جي درد ۾ وٺجي پرين ڏاڍو رُناسين گهر.

    سموري رات ڳوڙهن سان اکيون ڀڄنديون رهيون ٻيئي،
    گهڙي پل ڪونه روئڻ کان پٽي ساهي سُڪاسين گهر.

    اوهان کان نينهن جو ناتو ڇڄڻ جي سوچ ۾ سڙندي،
    اسين جيئري قبر ۾ ڄڻ اچي ڪِريا هُئاسين گهر.

    مُحبّت جي سزا اهڙي ملي حيرت وٺي ويئي،
    مُڏي ڪاتي مثل ڪنهن ڄڻ ڪڪڙ وانگي ڪُٺاسين گهر.

    اجايون تهمتون پنهنجي سڀئي سِر تي کڻي ناحق،
    سراسر عشق ۾ ناڪام ٿيندي ئي مُٺاسين گهر.

    اوهان جي بيرُخي جا لفظ سيني ۾ چُڀيا جيڪي،
    انهن تي ”سوز“ سوچيندي نه ڪو هڪ پل سُتاسين گهر.


    حياتي سور جهڙي آ،

    حياتي سور جهڙي آ،
    تتل تندور جهڙي آ.

    ڪري دل اڻ ڏٺا انگل،
    پرينءَ جي پور جهڙي آ.

    ڇڻي آخر ته ويندي ڄڻ!
    وڻن تي ٻور جهڙي آ.

    اٿي ويٺي ڏکي تڙپي،
    مثل معذور جهڙي آ.

    پُراڻي دؤر جي رسمي،
    مڙهيل منشور جهڙي آ.

    هجر جي زندگي جڳ ۾،
    ڪَٽڻ مفرور جهڙي آ.

    سدا دل! سوچ سوليءَ تي،
    بڻي منصور جهڙي آ.

    ڪڏهن ڄڻ ٽوهه کان ڪؤڙي،
    ڪڏهن انگور جهڙي آ.






    دردن دل اهڙي آزاري،
    چوٽ لڳي آهي ڪاپاري.

    قرب ڦڙي لئه دل تڙپي ايئن!
    ٿر جي واري جيئن تاساري.

    قلب نگر تي ڪاهي آيا،
    سور سڀئي بڻجي تاتاري.

    ڪونه ڳچيءَ مان نڪتي آخر،
    ريت رسم واري پاڃاري.

    ڪونه سگهي ڪو راز پَروڙي،
    سوچ گهڻو ئي مون هاڪاري.

    سورَ ڪرڻ نيلام گهريم پر!
    ڪونه وٺي ٿو ڪو واپاري.

    نانوَ نصيبن جي تاري شل،
    ”سوز“ سڦلتا جي ناتاري.


    منظر ڪي ٺاهيندو اڳتي،

    منظر ڪي ٺاهيندو اڳتي،
    وقت وڃي ڪاهيندو اڳتي.

    ڪوڙي جڳ جي مک تان چادر،
    وقت وڃي لاهيندو اڳتي.

    هر ڪنهن دل ۾ ڳاهه غَمن جا،
    وقت وڃي ڳاهيندو اڳتي.

    دردن جا ڪي عڪس اکين ۾،
    وقت وڃي راهيندو اڳتي.

    باز بڻي سڀ سک جا ڳيرا،
    وقت وڃي ٽاهيندو اڳتي.

    ”سوز“ غمن جا گُرز هينئين ۾،
    وقت وڃي واهيندو اڳتي.


    ٽهڪَ چپن تان ڪير کَسي ويو،

    ٽهڪَ چپن تان ڪير کَسي ويو،
    خوشيون سڀ چؤڦــير کسي ويو.

    گيت امن جا ڪانئر لــوڀي،
    ڪونه لڳي ڪا دير کَسي ويو.

    ڊئم اڏي سنڌوءَ جو پاڻي،
    ناحق آ سڀ غير کَسي ويو.

    وقت غمن جا ونگ هَڻي آ!
    پاڻيارين کان ڇير کسي ويو.

    سونهن ثقافت سنڌ سَندي ڪيئن!
    من ۾ پائي مير کَسي ويو.

    ”سوز“ سکن جي لفظ منجهان ڪو،
    پيشُ زبرَ ۽ زير کَسي ويو.


    مُحب ملڻ جا خيال هوا ۾ خوب اُڏاري،

    مُحب ملڻ جا خيال هوا ۾ خوب اُڏاري،
    سڪ جو تاڙو توکي جانب روز پُڪاري.

    جيون غم جي زرد هوا ۾ پن ڇڻ بڻيو،
    پِرت وفا جي پاڻيءَ سان وڃ ترت اُجاري.

    تون ئي منهنجي چاهت تون ئي روح جي راڻي،
    تو بن دل جي نانوَ غمن مان ڪير اُڪاري.

    چين نه ڪو آرام اچي ٿو اکڙين کي پل!
    درد هجر جو دل مان ويو سک چين ٻُهاري.

    ڪونه گهڙي ڪا دل مان ٻاهر نڪرن ٿا هي!
    پنهنجا وڃ سڀ دل منهنجي مان درد اُٿاري.

    تنهنجي واٽ تڪيندي آخر ٿڪجي پياسين،
    نيڻن جا هي پوپٽ ٻئي هر ويل اُڏاري.


    جيئڻ ڏاڍو تنگ ويو ٿي،

    جيئڻ ڏاڍو تنگ ويو ٿي،
    شهر سڄو ڄڻ جهنگ ويو ٿي.

    زرد هوا ۾ موسم جو ڀي،
    پن ڇڻ پيلو رنگ ويو ٿي.

    چاهت جو ڪِٿِ ڪونه وڄي ٿو،
    دور چپن کان چنگ ويو ٿي.

    سوچن ۾ دل ڌرتيءَ جو ڄڻ!
    ميدان سڄو جنگ ويو ٿي.

    سورَ سُڻايان ڪيئن ڳڻي سڀ،
    انگ مٿان ٻيو انگ ويو ٿي.

    قرب نگر مان تڙجي نڪتل،
    سوئي مست ملنگ ويو ٿي.

    الفت عيوض درد ڏيڻ جو،
    سُهڻن جو آ ڍنگ ويو ٿي.

    ماڻهو سک ۾ ڍاول هردم،
    ”سوز“ ڏکن ۾ ڪَنگ ويو ٿي.

    ڪنگ: ڪنگال


    قانون سندو ڪو رنگ نسل،

    قانون سندو ڪو رنگ نسل،
    ڪونه ڪِٿِ لَڀندو ته اَصل.

    رشوت ڀڙوت غنڊا گردي،
    کلم کلا ته ڏسو آ هَر پَل.

    موت ڪري راڱا ته ڇڏيا هِت،
    ڪونه جهلي سگهجي ٿو اڻ جهَل.

    سنڌ وئي لٽجي آ ساري،
    پر ڪنهن کي ڪو آيو نه عَقل.

    چور لٽيرن جا ساٿاري،
    ڪامورا قوم سندا قاتل.

