آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

آصف فرخي، سرور جاويد. ڊاڪٽر ٻوهيو ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سائيڪل ريلي

پنهنجي ڪنهن ويجھي ۽ پياري ماڻهوءَ جي گذاري وڃڻ تي فوري طور لکڻ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. هڪ جذباتي صدمي کي لفظن جو روپ ڏيڻو پوندو آهي. آصف فرخي جي وفات جي خبر واقعي منهنجي لاءِ هڪ اوچتي ۽ ڇرڪائيندڙ خبر هئي. ساڻس آئون ڪنهن ويجھي تعلق جي دعويٰ ته نه ٿو ڪري سگھان، پر جيڪو ٿورو گھڻو تعلق رهيو، اهو سٺين ۽ خوشگوار يادن تي ئي ٻڌل آهي. گھڻو عرصو اڳ شاهه محمد پيرزادو سان گڏجي ڪنهن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ آئون گلشن اقبال ۾ سندس گھر ويو هوس. منهنجي ساڻس اها پهرين ملاقات هئي، پر اها ڄڻ آئندي جي ويجھن ناتن جو ذريعو بڻجي ويئي هئي. هو پنهنجي ماءُ پي سان گڏ رهندو هو. سندس پيءُ ڊاڪٽر اسلم فرخي ڪراچي يونيورسٽي ۾ هوندو هو. هڪ خاموش طبيعت ۽ پنهنجي علمي ڪم ۾ مصروف شخص.
آصف سان پوءِ شيخ اياز تي مختلف ليکڪن جي مضمونن جي مجموعي ۽ ايٽمي ڌماڪي جي سلسلي ۾ ضمير نيازي جي ترتيب ڏنل مضمونن جي سلسلي ۾ رابطو رهيو. ڪڏهن سندس ترتيب ڏنل رسالو دنيازاد ۽ پبليڪيشن هائوس؛ شهرزاد پاران شائع ڪيل ڪي ڪتاب ملي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنهن مضمون تي فيڊ بيڪ جي حوالي سان ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي هئي.
آئون گھڻي عرصي کان ادبي ميلن وغيره کان پري رهيو آهيان. ڪي ايل ايف، ادب فيسٽيول ۽ ٻئي ڪنهن به اهڙي پروگرام ۾ شامل نه رهيو آهيان. ان جا ڪارڻ ڪهڙا به ٿي سگھن ٿا. بهرحال ان ڪري به گھڻن دوستن ۽ خاص طور آصف، جيڪو انهن پروگرامن جو روح روان هوندو هو، سان ملاقاتون محدود رهيون آهن. اهڙي ريت آصف جو حال احوال شاهه محمد سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ملي ويندو هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آصف سنڌي اديبن ۾ هڪ مقبول نالو هو. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ ڀيري ملاقات ۾ مذاق ڪندي چيو هئائين ته، ”يار آئون ته انهن سنڌي ليکڪن مان اڙجي ويو آهيان، جن جي، روز گھر تي مختلف ڪتابن ۽ مهاڳن ۽ تبصرن لکڻ وارين فرمائشن جو انبار هوندو آهي.“ بهرحال سندس سنڌي ادب ۽ ليکڪن سان هڪ محبت وارو ناتو هو. اياز ۽ امرجليل وغيره سان سندس خاص تعلق هوندو هو.
آصف هڪ روشن خيال انسان ۽ ليکڪ هو، پر ساڳئي وقت هو ڪنهن نظرئي سان لاڳاپيل نه هو. سندس پنهنجا ادبي حلقا ۽ دائرا هوندا هئا ۽ گھڻو ڪري اتي ئي سندس ڪچهريون ٿينديون هيون. باقي سندس شهر جي مين اسٽريم ادبي تنظيمن جهڙوڪ؛ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ عوامي ادبي انجمن وغيره ۾ اچڻ نه هوندو هو. يقيناً مٿس پنهنجي پيءُ اسلم فرخي، جيڪو پاڻ هڪ وڏو عالم هو، جو وڏو اثر هوندو. ساڳئي وقت هو ادبي لحاظ کان حسن عسڪري ۽ انتظار حسين جو پوئلڳ ته هو، پر منهنجي خيال ۾ هو پنهنجي چاچي انور احسن صديقي جي پڻ گھڻو ويجھو هو ۽ ان جو به مٿس گھڻو اثر هو. انور احسن ترقي پسند خيالن جو شخص هو. هو ڪراچيءَ جي مزدور تحريڪ ۽ سياسي ۽ ادبي حلقن جي هڪ سرگرم شخصيت هو. صاف، کرو ۽ ساڳئي وقت محبت ۽ شفقت سان پيش ايندڙ شخص. ساڻس اڪثر مختلف ادبي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي هئي. لالا لعل بخش رند ۽ فصيح سالار وغيره سان سندس ويجھڙائي هوندي هئي. سندس ڪجھه ڪتاب وغيره پڻ لکيل آهن.
