ڪراچي جو سنيما ڪلچر
اڳتي رينڇوڙ لائين ڏانهن وڃبو هو ته ٽمبر مارڪيٽ واري گھٽيءَ ۾ اڙدو ڪاليج جي ويجھو قسمت سنيما هوندي هئي. رينڇوڙ لائين کان ايم اي جناح روڊ ڏانهن ايندي جوبلي سنيما هوندي هئي. اها ڄڻ ان سڄي علائقي جي سڃاڻپ هئي. ان علائقي جون ڪپڙي ۽ ٻين شين جون بازارون وغيره ان نالي سان ئي سڃاتيون وينديون هيون. ان جي سامهون ڪوه نور سنيما هئي. ان گھٽي ۾ ئي اڳتي هلبو هو ته چوڪ تي ريوالي، نشيمن، قيصر ۽ گوڊين سنيمائون هيون.
ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ لنڊا بازار کان ٿيندي ماڻهو ايم اي جناح روڊ تي پهچي ٿو ته ڄڻ پراڻي شهر کان نڪري هڪ نئين ماحول ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪي ايم سي جي هيڊ آفيس سان گڏ لائٽ هائوس سنيما هئي. سول اسپتال کان اڳتي هڪ پاسي رٽز ۽ ٻئي پاسي ميجسٽڪ سنيمائون هونديون هيون. اڃا ٿورو اڳتي هلبو هو ته ريڊيو پاڪستان جي سامهون ٿيوسوفيڪل هال سان گڏ تاج محل سنيما هئي، جتي سنڌي فلمون به هلنديون هيون. اڳتي رمپا پلازه جي سامهون پلازه سنيما هئي. ٿورو ئي اڳتي ناز ۽ ان جي سامهون نشاط سنيمائون هيون. نشاط سنيما جي ڪنڊ تي ڪانڊا والا بلڊنگ آهي، جنهن جي ڀر ۾ پي ايم اي هائوس ۽ آئي بي اي جو ڪيمپس آهي. ان جي سامهون سڙڪ جي ٻئي پاسي انڪلسريا اسپتال آهي، جنهن جي سامهون رينو سنيما هوندي هئي. جڏهن ته نشاط جي سامهون صدر ڏانهن ويندڙ سڙڪ جي شروع ۾ ئي ليرڪ، بمبينو ۽ اسٽار سنيمائون وغيره هونديون هيون.
ان گھٽي مان اڳتي اچبو هو ته اوڊين سنيما هوندي هئي. ان کان ٿورو فاصلي تي ريگل سنيما هوندي هئي. اهو سڄو علائقو ريگل سنيما جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، بلڪه اڃا به سڃاتو وڃي ٿو. اڳتي ڪيپيٽل سنيما هوندي هئي، جنهن جي ڪنڊ تي فٽ پاٿ تي ڪتابن ۽ اخبارن جو اسٽال هوندو هو، جيڪو خاص طور سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. ان کان ٿوري فاصلي تي پيراڊائيز سنيما هئي. اهو علائقو سنيمائن سان گڏوگڏ ليکڪن وغيره لاءِ ڪيفي جارج ۽ ڪافي هائوس جي چانهه، سموسن ۽ پيٽيز وغيره لاءِ پڻ سڃاتو ويندو هو.
صدر جي ان رونق کي ڇڏي اڳتي وڌبو هو ته ريڪس سنيما ايندي هئي. ان جي پويان ريو سنيما هئي، جتي مون آخري ڀيرو ان جي آڊيٽوريم ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ اسلم اظهر جي ٿئيٽر گروپ پاران اسٽيج ڪيل ”گليليو“ ڊرامو ڏٺو هو. هوٽل ميٽروپول جي پويان وليج هوٽل جي ڀر ۾ ۽ شاهراه فيصل شروع ٿيڻ واري پوائنٽ تي ئي پيلس سنيما هوندي هئي.
اهو سڄو علائقو ان وقت ڪراچي شهر هوندو هو. پسگردائي ۽ نون آباد ٿيل علائقن ۾ ڌار سنيمائون هيون، جيئن لسٻيلي چوڪ ۽ تين هٽي وٽ فلمستان ۽ ناولٽي سنيمائون هيون. ماري پور روڊ تي ڪرائون سينيما آهي. اهڙي ريت اڳتي تين هٽي جي پل پار ڪرڻ کانپوءِ لالو کيت ۾ ڪجه سنيمائون هونديون هيون. نرسري ۽ طارق روڊ وغيره، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جا آباد ٿيل علائقا آهن. هتي نرسري تي مشهور خيام سنيما هوندي هئي، جڏهن ته طارق روڊ تي جھيل پارڪ وٽ سوسائٽي سنيما هئي. اڳتي ملير، قائد آباد ۽ لانڍي وغيره جي علائقي ۾ به ڪجھه سنيمائون هيون. ان پسگردائي ۾ ڊرائيو اِن سنيما ڪراچي جي هڪ منفرد سنيما هئي. نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري کان اڳتي اچبو هو ته، هن وقت جتي ملينيم مال آهي، ان جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل اها سنيما هئي، جتي ماڻهو پنهنجي ڪار ۾ ويهي فلم ڏسي سگھندو هو.