    بيڏوهه سوين جيلن واڙيل،
    قاتل کي ڇو آ ڇوٽ ڏِنل.

    ڪامورا ڪورٽ ۽ ٿاڻا،
    گروي سي وڏيرن وٽ بَڻيل.

    ”سوز“ امن انصاف صدين کان،
    سُڏڪي سنڌ گهري پئي جيجل.


    اسان وقت سان گڏ ڀَريا پير آهن،

    اسان وقت سان گڏ ڀَريا پير آهن،
    رُڳو وار اُس ۾ اڇا ٿيا ته ناهن.

    اسان زندگيءَ جي سفر مختصر ۾،
    سوين حادثاتي ڏٺا معجزا هن.

    کسي مُرڪ مسڪين مک تان ته ظالم،
    وري کيس واپس ڪرڻ ڪونه چاهن.

    رحم جي نظر ڪونه ڪنهن ۾ ڏٺي مون،
    جبر ڏاڍ سان کل غريبن جي لاهن.

    رکي ڪوبه مطلب دغا باز ماڻهو،
    ڊرامون نئون ٿا هتي روز ٺاهن.

    ويا نيٺ رَويا سڀن جا بدلجي،
    ڪشي ڪانه سيني! سُڌا روز واهن.ِ

    ستم سور سهندي جلي جان ويئي،
    پيون قلب تي سور سوچون ئي ڪاهن.


    دل جي بستي وئي آ اُجڙي،

    دل جي بستي وئي آ اُجڙي،
    جيئن وڃي ڪو رستو اُکڙي.

    چاهت جي چادر جا ٽوپا،
    درد لُڪن ۾ ويا سڀ اُڊڙي.

    ڪيئن گلابي ٿيندي موسم،
    ڪونه ٽڙي هِت ڪائي مُکڙي.

    نيٺ ڪڍي آ ڇڏبو تنهن کي،
    ڏاٺ پوي ٿي جيڪا اُلڙي.

    وڻ تي ماکي وانگي سک ڄڻ!
    ڪونه پُناسين ڏاڍو اُپڙي.

    ڪونه لَهي ٿو غم دل تان پَل،
    چقمق وانگي پيو آ چُپڙي.

    ڪونه لٿي ڪِسِ درد ستم جي،
    دل جي ديڳ سڄي مون کُرڙي.

    ڇوٻَ هڻي درد ڦَٽيندو دل،
    ٻَگهه جيئن ماري ويٺل ڄُڪڙي.


    واٽ وفا تي هلندو ڪَر تون،

    واٽ وفا تي هلندو ڪَر تون،
    حق سچ مُنهن تي چوندو ڪر تون.

    ڪاڻ نه ڪنهن جي ڪڍ دنيا ۾،
    ڳاٽ اوچي سان هلندو ڪَر تون.

    ڪين مُڙي ڏس پٺتي ڇاهي،
    هرپل اڳتي وڌندو ڪَر تون.

    ڌارين جي وِجهه ڌوڙ اکين ۾،
    پنهنجن کان ڪجهه ٽرندو ڪَر تون.

    ڄاڻ لٿي اُڀري جي جڳ ۾
    ڪنهن ڀي قيمت وٺندو ڪَر تون

    سوڍا پنهنجي سنڌ اَمڙ لئه،
    سِرِ به اڏيءَ تي رکندو ڪَر تون.

    عشق عقيدت آزاديءَ جو،
    خوب مَزو ڪو چکندو ڪَر تون.

    هيڻن جو همراهي بڻجي،
    ڪيس هميشه کڻندو ڪَر تون.

    ”سوز“ امن جا آلاپي سُرَ،
    مُرڪ مِٺيءَ سان مَچندو ڪَر تون.


    ڏوهه بنا ڏوهاري آهيون،

    ڏوهه بنا ڏوهاري آهيون،
    تنهنجا مُحب مَياري آهيون.

    روز ٽُٽڻ جو ڊپ دل ۾ آ،
    ڄڻ ڪا وڻ جي ٽاري آهيون.

    سوچ سندي هَرَ سان دل کيڙي،
    غَم پوکيون ٿا هاري آهيون.

    سور چڙهن سڀ پنهنجي سِر تي،
    ڄڻ ڪا لوڪل لاري آهيون.

    قرب عيوض قرب نه گهُربو،
    پاڻ نه ڪي واپاري آهيون.

    عشق عقيدت عيوض دل تي،
    سهندا ڌَڪَ ڪاپاري آهيون.

    مُرڪَ مُحبّت سان لاڳاپيل،
    ذات نه ڪائي ڌاري آهيون.

    ”سوز“ ٻَڌي هٿ حاضر هردم،
    مَحڪوم عمر ساري آهيون.


    چورڻ وارا چوريندا پيا،

    چورڻ وارا چوريندا پيا،
    ڀُرِ ڀُرِ ڇيڻا ڀوريندا پيا.

    نفرت واري باهه لڳائي،
    ڪاٺيون مَچ ۾ سوريندا پيا.

    درد غمن جي ڪات تکي سان،
    ماس هڏن تان ڪوريندا پيا.

    جن جي فطرت ويڙهه فسادي،
    ناحق دليون جهوريندا پيا.

    عشق اسان جيئن جن سان ڀيچي،
    سچ تان سِرِ سي گهوريندا پيا.

    مَرض مَحبّت ۾ جي ورتل!
    حال حقيقت اوريندا پيا.

    تانگهه بَرابر جن جي دل ۾،
    سِڪَ سامي ۾ توريندا پيا.

    وقت ويو جن جي هٿ مان سي!
    جيون ڀر لئه ڏوريندا پيا.


    جيون جانب ڪَٽيون گڏجي،

    جيون جانب ڪَٽيون گڏجي،
    سِڪَ جا ڌاڳا وَٽيون گڏجي.

    ماڪ ڀنيءَ جو ڄارين مان هَل!
    جهول ڀري مَڪَ پٽيون گڏجي.

    عشق سفر! ۾ راهه رُڪاوٽ،
    کوٻا کاهيون لَٽيون گڏجي.

    زخمي دل کي ٻَڌجن هيڪر،
    آٿت واريون پَٽيون گڏجي.

    پاڻ نبيري پاڻ ۾ ڇڏيون،
    ڳالهيون مِٺيون کَٽيون گڏجي.

    ڀِٽ تي ٻَڪريون پيون ته چرن هل!
    کير ٿڻن مان ڳَٽيون گڏجي.

    قرب وفا ۽ الفت جو ٻج،
    ”سوز“ دلين ۾ ڇَٽيون گڏجي.


    زلف هوا ۾ ڇوڙي ڇڏ تون،

    زلف هوا ۾ ڇوڙي ڇڏ تون،
    شهر سڳنڌ ۾ ٻوڙي ڇڏ تون.

    وڻ ٽڻ ٻوٽا سُنڍ وڃن ٿي،
    موسم جو رُخ موڙي ڇڏ تون.

    ڀل ته وڃي ٿي گهايل ڇاتي،
    تير نظر جا کوڙي ڇڏ تون.

