پيش لفظ
اسان جيڪي گذريل صدي جي اسي ۽ نوي واري ڏھاڪي ۾ علم و ادب توڙي سياست سان واڳيل رھيا آھيون، تن واسطي رئوف نظاماڻي ھڪ اھم شخصيت جي حيثيت پيو رکي. مون کي ياد آھي ته اسي واري ڏھاڪي ۾ اسان تازو تازو ادب جي وسيلي سياست سان لاڳاپيا ھئاسين، تڏھن رئوف نظاماڻي ۽ ڪن ٻين جي لکڻين جي پڙھڻ جو جنون ھوندو ھو. سندس اوائلي ڪتاب فلسطين ۽ سامراج اسان کي عالمي سياست کي سمجهڻ لاءِ سونھون ٿيو. ائين ان کانپوءِ سندس ٻيون لکڻيون به اسان کي عالمي توڙي ملڪي حالتن جو صحيح رخ ڏيکاري، اسان کي پنھنجي راءِ جوڙڻ ۾ سھائتا ڪنديون رھيون آھن.
بھرحال خوشقسمتي سان جڏھن مون روزگار جي سلسلي ۾ سال 1985 ڌاري ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪئي. تڏھن ڪجهه مھينن کان پوءِ اوچتو پيارو جان خاصخيلي صدر ۾ ملي ويو. ھن صاحب ٻڌايو ته ھو به روزگار سانگي ڪراچي ۾ ٽڪيل آھي ۽ وڌيڪ ھن اھا ڄاڻ ڏني ته رمپا پلازا ۾ ھر خميس تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي ٿيندي آھي، جنھن ۾ ھو شريڪ ٿيندو آھي. ھن مونکي به ان ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ ته 1981 کان وٺي شروع ٿيو ھو، جڏھن قاضي معصوم ھالائي صاحب مونکي ۽ عرفان مھدي کي ھمٿائي ھالاپراڻا جي شاخ وري سرگرم ڪرائي. ان زماني ۾ اسان لاءِ ڪراچي سنگت پنھنجي ڪارڪردگي جي ڪري ھڪ وڏي اتساھ جو سبب ھئي.
ائين 1985 جي آخر ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي ھفتيوار گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيس. اتي سخت تنقيدي معيار کي ڏسي ڪري رڳو ھڪ اڌ ڪھاڻي پيش ڪري سگھيس. بھرحال اتي باقاعدہ شرڪت جي ڪري ٻين ساڻ نظاماڻي برادران يعني رئوف، شڪور ۽ حسن منصور سان ڏيٺ ويٺ ٿي. ان کان علاوھ جان خاصخيلي ۽ رحمان خاصخيلي سان گڏجي ڪافي ڀيرا رئوف صاحب جي لي مارڪيٽ پاسي واري گھر وڃڻ ٿيو، جتان ڪافي ڪتاب پڙھن لاءِ ورتاسين، اھا ٻي ڳالھ آھي ته سڀ نه پڙھيا ھونداسين.
ھن کان اڳ ۾ مون وٽ رئوف صاحب جو تصور سياسي ۽ اقتصادي موضوعن جي ليکڪ طور ھو، پر سنگت ۾ سندس سرگرمي مان سندس سٺي ادبي نقاد طور شناسائي ٿي. رئوف صاحب جا ليک گھڻ موضوعاتي ھوندا آھن. ڪڏھن ھو ملڪي سياست کان وٺي عالمي سياست تي رائي زني ڪندو آھي، ته ڪڏھن اقتصاديات تي پيو لکندو آھي. ڪڏھن وري سندس روءِ سخن علم و ادب ھوندو آھي.
گذريل ڪافي سالن کان ھو جيڪي علمي، سياسي يا ادبي ڪتاب پڙھي ٿو، تن جو وچور اسان سان ونڊي اسان جي علمي غربت کي گھٽائڻ ۾ به ھڪ اھم رول ادا ڪري رھيو آھي.
سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ سندس آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي ته ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي ته اھا ڪراچي جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي ته اھا ڪٿا صرف ڪراچي جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال به آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضي جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
رئوف صاحب جي ھن آتم ڪٿائي ڪتاب کي 65 مضمونن ۾ ورھايو ويو آھي. ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچي جي سياسي سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصتين جو احوال به آھي. جيئن مون اڳ ۾ لکيو آھي ته ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچي جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.
ھي ڪتاب ھڪ لحاظ کان آتم ڪٿا جو پھريون جلد آھي. اميد تہ رئوف سائين جلدي ٻيو جُلد به لکي وٺندو.
حبيب سنائي،
ھالاپراڻا،
ا مئي، 2021