آصف جو سنڌي ۽ اڙدو اديبن ۾ لاڳاپن جي حوالي سان يقيناً هڪ سرگرم ڪردار آهي، پر ساڳئي وقت کيس هڪ اڪيلي شخص طور نه وٺڻ گھرجي. هو ان سڄي عمل جو هڪ حصو هو، جيڪو مختلف لاهين چاڙهين سان لاڳيتو هلندو آيو آهي. ان ۾ ڪنهن جو گھٽ ۽ ڪنهن جو گھڻو ڪردار رهيو آهي، پر ان سلسلي ۾ ٿورو گھڻو ڪردار گھڻن ماڻهن جو ادا ڪيل آهي، جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. اهو عمل جاري رهڻو آهي ۽ آصف ان سلسلي ۾ هڪ اهم نالي طور ياد رکيو ويندو.

سرور جاويد
سرور جاويد به گذاري ويو. هو اڙدوءَ جي انهن ڪجھه اديبن مان هڪ هو، جيڪي ڪنهن دور ۾ ترقي پسند سياست سان لاڳاپيل رهيا هئا ۽ خاص طور شاگرد سياست ۾ انهن جو ڪردار هو. هو پنهنجي ان تسلسل کي ترقي پسند ادبي تنظيمن ذريعي جاري رکندا ٿي آيا. سرور ڪنهن دور ۾ ڪاليج يونين جو پڻ عهديدار رهيو هو. هو پيشي جي لحاظ کان صحافي هو، پر ادبي حلقن ۾ هڪ سٺي شاعر طور سندس سڃاڻپ هئي، خاص طور عوامي ادبي انجمن ۾ سندس شرڪت باقاعدي هوندي هئي. سندس دوستن کي اها خبر هوندي هئي ته هو هڪ جذباتي ماڻهو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ اچڻ کانپوءِ پرچي به جلدي ويندو آهي. ڪجھه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران گڏيل طور لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو هو. آئون اتي انجمن جي نمائندي طور ويو هوس، پر سنگت پاران جوڳي بندوبست نه هئڻ ۽ موضوع تي ڪنهن موزون ماڻهوءَ جي تياري ڪري نه اچي سگھڻ جي ڪري مون کي چيو ويو ته، اوهان سنگت پاران پنهنجو پيپر پيش ڪيو، جيڪو مون ڪيو.
ان پروگرام ۾ سرور جاويد پنهنجي ٻي زال سان ڪراچيءَ جي وفد سان گڏ آيو هو. اها شادي هن پنهنجي پهرين زال، جيڪا پاڻ شاعره هئي ۽ ادبي پروگرامن ۾ سرور جاويد سان گڏ شريڪ ٿيندي هئي، جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪئي هئي.
ڪراچيءَ مان آيل مهمانن جي لاءِ سمبارا اِن هوٽل ۾ رهائش جو انتظام ڪيو ويو هو. موهن جو دڙو جا آثار ڏسڻ، ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ مانجھاندي ڪرڻ سان گڏ پنهنجي دوست منٺار سولنگي جي گھر چانهه به پيتي هئي سين.
پهرين رات مشاعرو به ان پروگرام جو حصو هو، جنهن ۾ روايتي لحاظ کان شاعرن جي مرتبي وغيره جو گھڻو خيال رکيو ويندو آهي، خاص طور اڙدو جا شاعر ان معاملي ۾ گھڻا حساس آهن. ان سلسلي ۾ اتان جي منتظمين کي شايد ڪا گھڻي ڄاڻ نه هئي ۽ انهن پنهنجي ليکي پروگرام هلايو پئي. اوچتو سرور جاويد اٿي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”اوهان کي ڪو احساس ناهي ته ڪراچيءَ مان اوهان جيڪي مهمان گھرايا آهن، انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪيئن عزت ڏني وڃي؟“ بهرحال دوستن منٿ ميڙ ڪري کيس راضي ڪيو ۽ پروگرام هلي پيو. سرور جاويد ائين ئي هوندو هو. بهرحال دوست به ساڻس نڀائيندا هئا ۽ هو به انهن کانسواءِ رهي نه سگھندو هو.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
ڊاڪٽرالهداد ٻوهيو جي سڃاڻپ سندس علمي ڪم آهي. ان ماڻهوءَ سان واقفيت ۽ ڪجھه وقت گذارڻ منهنجي لاءِ واقعي هڪ خوش قسمتي ۽ منهنجي زندگيءَ جو هڪ اثاثو آهي. هو هڪ نفيس طبيعت جو ماڻهو هو، جيڪو ٻين جو ايترو خيال ڪندو هو جو ماڻهوءَ کي لڄ پيئي ايندي هئي. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومتي دور دوران لاهور ۾ ٿيل جمهوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ مون کي ذاتي طور اهو فائدو ٿيو ته ٻوهيو صاحب سان هوٽل جو روم شيئر ڪرڻ جو موقعو ميسر آيو. ان کان اڳ به ساڻس منهنجي ذاتي واقفيت هئي. ف. م لاشاري ۽ پاڻ ڪراچيءَ جي عزيز آباد جي ماڊل اسڪول ۾ استاد هوندا هئا. لاشاريءَ سان سندن نهايت ويجھو ۽ قرب جو ناتو هو.