    ڪين دغا جو واءُ لڳئي ڪو،
    جند وفا سان جوڙي ڇڏ تون.

    مرڪ سجائي رک تون مُک تي،
    گهنج غمن جا روڙي ڇڏ تون.

    ”سوز“ حجابن جا هڪ ڌڪ سان،
    زنجير سڀئي ٽوڙي ڇڏ تون.


    چؤسٽا

    ”سونهن، سچ ۽ امن جو شاعر“

    سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جو لاڙ وارو پاسو ادب جي حوالي سان سدائين زرخيز رهيو آهي، جنهن هميشه اهڙن انمول هيرن ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. جن هر شعبي ۾ سدائين پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. چوندا آهن لاڙي علائقو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعرن جو ڳڙهه رهيو آهي. پوءِ اهو سرويچ سجاولي هجي محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، ارشاد ساگر يا مريم مجيدي مطلب ته هر ڪنهن لکندڙ پنهنجيءَ لکڻيءَ سان خوب نڀايو آهي، ايڏي ڊگهي لسٽ ۾ واحد سوز ملاح جو نالو به ڳڻائي سگهجي ٿو.
    واحد سوز ملاح نئين ٽهيءَ جو نوجوان ۽ پختو شاعر آهي. سندس شاعري هر لحاظ کان پختي ۽ وزنائتي آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پوءِ اهو غزل هجي، نظم، گيت هجن يا وائي، بيت هن جنهن به موضوع تي لکيو آهي، انهيءَ موضوع سان شروع کان ڇيڙي تائين ڏاڍي سٺي ۽ سهڻي نموني نڀايو آهي. هن سنڌ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ آزارن، ناانصافين، ڏکن، ڏوجهرن ۽ ان کانسواءِ هر ان موضوع تي قلم کنيو آهي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي خلاف هجي ۽ ڌرتي ڌڻين جي خلاف هجي ۽ ان کانسواءِ رومانس ۾ به گهڻو متاثر ڪندڙ لکيو آهي. جنهن جا چٽا ثبوت اوهان کي سندس اڳئين آيل ڪتابن مان ملي سگهن ٿا.
    واحد سوز ملاح جهڙو پاڻ سچو سادو ۽ سٻاجهڙو شخص آهي، سندس تهڙي سٺي سادن لفظن ۾ ڪيل شاعري سچ ته بنهه گهڻو متاثر ڪندڙ آهي ۽ اڳتي لاءِ به هن سچي ۽ سيبتي شاعر مان اها آس رکندس ته ائين ئي قلم کي جاري رکي.
    عبدالله آس هنڱورجو
    مٺي


    دل چَوي ٿي دادِلو بنجي پوان،

    دل چَوي ٿي دادِلو بنجي پوان،
    هر قدم تي حوصِلو بنجي پوان.
    ”سوز“ مون کي تون ڏسي مَرڪي پوين،
    چيچ تنهنجيءَ جو ڇَلو بنجي پوان.


    چَڙهندڙ سج جا ڪِرندڙ ڪِرڻا،
    گوريءَ مُک تي پوندڙ ڪِرڻا.
    ”سوز“ جهڳٽ جيئن تارن جو ڪو!
    موهيڙن کي چُمندڙ ڪِرڻا.


    اوهان جي اڳيان هي جُهڪن روز نظرون،
    سوين التجائون رکن روز نظرون.
    ڪري ”سوز“ سجدا وفا جي وچن جا،
    اڃان ڪونه ٿيون هي ٿڪن روز نظرون.


    تون جي مون سان مور نه ٺهندين،
    درد ڏئي ڀرپور نه ٺهندين.
    جيون پوءِ هي ڪهڙي ڪم جو،
    مَربو ٿي مجبور نه ٺهندين.




    شينهن جبل ۾ ٽاڪوڙ ڪري جيئن،
    سنڌو وهندو گجگوڙ ڪري جيئن.
    ڪات کڻي پئو ڪاهي دشمن ۾،
    ٿي مينهن ڪِلي ڏي ڊوڙ ڪري جيئن.


    سنڌي قومي سُندر ٻولي،
    جيجل ”سوز“ ڏني جا لولي.
    سَرمايو آهي ته اسان لئه،
    سنڌوءَ جي هر ڇُلندڙ ڇولي.


    آزاديءَ جو پنڌ پُڇڻ ڏي،
    سنڌ امڙ جي خاڪ چُمڻ ڏي.
    ونگ غلاميءَ جا ڪڍ رهزن،
    مون کي ٿورو ”سوز“ ڪُڇڻ ڏي.


    تنهنجي دل سا ناهي ساڳي،
    ڪيڏي سوڙهه پئي آ جاڳي.
    شوخ طبيعت ”سوز“ رکي تو،
    بخشي مون کي سوچ نڀاڳي.




    ماڻهن کي ٿي مجبوري ماري،
    درد وندي دل کي دوري ماري.
    هر ڪنهن جو هر راز رکڻ جي لئه،
    من جو ٿو شخص ضروري ماري.


    اخبار پڙهي پيو سوچي،
    اشتهار پڙهي پيو سوچي.
    مردانه طاقت جون گوريون!
    ڏس ٻار پڙهي پيو سوچي.


    پئي سوچ تڙپي ذهن جي پڌر تي،
    سُڪل نازبوءِ گل مثل جيئن قبر تي.
    خوشي ڄڻ ته چيهون وئي ”سوز“ بڻجي،
    سکن جو نه سايو پُڳو دل نگر تي.


    سوچ سفر جي ٻيٽان نڪري،
    واڳونءَ جي ڄڻ پيٽان نڪري.
    مَس مَس تازو روح ٿيو آ،
    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽان نڪري.



    ٻيڙياتا! ٻئي پار وٺي هل،
    سور ستم کان ڌار وٺي هل.
    جنت جهڙي هير گُهلي جت،
    ”سوز“ اُنهيءَ سنسار وٺي هل.


    لوهار ادا! ٻُڌ عرض سندم،
    درد هجر ۾ ٿي چور اٿم.
    قلب ٽٽل کي ريهه ڏئي ڏي،
    ”سوز“ دعائون ڏيندئي هردم.


    دل جو گلشن ڀيل ويو ٿي،
    جيئڻ جڳ ۾ ويل ويو ٿي.
    سک جون گهڙيون سور چڳي ويا،
    جيون ڏک جو جيل ويو ٿي.


    اسان جو ته سينو سَٿيل سور ۾ آ،
    فراقن ڦٽن! جي چٿيل سور ۾ آ.
    ويو هيسجي آ پکي ساهه وارو،
    ڪُٺل قلب جو قد ڪٿيل سور ۾ آ.


    وري وقت ايندو بهارون به ڏِسبيون،

    وري وقت ايندو بهارون به ڏِسبيون،
    وري ”سوز“ ڪونجن قطارون به ڏِسبيون.
    امن جون هوائون گَلي گام گُهلنديون،
    وري مُرڪ مکڙين اڏارون به ڏِسبيون.


