اسان جي ننڍپڻ جي زندگي
اسان جي علائقي جون گھٽيون ويڪريون هونديون هيون، جتي ٻار آرام سان مختلف رانديون ڪري سگھندا هئا. ان کانسواءِ اسان جي گھر جي سامهون ئي ڏيپچند ٽي اوجھا اسڪول هوندو هو، جتي مون پرائمري تعليم حاصل ڪئي آهي.
ڪاٺ سان ٺهيل اسڪول سان گڏ وڏو ميدان هوندو هو، جنهن جي چوڌاري ننڍي ديوار ڏنل هوندي هئي، ان مان ٽپي اندر وڃي سگھبو هو. هتي اڪثر علائقي جي وڏين ٽيمن جا فوٽبال ميچ ٿيندا هئا ۽ اسان ٻار به اڪثر ڏينهن جي ڪنهن به حصي ۾ پنهنجا بيٽ ۽ بال وغيره کڻي ديوار ٽپي ميدان ۾ داخل ٿي ويندا هئاسين. اسڪول جي سارسنڀال ڪندڙ رحمت چوڪيدار جو به اتي ئي هڪ ڪنڊ ۾ گھر هوندو هو، پر هو ٻارن يا ٻئي ڪنهن تي گھڻي روڪ ٽوڪ نه ڪندو هو. هن وقت ميدان جي چوڌاري هڪ وڏي ديوار ڏنل آهي ۽ اندر ڪجهه ٻين اسڪولن کي شفٽ ڪيو ويو آهي. علائقي جي ماڻهن ۽ ٻارن لاءِ ڄڻ اهو هڪ ممنوعه علائقو بڻجي چڪو آهي.
ڪرڪيٽ ۽ فٽبال وغيره جون مختلف ٽيمون ٺهنديون هيون، جيڪي علائقي ۽ شهر جي ٻين مختلف ٽيمن سان ميچ وغيره رکنديون هيون. ان وقت ماري پور روڊ تي هڪ وڏو ميدان هوندو هو، جنهن کي رد جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هتي خاص طور موڪل جي ڏينهن ڪرڪيٽ جون گھڻيون ٽيمون ميچ کيڏنديون هيون. ان ميدان جو نالو هاڻي پيپلز گرائونڊ آهي ۽ ان جي چوڌاري به وڏين ديوارن جو حصار آهي. ساڳي ريت مشهور ڪڪري گرائونڊ آهي، جنهن جي ڪجهه حصي کي به فاروق ستار جي ميئر هئڻ جي دور ۾ ڪتيانه ميمڻ جماعت جي هال وغيره لاءِ ان جماعت جي حوالي ڪيو ويو هو.
هڪ ڀيري اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم ناظم آباد جي ڪنهن ٽيم سان ڪرڪيٽ ميچ رکيو هو ۽ اسان اهو ميچ کيڏڻ لاء ناظم آباد ويا هئاسين. ان وقت اهو اصول هوندو هو ته جيڪا ٽيم بيٽنگ ڪندي هئي، ايمپائر ان ٽيم مان ئي هوندو هو. منهنجو وڏو ڀاءُ اسان جي ٽيم جو اهم رانديگر هئو، جيڪو پنهنجي تيز ۽ جارحاڻي بيٽنگ جي ڪري سڃاتو ويندو هو. هن بيٽنگ پئي ڪئي ته هڪ بال تي مخالف ٽيم پاران ايل بي ڊبليو جي زبردست اپيل ڪئي ويئي. اها اهم وڪيٽ هئي ۽ ايمپائر نه ٿي چاهيو ته هو آئوٽ ڏئي. ان ڪري اسان جي ٽيم جي بيٺل ايمپائر بجاءِ ها يا نه ۾ ڪنهن جواب ڏيڻ جي، ماڳهين مُنهن ڦيري ڇڏيو. انتهائي کل جوڳو عمل هو. مخالف ٽيم جي رانديگرن جو اهو ئي چوڻ هو ته ايمپائر ڀلي آئوٽ نه ڏئي ها، پر ائين مُنهن ته نه ڦيري ڇڏي ها. هن وقت به اهو دوست جڏهن مون کي ملندو آهي ته، مون کي اها ڳالهه ياد اچي ويندي آهي.
هڪ خانداني تقريب ۾ ويٺا هئاسين ته منهنجي وڏي ڀاءُ، جيڪو ايڊيشنل سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هاڻي وڪالت ڪندو آهي، ان هڪ واقعو ٻڌايو. سندس چوڻ هو ته، هو جڏهن شريف الدين پيرزادي سان گڏ ڪم ڪندو هو ته، هڪ ڏينهن هڪ همراهه آفيس ۾ آيل هڪ همراهه سان کيس متعارف ڪرائيندي چيو ته، ”اوهان اڇي قبر جا آهيو ۽ هي همراهه به اتي ئي رهندو هو.“ جڏهن منهنجي ڀاءُ کيس ٻڌايو ته، ”فلاڻي جاءِ تي اسان جو گھر هوندو هو،“ ته ان همراهه کڻي کيس ٻک وڌو ءِ ٻڌايو ته، ”ان جي سامهون شريف منزل ۾ اسان رهندا هئاسين.“ هن ٻڌايو ته، ”منهنجي ماءُ گذاري ويئي هئي ۽ منهنجو ڀاء بلڪل ننڍو هو، جنهن کي اسان ڏينهن ۾ سامهون واري گھر ۾ هڪ اڇي رنگ جي سهڻي عورت، جنهن وٽ ڳئون هونديون هيون، وٽ ڇڏي ويندا هئاسين.“ کانئس ان عورت جو نالو وسري ويو هو.
منهنجي ڀاءُ کيس ٻڌايو ته، ”ان عورت جو نالو ساران هو ۽ اها منهنجي ڏاڏي هئي.“ ان همراهه ٻڌايو ته، ”ورهاڱي کانپوءِ جڏهين اسان هتان وڃي رهيا هئاسين ته، منهنجي پيءُ جاءِ جون چاٻيون اچي اوهان جي ڏاڏي جي هٿ ۾ ڏنيون هيون ۽ چيو هئائينسِ ته جيڪڏهين اسان موٽي آياسين ته ان جاءِ ۾ رهنداسين، نه ته اها اوهان جي آهي، پر اوهان جي ڏاڏي چاٻين وٺڻ کان انڪار ڪيو.“
ان همراهه منهنجي ڀاءُ کي چيو ته، ”هو کيس پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏا سان ملائي،“ پر منهنجي ڀاءُ کيس ٻڌايو ته، ”انهن ٻنهي جي وفات ٿي چڪي آهي.“ بهرحال منهنجي ڀاءُ کيس بابا، جيڪو ان وقت حيات هو، سان ملايو. ان همراهه ٻڌايو ته، ”سندس ننڍو ڀاءُ، جنهن کي اوهان جي ڏاڏي سنڀاليندي هئي، اهو هاڻي وڏو ۽ ٻارن ٻچن وارو آهي، ۽ اولهه بنگال ۾ پنهنجي زال سان رهندو آهي. وٽس مال ملڪيت، سڀڪجهه آهي، پر کيس اولاد ناهي.“
منهنجي ڀاءُ ٻڌايو ته، اهو همراهه بنگالي زال هئڻ ۽ بنگال ۾ رهڻ جي باوجود نهايت ئي سٺي سنڌي ڳالهائي رهيو هو.