ڪراچي شهر ۾ ڳوٺاڻي زندگي
گھڻو عرصو اڳ جي ڳالهه ناهي. لالو کيت جي وچ ۾ ڳوٺ هوندا هئا. اسان جو دوست ف. م لاشاري اهڙي ئي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ سندس گھرِ، ڊاڪخاني يا تين هٽيءَ کان ٿورو اڳ فلمستان سنيما وٽان وڃبو هو. جيتوڻيڪ انهن ڳوٺن ۾ ٻني ٻارو نه هوندو آهي، پر اهي ڳوٺن جي حيثيت ۾ قائم هئا، جن کي ڪي شهري سهولتون هيون ۽ ڪي نه هيون.
ان کان اڳ ۾ جڏهن اسان جو خاندان نوآباد، لياريءَ ۾ اچي رهيو هو، جنهن کي هڪ شهري علائقو ڳڻيو ويندو هو، اُتي به جانور ۽ خاص طور ڳئون ۽ ٻڪريون وغيره پالڻ هڪ عام ڳالهه هئي. ڪي گھر، جيڪي ڳئون رکندا هئا، اهي ساڳئي وقت کير جو ڪاروبار به ڪندا هئا ۽ ان حوالي سان سڃاتا ويندا هئا. فليٽ سسٽم نه هئڻ ۽ زمين جي گھرن هئڻ ڪري انهن جانورن کي رکڻ سولو ڪم هوندو هو. صبح جو ڌنار مختلف گھرن جون، خاص طور تي ٻڪريون گڏ ڪري کڻي ويندو هو ۽ شام جو اهي موٽائي آڻيندو هو - ۽ مهيني جي ختم ٿيڻ تي مالڪن کان پنهنجو اجورو وٺندو هو.
ڳئون جيڪي ائين رستن تي پيون گھمنديون هيون، انهن کي سرڪاري عملدار، جن کي ڍڪ وارا چيو ويندو هو، وڃي بند ڪندا هئا ۽ پوءِ مالڪ ڏنڊ ڀري اهي ڇڏائي ايندا هئا. انهن علائقن مان ته اهو سڀڪجھه ختم ٿي ويو آهي، پر اڃا شهر جي گھڻن علائقن ۾ ڪٿي گھڻا، ته ڪٿي ٿورا ڳوٺاڻي زندگي جا آثار باقي آهن.
ٻاراڻو ضد
اڃا اها ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳي ٿي، جڏهن منهنجو پٽ طاهر منهنجي آفيس مان اچڻ کانپوءِ شام جو مون کي چوندو هو ته، ”بابا مون کي ڳئون ۽ اٺ ڏسڻا آهن.“ ان وقت آئون بغدادي، لياريءَ ۾ رهندو هوس ۽ ٿورو پرتي ليمارڪيٽ وٽ اهي جانور آرام سان ويٺا هوندا آهن. کيس اتي وٺي وڃڻ لازمي هوندو هو ۽ پوءِ جڏهن گھر موٽندو هو ته وري سندس ضد هوندو هو ته، ”بابا مون انهن کي هٿ ته لاٿو ئي ڪونه. هاڻي مون کي وري وٺي هلو.“ ٻيو ڀيرو هٿ لاهي موٽندو هو ته، وري ضد ته، ”بابا آئون انهن تي ويهندس.“ پوءِ کيس سمجھائڻو پوندو هو ته، ”يار، اهو ڪم هاڻي تون سڀاڻي ڪجانءِ.“ ان تي ڪڏهن هو مُڙي ويندو هو ۽ ڪڏهن وري ٽيون ڀيرو به ساڻس وڃڻو پوندو هو. سندس اصل مقصد گھر کان ٻاهر چڪر هڻڻ هوندو هو.
7 سيپٽمبر2007 تي سندس شادي تي سندس شادي ٿي ۽ هن وقت هو چار ٻارن جو پيءُ آهي. آئون اڃا به ڪڏهن ڪڏهن کيس اهي پراڻيون ڳالهيون ياد ڏياريندو آهيان. شل هو پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان سکيو ۽ آباد رهي.
جهاز وارو سج ۽ زمين وارو سج
سج لهڻ جو نظارو هونئن زمين تي ۽ خاص طور تي سمنڊ جي ڪناري نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو آهي، پر خاص طور تي جڏهن ماڻهو هوائي سفر ۾ زمين کان ڇٽيهه هزار فوٽن جي اوچائي تي هجي ته، ان نظاري جي نوعيت وري ٻي ٿي ويندي آهي. لهندڙ سج جڏهن هيٺ ڪڪرن سان لهه وچڙ ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته پرتي پاڻيءَ جون ڍنڍون آهن ۽ ڪڏهن ڄڻ آسمان ۾ جبل هجن، جن مان باهه نڪري رهي هجي. مٿي سج، زمين تي سج جي لهڻ کان اٽڪل ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ لهندو آهي. هڪ ڀيري ائين ٿيو ته رمضان شريف جو مهينو هجي. آئون اسلام آباد مان ڪراچي موٽي رهيو هجان. روزي کولڻ جو وقت جهاز جي لينڊ ڪرڻ کان اڳ ٿيڻو هو، ان ڪري جهاز جي عملي پاران وقت تي مسافرن کي روزي کولڻ جا باڪس ڏنا ويا. وقت ٿي ويو، پر پائلٽ اعلان ڪيو ته هيٺ زمين تي روزو کُلي ويو آهي، پر مٿي جيئن ته سج اڃا نه لٿو آهي، ان ڪري روزو نه ٿو کولي سگھجي. مسافر دٻا هٿن ۾ کنيو بيچيني سان جهاز جي درين مان سج ۾ اکيون وجھيو ويٺا هئا ته، اهو ڪڏهن ٿو لهي- ڪڏهن سندن انتظار ٿو ختم ٿئي. پر زمين جي سج جي ابتڙ هتان جي سج جي لهڻ جو ڪو وقت ڏنل نه هو ۽ پائلٽ پاران ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ساڳيو اعلان ورجايو پئي ويو. نيٺ جڏهن جهاز هيٺ لهڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويو ته، اهي هاڻي ان حد مان نڪري آيا آهن ۽ هاڻي روزو کولي سگھن ٿا ته، انهن روزو کوليو. واقعي اها حقيقت آهي ته وقت ۽ مقام هر شئي جي حقيقت کي بدلائي ڇڏيندا آهن.