    عشق اسان سان ڀيچي رهندو،
    چنڊ مثل جيئن! چيٽي رهندو.
    سونهن صداقت ساٿ سلامت،
    اُجرو من ۾ مَهڪي رهندو.


    تنهنجي راهه تڪڻ جون عادي،
    سِڪَ مان ”سوز“ سَڏڻ جون عادي.
    عادت ڪونه ڇڏين ٿيون اکيون،
    بڻجي مينهن وَسڻ جون عادي.


    تنهنجي روز چوڻ تي دلڙي،
    منٿ ڪئي مون تڪڙي تڪڙي.
    بي مَروت ماڻهوءَ نه مَڃي ڪا،
    ”سوز“ ڪڏهن ڀي منهنجي هڪڙي.




    رُنو درد غم ۾ يَڪو تون به هوندين،
    سڄي رات روئي ٿڪو تون به هوندين.
    برهه باهه من ۾ وسامي نه هوندئي،
    تڏهن ٿيو ته ضد ۾ جَهڪو تون به هوندين.


    ڇڏي شهر تنهنجو وَڃڻ ٿي چوي دل،
    ترڪ واسطا سڀ ڪَرڻ ٿي چوي دل.
    قدر ڪونه تو وٽ ٿيو شهر ۾ ڪو،
    تڏهن زهر جو ڍُڪ ڀَرڻ ٿي چوي دل.


    دل ۾ درد هزارن هوندي،
    وِرلي جا به خوشي آ مِلندي.
    ڪانگن ۾ ڄڻ چُٻّ هَلي پئي،
    راس نه آيو ڪو سک مون کي.


    هاڻ سڀئي سڱ ڇنڻا پوندا،
    پيرن تي هٿ رکڻا پوندا.
    تنهنجي نفرت چوٽ چڙهي وئي،
    نوڙت جا در بَندڻا پوندا.


    عشق چڙهي ويو چوٽ پرين آ،

    عشق چڙهي ويو چوٽ پرين آ،
    من ۾ ٿي ڦڙڦوٽ پرين آ.
    اُڻ تُڻ سوچون سور وڌن پيا،
    لُڙڪ اکين! پالوٽ پرين آ.


    صفا موُر پئجي ڳچيءَ ۾ ويو آ،
    جيئڻ زهر جهڙو ڪري جنهن ڇڏيو آ.
    اُهو درد رولي اچان ڪِٿِ ٻُڌايو،
    ڪري ساهه کي جنهن ته سوگهو رکيو آ.


    نه پَــــــــر سال آيو نڪي هيل ايندو،
    ڪڏهن ڪونه مون سان ڪرڻ ميل ايندو.
    اچي محب جيئري ملڻ ڪونه ٿو پر!
    ٻُڌي موت منهنجو انهيءَ ويل ايندو.


    درد ڇڏيئي سڀ خوشيون کائي،
    ڪونه ڇڏي تو دل ۾ ڪائي!
    توکي دشمن دَرَ تي ٻَـــــڌجي،
    اهڙي تو دل ”سوز“ رنجائي.




    نيڻ اُڃارا اڄ ڀي ساڳيا،
    لڙڪن لارا اڄ ڀي ساڳيا.
    تعبير نه ماڻي ”سوز“ سگهيا،
    خواب ڪُنوارا اڄ ڀي ساڳيا.


    پَلي آسرا ڀي پَلي ڪونه سگهيس،
    روئڻ کان چري دل جَهلي ڪونه سگهيس.
    سڄي زندگي جنهن صنم کي ته ارپيم،
    ملي ”سوز“ تنهن سان گَلي ڪونه سگهيس.


    هن جهڙو هر بار ٿيان ڇو،
    آئون ننڍڙو ٻار ٿيان ڇو.
    روز رُسڻ آ هُن جي عادت،
    ”سوز“ ڀلا بيزار ٿيان ڇو.


    نڪي ڪير ڏيندو،
    نڪي ڪير وٺندو.
    هتي سورَ هرڪو،
    کڻي ساڻ هلندو.




    ڪٿي تو حياتي ڀلا آ گُذاري،
    ملي ڇو نه سگهيئي خوشي ڪا اڌاري.
    پيو ”سوز“ روئندو وتين روز ڳرندو،
    ڪڏهن مُرڪ مک جي نه مُرڪي اُجاري.


    نيڻ جڏهن ڀي روئندا آهن،

    نيڻ جڏهن ڀي روئندا آهن،
    لُـــــڙڪ ڪسارا ٽمندا آهن.
    ٻاڦ غمن جي بڻجي ڳوڙها،
    بارش وانگي وسندا آهن.


    ڊڄندي ڏڪندي نيٺ پُڄي ويو،
    سنڌي سادو ٺيٺ پُڄي ويو.
    ڪونه وڏيري غور ڪَيس ڪو!
    جنهن جي پيرن هيٺ پُڄي ويو.


    دل تي ايڏو بار رکين ٿو،
    خود جي لئه آزار رکين ٿو.
    اُلفت جي سودي اُجري ۾،
    ڪلفت جو وهنوار رکين ٿو.





    يادون اڏري دل تي لٿيون،
    ماناري! جيئن مکيون سَٿيون.
    ننڊ کَسي بي چيني بخشي پر!
    ”سوز“ پري ٿين پل ڪو نه ٿيون.


    توسان هي آئينو شايد ڳالهائي ٿو،
    خوب ڪري تعريف من مَهڪائي ٿو.
    تون به تڏهن مُرڪي هر هر کيس ڏسين ويٺي،
    ”سوز“ ٻَڌي ٽڪ تنهنجي مک تي نيڻ ڄَمائي ٿو.


    ڪولهڻ جي ڏس ٻار ڪُلهي تي،
    ڏينهن سَڄو هي بار ڪُلهي تي.
    سردي گرمي کيٽ کَرن ۾،
    غربت جو آزار ڪُلهي تي.


    جنهن کان هڪڙي ڳالهه نه پَرندي،

    جنهن کان هڪڙي ڳالهه نه پَرندي،
    تنهن اڳيان ڪا دال نه ڳَرندي.
    ڪيڏيون منٿون ميڙ ڪَجن پر!
    ڏيندو ڪا في الحال نه وَرندي.



    چونڊ وِڙهن پيا پاڏا پِڙَ ۾،
    پاپي روڏا ٻاڏا پــــڙَ ۾.
    ٿيڙون کائي ڪرندا ڀَڄندا،
    پولنگ! بنيل جي چاڏا پِڙَ ۾.


    ووٽن جي ٿي تيز تياري،
    رنگ رَچي ويا ڏس چوڌاري،
    ”سوز“ پُراڻا پاپي ٻيهر،
    ڪندا مِنٿون ميڙ مَداري.


    جنهن جو نه ڪٿي ڪو دڳ هوندو،
    پهرين درجي جو ٺڳ هوندو.
    تنهن سان ڪو وهنوار نه رکبو،
    واقف جنهن کان ڪُل جڳ هوندو.