ان وقت ٻوهيو صاحب جي رهائش ناظم آباد ۾ گول مارڪيٽ جي ويجھو هوندي هئي، جتي منهنجو لاشاري سان گڏجي ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ٿيو هو. هو پنهنجن مهمانن جي تواضع چانهه بسڪٽ سان نه پر پستن ۽ بادامن سان ڪندو هو. سندن حيدرآباد منتقل ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جي ڪنوينشن جي موقعي تي اتي وڃڻ ٿيو هو. ٻوهيو صاحب جي دعوت تي ۽ ٻيو ته لاشاريءَ سان سندس گھر ۾ اچڻ وڃڻ وارو تعلق هو، ان ڪري اها رات اسان سندس گھر مهمان هئاسين. لاشاري ته لت کوڙي سمهي پيو هو، پر آئون ساڻن رات جو دير تائين ڪچهري ڪندو رهيس.
لاهور ۾ ريل گاڏيءَ جي سفر ۾ هو اسان سان گڏ ئي هو. ان سڄي سفر ۾ اسان سڀني سان سندس اهڙو ورتاءُ هو، ڄڻ هو اسان جي خاندان جو ئي هڪ فرد ۽ اسان جو وڏو هجي. سندس صلاحون ڏيڻ ۽ ڪنهن ڳالهه تي ٽوڪڻ، ڪڏهن ڪنهن کي خراب به لڳندو هو، پر ان سڀڪجھه ۾ هڪ پنهنجائپ ۽ محبت شامل هوندي هئي. ان ڪانفرنس جو اهو فائدو ٿيو هو ته ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن سان لهه وچڙه ۾ اچڻ، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ مختلف ٻولين جي مسئلن کي سمجھڻ جو موقعو مليو هو، پر ساڳئي وقت نوجوان سنڌي اديبن کي سوڀو ۽ ڊاڪٽر ٻوهيو سان گھڻو وقت گذارڻ ۽ کين سمجھڻ ۽ کانئن سکڻ جو موقعو به ملي ويو.
ٻوهيو صاحب ڪنهن ادبي لابيءَ سان لاڳاپيل نه هو. هو جيتوڻيڪ هڪ روشن خيال ماڻهو هو، پر ڪنهن سياسي نظرئي وغيره سان لاڳاپيل نه هو.

ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سائيڪل ريلي
شايد 1990ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري اسلم خواجه مون کي ۽ ڊاڪٽر شمس سومرو کي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪوئيٽا کان سبي تائين سائيڪل ريلي ۾ هلڻ جي دعوت ڏني هئي. هتي ايمنسٽي گھڻو ڪري ميڊيڪل ڊاڪٽرن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر شير شاهه ۽ ٻيا ڊاڪٽر ان ۾ سرگرم هئا. اسان ٻيئي گڏجي پي ايم اي هائوس پهتاسين، جتان اسان کي بسن ذريعي ڪوئيٽا لاءِ روانو ٿيڻو هو. ان ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن کانسواءِ گھڻن ڊاڪٽرن پنهنجين زالن ۽ ٻارن کي به آندو هو. ايستائين جو هڪ ڊاڪٽر پنهنجو ڪتو به گڏ کنيو هو.آر سي ڊي هاءِ وي ذريعي ڪوئيٽا پهتاسين، جتي اسان کي هوٽل ۾ رهايو ويو.
هڪ ٻه ڏينهن ڪوئيٽا جون بازارون، حنا ڍنڍ ۽ اڙڪ وغيره گھمياسين. سائيڪل ريلي واپسيءَ ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ ايمنسٽي جا ڪي پرڏيهي نمائندا به شامل هئا. بسون سائيڪل وارن جي پويان، انهن جي رفتار سان هلنديون ٿي ويون. بولان لڪ مان گذري مختلف جاين تي خاص طور تي پاڻي جي چشمن وٽ فطرت جو مزو وٺڻ، آسيس وٺڻ ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ بيٺاسين ٿي. بس وارن لاءِ پوءِ به سائيڪل وارن تائين پهچڻ ڪو مسئلو نه هو. ان ريليءَ ۾ ايمنسٽي جو پرڏيهي نمائندو سڀ کان تيز هو ۽ سڀني کان گھڻو اڳ سبي پهچي ويو هو. اتي ضلعي انتظاميا پاران ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي رهائش ۽ ماني ٽڪي وغيره جو بندوبست ڪيو ويو هو. رات سبي ۾ گذارڻ کانپوءِ اهو قافلو، جيڪو بلوچستان رستي ڪوئيٽا ويو هو، سنڌ جي مختلف شهرن مان ٿيندو واپس ڪراچي پهتو