    توکي پنهنجي سنڌ نه ڏيندس،
    غير ڪپڻ لئه ڪنڌ نه ڏيندس.
    منهنجي ماروئڙن ڏي ويندڙ،
    ”سوز“ ڪڏهن سو پَنڌ نه ڏيندس.




    سونهن تنهنجيءَ تان صنم مان سدا صدقو وَڃان،
    در سندءِ جو مَن گدا ڪيئن ڀلا ڀيرو ڀَڃان.
    پرت پاڻيءَ جا ڀَري ڍُڪ سوين پيتم مگر،
    ”سوز“ تنهنجي چاهه مان دل نٿي ڍاپي اَڃان.


    نيڻن جا نه اُڏار ڪبوتر،
    پوپٽ جهڙيون سوچون پوتر.
    سِيڪ نه درد غمن جي لُڪ ۾،
    پاڻ پلي ڇڏ پنهنجي اندر.


    نيڻن ۾ تون نيڻ اُتاري،
    ڪوجهو جيون ”سوز“ اُجاري.
    درد غمن جي ڪُن مان ڇڏ تون،
    الفت جو ڏئي ساٿ اُڪاري.


    ڪنهن کي دل جو درد ٻُڌايان،
    وِکريل سوچون زرد ٻُـــڌايان.
    حال ٻُڌي همدرد وڃي ٿي،
    اهڙو نه سُجهي ٿو فرد ٻُڌايان.


    وايون

    شبانه عالماڻي

    شبانه عالماڻي
    ¬
    سنجيدگي انسان کي لازوال احساس بخشي ٿي، پوءِ انهن احساسن جون مختلف ڪيفيتون واٽون ڇو نه هجن پر اُهي هڙئي احساس علم جي سنگن سان سبيل رهندا آهن. شاعري به هڪ اوکو پنڌ آهي، جنهن جو مسافر هر انسان نٿو ٿي سگهي هن راهه جا راهي سور وندا ساهه ئي رهن ٿا. واحد ’’سوز‘‘ ملاح ادبي کيتر جو پراڻو هاري آهي، هو پنهنجي شعرن سان هر دل کي سرهائي بخشي ٿو. واحد ’’سوز‘‘ ملاح جو ڪتاب ’گيڙوءَ رتا خواب‘‘ کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته پيار کان پيڙا سورن کان سکن، سوچن کان سڏڪن، اڌمن کان الڪن، سپنن کان ساڀيائن تائين جو حال حقيقت بياني آهي. نسورو سچ جو سفر آهي شعر. شعر شاهدي آهي شاعر جي محنت جو.
    واحد ’’سوز‘‘ ملاح جي شاعريءَ ۾ هر طرح جي ڪيفيت شمار آهي. سندس ڪجهه شعر ونڊيان ٿي:
    (چوسٽو)
    سنڌي قومي سُندر ٻولي،
    جيجل ”سوز“ ڏني جا لولي.
    سَرمايو آهي ته اسان لئه،
    سنڌوءَ جي هر ڇُلندڙ ڇولي.

    (وائي)

    اُبتو به لکيم، سُبتو به لکيم،
    دردُ وري ڀي دردُ رهيو.
    يا غزل:
    اسين غرقور ڳڻتين ۾ اسان کي سُڌ نه ڪائي آ،
    اسانجي ملڪ ۾ يارو! چون ٿا عيد آئي آ.

    ڏاتار در دعا ڪريان پئي ته اڃان به واحد جي قلم ۾ قادر سگهه رکي ته جيئن لولي ۽ ٻوليءَ ڪاڻ لوچيندو رهي ، لکندو رهي.
    شبانه عالماڻي
    2015-12-05


    تعبير نه سَگهيا جي ماڻي،

    تعبير نه سَگهيا جي ماڻي،
    ڪيئن ڪجن سي ڪيڏانهن هاڻي.
    گيڙوءَ رَتا خُواب اکين ۾.

    روح منجهان غم درد ڇڏي آ،
    راحت جي سڀ خوشبوءَ ڇاڻي.
    گيڙوءَ رَتا خُواب اکين ۾.

    عشق عجب جي ذات انوکي،
    ڪير اڃان سگهيو نه سُڃاڻي.
    گيڙوءَ رَتا خُواب اکين ۾.

    ننڊ پکي بڻجي وئي اڏري،
    هاڻ رهَن ٿا هر پل ٽاڻي،
    گيڙوءَ رَتا خُواب اکين ۾.

    ”سوز“ سَفر جيون جو اوکو،
    ڪيئن ويو ٿي رب ٿو ڄاڻي،
    گيڙوءَ رَتا خُواب اکين ۾.


    اُبتو به لِکيم سُبتو به لِکيم،

    اُبتو به لِکيم سُبتو به لِکيم،
    دَرد وَري ڀي دَرد رهيو.

    دل مان نڪري ڪونه سگهيو پل،
    هر هُربو هلائي ته ڏٺم،
    دَرد وَري ڀي دَرد رهيو.

    ڳهر اُداسي دور ڪرڻ لئه،
    لُڙڪن پاڻيءَ سان ڳل ڌوتم،
    دَرد وَري ڀي دَرد رهيو.

    روز ڏنگيندو روح رهيو آ،
    ڪونه جيئڻ سک ساڻ ڏنم،
    دَرد وَري ڀي دَرد رهيو.

    خوب ڪيم مُرڪڻ جي ڪوشش،
    پر ڪونه لُطف محسوس ٿيم،
    دَرد وَري ڀي دَرد رهيو.

    زهر جياپو ويو بڻجي پر،
    ”سوز“ صبر وارا ڍُڪ پيتم،
    دَرد وَري ڀي دَرد رهيو.


    چانڊوڪين جي ئي چاڳ ۾،

    چانڊوڪين جي ئي چاڳ ۾،
    مَهڪ گُلابيءَ جي ماڳ ۾،
    گيت سنڌوءَ جا گڏجي ڳايون.

    سُر ۽ تال مِلائي ساٿي،
    رمز وفا جي هر راڳ ۾،
    گيت سنڌوءَ جا گڏجي ڳايون.

    ڪينجهر منڇر مَڪلي موهن!
    ڀونءَ سموريءَ جي ڀاڳ ۾،
    گيت سنڌوءَ جا گڏجي ڳايون.

    دورين جا غم درد وساري،
    وقت وَصل ويراڳ ۾،
    گيت سنڌوءَ جا گڏجي ڳايون.

    ننڊ نِڀاڳي هاڻ ڇڏي سڀ،
    جوت شعوري جي جاڳ ۾،
    گيت سنڌوءَ جا گڏجي ڳايون.



    گُلشن باغ بَهارن ۾

    گُلشن باغ بَهارن ۾
    مون کي چنڊ سِتارن ۾
    تنهنجو عَڪس نظر آيو.

    سنڌوءَ جي سرسبز پرين
    سڀ شاداب نظارن ۾
    تنهنجو عَڪس نظر آيو.

    رِم جهم ميگهه ملهاريءَ جي
    جُهڙ ڦُڙ ۽ وَسڪارن ۾
    تنهنجو عَڪس نظر آيو.

    مَهڪي مُند فضا ۾ آ
    گُلڙن جي مَهڪارن ۾
    تنهنجو عَڪس نظر آيو.

    روز اچن تصور ۾ ٿيون
    سوچون پرت هزارن ۾
    تنهنجو عَڪس نظر آيو.

    ”سوز“ وَڳر جي صورت ۾
    ڪونجن جي ته قطارن ۾
    تنهنجو عَڪس نظر آيو.


    پٿر دل بيوفا خاطر،

    پٿر دل بيوفا خاطر،
    اڃا روئندينءَ گهڻو آخر،
    صبر ۽ حوصلو ڪر دل.

    وڇوڙي جا برابر وڍ،
    سوين ڏيئي ويو جابر،
    صبر ۽ حوصلو ڪر دل.

    اُميدن جو ٻُڏل ٻيڙو ،
    اُڪاريندو اچي قادر،
    صبر ۽ حوصلو ڪر دل.

    ڏکن تي ضابطو رک تون،
    جَلي دانهون نه ڪر ظاهر،
    صبر ۽ حوصلو ڪر دل.

    ستمگر ”سوز“ بي مَروت،
    اٿئي ان لئه نه ٿي قاصر،
    صبر ۽ حوصلو ڪر دل.


    مُحبت راند ۾ آهيون،

    مُحبت راند ۾ آهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.
    سندم مظلوم دلڙيءَ تي،
    ڇڏيون ٻاري هجر باهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.
    ٽُٽيءَ دل تي دِلاسن جا،
    پَها رکيو ويٺا ٺاهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.
    جيڪو ڀي قيمتي آ پَل،
    وڃي تنهن کي رَسيا آهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.
    وفا ۽ پيار جو گاڏو،
    پيا اڳتي اڃان ڪاهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.
    همت ۽ حوصلي سان ئي،
    وچان کڻندا ته پِــــڙ آهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.
    رهيو دستور آ جڳ جو،
    ڏسن ڏک ”سوز“ ٿيون ڏاهيون،
    ڪڏهن آگي ڪڏهن پاڇي.



    حال نه پُڇ تون هيڻا آهن،

    حال نه پُڇ تون هيڻا آهن،
    سورَ اندر ۾ ٻيڻا آهن،
    تنگ حياتي گُذري پيئي.
    پنهنجي قرب ڪچارين جا سڀ،
    عَڪس اکين ۾ جهيڻا آهن،
    تنگ حياتي گُذري پيئي.
    پلپل پيڙا پور وڌن پيا،
    گهٽ نه ڪڏهن سي ٿيڻا آهن،
    تنگ حياتي گُذري پيئي.
    پنهنجي پيار محبت جا هي،
    راز نه ڪنهن کي ڏيڻا آهن،
    تنگ حياتي گُذري پيئي.
    ڏڍ ۽ آٿت جا هن دل کي،
    ڪونه ڏنا تو ڀيڻا آهن
    تنگ حياتي گُذري پيئي.
    پيار جي منزل ڪونه مِلي ير!
    پنڌ ڪيا مون ٽيڻا آهن،
    تنگ حياتي گُذري پيئي.
    ”سوز“ اندر ۾ شعله ڀَڙڪن،
    ڄڻ ته دُکي پيا ڇيڻا آهن،
    تنگ حياتي گُذري پيئي.


    فضيلت ۽ صبر دل ۾،

    فضيلت ۽ صبر دل ۾،
    خدا جو خوف ڪر دل ۾،
    ته اعليٰ مَرتبو ماڻين.

    مُصيبت جاڙ تنگيءَ جي،
    نه تون شڪوا به ڪر دل ۾،
    ته اعليٰ مَرتبو ماڻين.

    فقيريءَ رَمز ۾ رک تون،
    حقيقت جو فڪر دل ۾،
    ته اعليٰ مَرتبو ماڻين.

    طريقت ۽ شريعت جو،
    سهيڙي رک ثمر دل ۾،
    ته اعليٰ مَرتبو ماڻين.


    سَوالن جو سفر جاري،

    سَوالن جو سفر جاري،
    جوابن جو سفر جاري،
    ٽُٽو هي سِلسلو ناهي.

    جُهڪائي ڪنڌ شرمائڻ،
    حجابن جو سفر جاري،
    ٽُٽو هي سِلسلو ناهي.

    اکين ۾ روز پَلجن ٿا،
    خوابن جو سفر جاري،
    ٽُٽو هي سِلسلو ناهي.

    اوهان جي درد جو دل تي،
    عَذابن جو سفر جاري،
    ٽُٽو هي سِلسلو ناهي.

    نشيلا نيڻ تنهنجا ٻئي،
    شرابن جو سفر جاري،
    ٽُٽو هي سِلسلو ناهي.

    رکيو تو جاڙ الفت ۾،
    حِسابن جو سفر جاري،
    ٽُٽو هي سِلسلو ناهي.


    ماڳ تي هر ڪو پُڳو ،

    ماڳ تي هر ڪو پُڳو ،
    تون سُتل ڇو ننڊ ۾.

    نينهن نازڪ ٿئي اٽل،
    سورِ پيو سِڪَ جو سَڳو،
    تون سُتل ڇو ننڊ ۾.

    انقلابيءَ جنگ لئه،
    گهنڊ آ گهَر گهَر وَڳو،
    تون سُتل ڇو ننڊ ۾.

    سوڀ سچ جي در اڳيان،
    ڀيرَ تي ڏونڪو لڳو،
    تون سُتل ڇو ننڊ ۾.

    نفس ڪيني ڪوڙ جو،
    ”سوز“ آ ڳاٽو ڀَــڳو،
    تون سُتل ڇو ننڊ ۾.


    ڪنهن ڀي در تي دان نه مِليو،

    ڪنهن ڀي در تي دان نه مِليو،
    دردن جو درمان نه مِليو،
    سنڌ سموري گهَر گَهر ووڙيم.
    نفرت ڪينو ڪوڙ ڪَدورت،
    ڪو به سچو دل جان! نه مليو،
    سنڌ سموري گهَر گَهر ووڙيم.
    لالچ ۽ نه مفاد سوا ڪِٿِ،
    سک سندو سامان نه مليو،
    سنڌ سموري گهَر گَهر ووڙيم.
    دل جو ڪشتو خالي خالي،
    پيار محبّت مان نه مليو،
    سنڌ سموري گهَر گَهر ووڙيم.
    عشق عقيدت سونهن سچائي!
    جو راکو نگران نه مليو،
    سنڌ سموري گهَر گَهر ووڙيم.
    مسجد مندر ”سوز“ ڪليسا!
    ڪنهن جاءِ ڀڳوان نه مليو،
    سنڌ سموري گهَر گَهر ووڙيم.


    جوئاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،

    جوئاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڏوهاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڦِٽي ننڊون سڀن جون ويون.
    مُلان مؤذن ميان مُفتي،
    يا قاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڦِٽي ننڊون سڀن جون ويون.
    وڏيرو ڪڙم لئه بڻيو،
    قهاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڦِٽي ننڊون سڀن جون ويون.
    خوشين تي زهر ويو هاري،
    لُهاري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڦِٽي ننڊون سڀن جون ويون.
    اليڪشن جي ڪري ويٺو،
    تياري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڦِٽي ننڊون سڀن جون ويون.
    عَشر زڪوات کائي ويو،
    عَياري ڳوٺ ۾ هِڪڙو،
    ڦِٽي ننڊون سڀن جون ويون.


    لهاري: خوفناڪ وڏو نانگ ازدها
    عياري: دوکيباز ٺڳ





    ®


    پيار ٿي توسان ويو،

    پيار ٿي توسان ويو،
    تو اچي آ گهر ڪيو.
    دل ڪُنواريءَ ديس ۾.
    قرب جي هن ڪوٺ ۾،
    هاڻ ئي پکڙا اَڏيو،
    دل ڪُنواريءَ ديس ۾.
    پيار جو پَرڙا هڻي،
    آ پکي جاڳي پيو،
    دل ڪُنواريءَ ديس ۾.
    او مسافر دور جا،
    ڪي اچي پل ٿڪ ڀڃو،
    دل ڪُنواريءَ ديس ۾.
    کِلَ خوشي ۽ ڀوڳ جا،
    سازَ ڪي ڇيڙي ڇڏيو،
    دل ڪُنواريءَ ديس ۾.


    اسانجو ڪنڌ جيڏانهن آ،

    اسانجو ڪنڌ جيڏانهن آ،
    اسان جو پنڌ اوڏانهن آ.
    ظلم ۽ ڏاڍ جي جاري،
    اَنڌيري انڌ جيڏانهن آ،
    اسان جو پنڌ اوڏانهن آ.
    امن ۽ آجپي جنگ لئه،
    پُڪاريو سنڌ جيڏانهن آ،
    اسان جو پنڌ اوڏانهن آ.
    اسان جي سوچ هڏ ڏوکي،
    ٽُٽو ڪو سَنڌ جيڏانهن آ،
    اسان جو پنڌ اوڏانهن آ.
    امن سک شانتيءَ جو ئي،
    حَقيقي هنڌ جيڏانهن آ،
    اسان جو پنڌ اوڏانهن آ.


    ڏس رات اڃان باقي،

    ڏس رات اڃان باقي،
    آ بات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.
    ڏي قرب سندي مُرڪي،
    خيرات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.
    ٿي برس اُڃي دل تي،
    برسات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.
    ڪر ساهه ڪُنوارن جي،
    سوغات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.
    هي زلف گهٽائون ڪر،
    ماسات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.
    پئي قلب اندر جاڳي،
    ڪا تات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.
    آ ”سوز“ گَرمَ من ۾،
    جذبات اڃان باقي،
    پِرڀات ڦُٽڻ تي آ.


    هَڻي الزام ڪاري آ،

    هَڻي الزام ڪاري آ،
    ڪُٺي جا ڀيڻ هاري آ،
    نِمازي نيڪ هئي مؤمن.
    وني بيڏوهه ماري وَرَ،
    ڪيو هي ڏوهه ڀاري آ،
    نِمازي نيڪ هئي مؤمن.
    مُلان قاضي ٻُڍن ٻارن،
    سڀن فتويٰ هي واري آ
    نِمازي نيڪ هئي مؤمن.
    جنازو جيئن کڄيو گهر مان،
    ريهون اُڀ ڏار زاري آ،
    نِمازي نيڪ هئي مؤمن.
    وَبا ناسور ڪارنهن جي،
    صدين کان ”سوز“ جاري آ،
    نِمازي نيڪ هئي مؤمن.


    دوستيءَ ۾ دلربا،

    دوستيءَ ۾ دلربا،
    ٿي وئين جلدي خفا،
    عيب تو ڪهڙو ڏِٺو.
    قلب من معصوم کي،
    دَردَ ڏيئي لادوا،
    عيب تو ڪهڙو ڏِٺو.
    بيگناهه تو بي وَجها،
    هر دفعي صدما ڏنا،
    عيب تو ڪهڙو ڏِٺو.
    تنگ دستيءَ ۾ صنم،
    لُڙڪ نيڻن مان وٺا،
    عيب تو ڪهڙو ڏِٺو.
    ڀَروسو تو تي رکيم،
    تو ڪئي تڏهن دغا،
    عيب تو ڪهڙو ڏِٺو.
    ”سوز“ ٻُڏتر ۾ اڃان!
    ڇو ڏنئي ايڏي سزا،
    عيب تو ڪهڙو ڏِٺو.


    ڌر تتي جن آ ڪئي،

    ڌر تتي جن آ ڪئي،
    مَرض سي موذي سڀئي،
    ”سوز“ لوڌيون ڀونءَ مان.
    هر پليتي سوچ کي،
    قلب ۾ چيرون ڏئي،
    ”سوز“ لوڌيون ڀونءَ مان.
    سنڌ سامي شاهه سچل!
    جي امن نگري چئي،
    ”سوز“ لوڌيون ڀونءَ مان.
    جن بگاڙيو آ امن،
    درد-غم-پيڙا ٽئي،
    ”سوز“ لوڌيون ڀونءَ مان.
    جنگ رهزن سان ڪري،
    سِرِ امڙ خاطر ڏئي،
    ”سوز“ لوڌيون ڀونءَ مان.


    نِنڊ نيڻن مان اُٿي،

    نِنڊ نيڻن مان اُٿي،
    ڳَهر جي خوشبوءَ کڻي،
    راتَ ڪاوڙجي وئي.
    بيوفا جي ياد جو،
    دل مٿي پاڇو ڏسي،
    راتَ ڪاوڙجي وئي.
    مون ڏٺو هو خواب ۾،
    ناز نخرن سان سَکي،
    راتَ ڪاوڙجي وئي.
    هن عذابي مُند ۾،
    اوچتو ئي هر خوشي،
    راتَ ڪاوڙجي وئي.
    ”سوز“ منهنجي روح مان،
    مَهڪ جي سڀ تازگي،
    راتَ ڪاوڙجي وئي.


    ڏِس شرم جو ٿي پَڪو،

    ڏِس شرم جو ٿي پَڪو،
    آ رهيو ويهي يَڪو،
    درد دل جي ديس ۾.
    ٿو لڳي روپوش ٿي،
    آ پناهه خاطر لِڪو،
    درد دل جي ديس ۾.
    من اندر چيري وڍي!
    پر اڃان ناهي ٿڪو،
    درد دل جي ديس ۾.
    سڀ خوشين جا گُل چَري،
    ڄڻ ته ٿي پيو آ ڍُڪو،
    درد دل جي ديس ۾.
    پير مُرشد ڪونه اٿس،
    منٿ مان ڄاڻي مَ ڪو،
    درد دل جي ديس ۾.
    روپ جنهن جا سَوَ هزار،
    ناسي پيلو ۽ ڦِڪو،
    درد دل جي ديس ۾.
    ”سوز“ ناجائز طرح،
    آ ڪَري ويٺو دِڪو،
    درد دل جي ديس ۾.


    پنجوڙ

    خوشنصيب شاعر

    واحد ’’سوز‘‘ ملاح نئين ٽهيءَ جو تمام سٺو ۽ تمام گهڻو لکندڙ شاعر آهي.
    ’’سوز‘‘ سٺو ساعر ته آهي ئي آهي پر آئون ان کي خوشنصيب شاعر به چوندس جو پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي پورهئي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪتابن جي صورت ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رکيو اچي. ’’سوز‘‘ جي شاعري پڙهندي ڪيترين ئي ڪيفيتن مان گذرندو آهيان، ڪو شعر پڙهي مرڪ چپڙن تي اچي ويندي آهي ته ڪو شعر پڙهي دل اداس ٿي پوندي آهي. وري ڪو شعر پڙهي حيرت ۽ سوچ ۾ ٻُڏي ويندو آهيان. ته ڪو شعر پڙهي پنهنجو پاڻ کي اُن شعر ۾ ڏسڻ لڳندو آهيان. ’’سوز‘‘ لاءِ دعا آهي ته سندس قلم مان ائين ئي خوبصورت شعر نڪرندا ۽ ڪتاب جي صورت وٺندا رهن.

    عاشق علي ڳاهو
    ٽنڊو محمد خان


    امن کسيو وِيو،

    امن کسيو وِيو،
    تِــــــتر ڪَبوتر ڪٿي نه ڪوئي،
    رُڳو غلاظت سندي هوا آ،
    پتو نه پيو ڪيئن سکن سندو هي،
    چَمن کسيو ويو.


    ڪڏهن نه ڪو دَم،

    ڪڏهن نه ڪو دَم،
    هجر اوهان جي سندو هينئين تان،
    وَسان گهٽايوم ڪو نه ليڪن!
    تَرار وانگي اُڀو ازل کان،
    لٿو نه ڪو غَم.


    اَچو ته گڏجي،

    اَچو ته گڏجي،
    گَلي گَلي ۾ گُلاب پوکيون،
    اچي امن جي ئي ”سوز“ خوشبوءَ،
    پَکي امن ۽ وفا جا ڳوليون،
    هَلو ته گڏجي.


    ضرور اَچبو،

    ضرور اَچبو،
    سچي جي دل سان سڏيو اوهان ڙي!
    ڪري اکيون پير ”سوز“ تو وٽ،
    حِجاب ٽوڙي ته هيج مان ڙي!
    عجيب رَسبو.


    اُداس جيون،

    اُداس جيون،
    ڏکن غمن ۾ ويو ته بڻجي،
    نه روشني ڪا سکن سندي آ،
    انڌير بڻيو هجر ۾ ڳڻجي،
    اُماس جيون.


    پرينءَ پَچارون،

    پرينءَ پَچارون،
    گسن پنڌن تي اکيون اُڏاري،
    فِراق غم ۾ وصال ڪارڻ،
    مِٺو ته نالو صنم پُڪاري،
    ڪيم سَنڀارون.


    عَجب دنيا ۾،

    عَجب دنيا ۾،
    ويو ٿي رائج رواج يارو!
    وفا جي عيوض جفا هميشه،
    ڪري ٿو ڪيڏو سماج سارو.
    غَضب دنيا ۾.


    دُکي اسان جي،

    دُکي اسان جي،
    ڀَلي هجي زندگي مٺا پر،
    دعا سندا در اسان نه ٻوٽيا،
    صنم هُجي زندگي ته هر هر،
    سُکي اوهان جي.


    سَکي هٿن ۾،

    سَکي هٿن ۾،
    گُلاب جو گُل ڪتاب سان گڏ،
    وٺي پئي واس ”سوز“ مُرڪي،
    ڀَرم وفا جو حجاب سان گڏ،
    رکي هٿن ۾.


    ڌِيان ڪر تون،

    ڌِيان ڪر تون،
    حَسين جوڀن گُلاب جهڙو،
    نه ويسلو ٿي ته ”سوز“ پنهنجو،
    شفاف ڄڻ ماهتاب جهڙو،
    ذِيان ڪر تون.


    نَقاب کولي،

    نَقاب کولي،
    صنم سخاوت سندو خوشيءَ مان،
    اچي ڪرايو ڪو ”سوز“ درشن،
    وڏي کڻي حُب مِلي هينئين سان،
    حِجاب کولي.


    پرين پَسين سک،

    پرين پَسين سک،
    ڪڏهن به ڪوسو نه واءُ لڳئي ڪو،
    عُمر سڄيءَ ۾ نه غم سندو من،
    قريب پاڇو ڪڏهن اچئي ڪو،
    پري هجن ڏک.


    ٿيون جُدا ٻئي،

    ٿيون جُدا ٻئي،
    ڪڏهن نه اهڙي لڳي هوا ڪا!
    ڇڄي دنيا ۾ ته هيڪلا ٿيون،
    نه ڏينهن اهڙا ڏسون اڀاڳا،
    جيون جُدا ٻئي.

    ®
    ڪَري وفائون،
    خوشيون سندم دل سنديون سموريون،
    هجر! لُڪن ۾ سڙي ٿيون رک،
    خواهشون سڀ رهيون اڌوريون،
    ڀَري ته آهون.

    ®
    ڪڏهن ڪڏهن هي،
    اندر سمورو جَلي وڃي ٿو،
    جَبر جَفا ساڻ دوستي ۾،
    ڀَرم وفا جو جڏهن ڀڃي ڪو!
    جڏهن تڏهن هي.


    ضَمير وِڪيو،

    ضَمير وِڪيو،
    اصول عظمت سندا ڀڃي سڀ،
    وڏن درن تي قلم ڌڻي ڪنهن!
    عمر سڄيءَ لئه سندو! وڃي سڀ،
    سرير وِڪيو.

    چَري چيو هو،
    ڪڏهن ملڻ ”سوز“ ڪونه ٿيندو،
    اڃان ڪنن ۾ ٻُرن پيا جملا،
    نه وقت ٻيهر ڪڏهن هي ايندو،
    وَري چيو هو.

    ®
    خدا اگهائي،
    دعا دُکي دل سندي سُتت ئي،
    ختم وڇوڙو وڃي ٿي جلدي،
    سدا دلين ۾ رهي سُپت ئي،
    خوشي مِلائي.


    اَمير ماڻهو،

    اَمير ماڻهو،
    وڏن ٽڪن تي وڪامجن ٿا،
    اُنهن سَندي ڀيٽ ۾ ڪٿي ڀي،
    ڪڏهن ڪٿي ڪونه ماپجن ٿا،
    فقير ماڻهو.

    ®
    اَٽي لَٽي جو،
    فڪر نه اُڀري لَٿي جو جنهن کي،
    مُنافقي جو! ڪري ٻيائي،
    حلال روزي سندو نه تنهن کي،
    فِـــڪر ڳَڀي جو.


    آخری پںو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566049
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215609
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