انهن سنيمائن جو هڪ خاص مزاج هو. هر قسم جي ماڻهو لاءِ ان جي کيسي موجب ٽڪيٽ جي گنجائش هوندي هئي. شروع ۾ ويٺل تماشبينن لاءِ گھٽ پئسن واري ٽڪيٽ هوندي هئي ۽ کين اها ڇوٽ هئي ته هو فلم جي ڪنهن به سين تي گوڙ ڪري سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائي سگھن ٿا. جيڪڏهين ڪا نئين ۽ سٺي فلم وغيره هوندي هئي، ته ماڻهن جي رش هوندي هئي - ۽ ڪنهن هنگامي ٿيڻ جو انديشو هوندو هو ته پوءِ سنيما جا ملازم لاٺي چارج وغيره ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. ظاهر آهي ته ان ڪم لاءِ سخت قسم جي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان ڪم لاءِ لياري جي ماڻهن کي مناسب سمجھيو ويندو هو. سنيما جي ملازمن ۾ هيٺ کان مٿي تائين لياري جي ماڻهن جي گھڻائي هئي. سنيما جي ملازمن جي باقاعدي يونين هوندي هئي. ان سلسلي ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسانجو دوست رحيم بخش آزاد، جيڪو آزاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، اهو ان يونين جو عهديدار هو.
ماڻهن کي انگريزي فلمن جو خاص شوق هوندو هو. ان ۾ گھڻائي اهڙن ماڻهن جي هئي، جيڪي مزدور هوندا هئا ۽ گھڻو پڙهيل ڳڙهيل نه هوندا هئا. بهرحال اهي ماڻهو انهن فلمن مان پنهنجو مطلب ڪڍي ويندا هئا ۽ مزي سان اهي پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي ٻڌائيندا هئا. کين انهن فلمن جي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي ايتري ڄاڻ هوندي هئي ڄڻ اهي سندن مائٽ هجن. ان جو وڏو ڪارڻ اهو هو جو انهن مان گھڻا ماڻهو بندرگاه تي ڪم ڪندا هئا، جتي سندن واسطو مختلف پرڏيهي ماڻهن سان پوندو هو، جيئن مشهور اداڪار عبداللطيف عرف ساقي، جنهن کي بندرگاه تي ڪم ڪرڻ ڪارڻ ڪيئي ٻوليون اينديون هيون.
منهنجو پنهنجو فلمن ڏسڻ جو هڪ معمول هوندو هو. هر پندرهين ڏينهن ڪا نه ڪا فلم ڏسڻ ويندو هوس. پوءِ ڪڏهن اڪيلو، ته ڪڏهن ڪنهن دوست سان گڏ. جيڪڏهن ڪنهن نئين فلم جي ڪنهن ويجھي سنيما تي بڪنگ نه ملندي هئي ته، طارق روڊ جي سوسائٽي سنيما تائين به سفر ڪري وڃبو هو. آهستي آهستي زندگي ۾ ٻيون مصروفيتون وڌنديون ويون ۽ اهو شوق پسمنظر ۾ هليو ويو.
آهستي آهستي اهو سڀڪجھه به ختم ٿي ويو. ان جا گھڻا ئي ڪارڻ آهن. پهرين ڳالهه ته ڪراچي جي فلم انڊسٽري ختم ٿي ويئي. اسٽوڊيو گودامن ۾ تبديل ٿي ويا. سڄو ڪم لاهور منتقل ٿي ويو. هتي فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون. ان جو وڏو نقصان خاص طور سنڌي فلمن کي ٿيو. ڪراچيءَ ۾ فلمي صنعت هئڻ ڪري ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي فلمون ٺهنديون هيون ۽ ماڻهو وڏي شوق سان اهي ڏسندا هئا، پر لاهور منتقل ٿيڻ کانپوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو. جڏهن ته هاڻي لاهور ۾ به ڪجھه نه بچيو آهي. هونئن به سنيمائن کي انڊين ۽ انگريزي فلمن جو وڏو آسرو هوندو هو. 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ انڊين فلمون اچڻ بند ٿي ويون. اهڙي ريت سنيمائون پنهنجي هڪ اهم ذريعي کان محروم ٿي ويون.
گھڻا ماڻهو ان خيال جا آهن ته وي سي آر ۽ ڪيبل وغيره جي ڪري سنيمائن تي اثر پيو آهي، پر آئون سمجھان ٿو ته اهو مڪمل طور صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ شيون ته ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به آهن، پر اتي سنيما تي ايڏو خراب اثر نه پيو آهي، جيترو پاڪستان ۾ پيو آهي. ان جي اندروني ڪاراڻن کي ڳولڻ گھرجي. سماج ۾ سرايت ڪيل شدت پسندي به سافٽ ڪلچر جي ان هڪ اهم پاسي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. هن وقت اهو سڀڪجھه ڄڻ ماضيءَ جي هڪ وڻندڙ ياد بڻجي چڪو آهي. گھڻيون سنيمائون انهن ساڳين نالن سان رهائشي اپارٽمنٽس ۽ شاپنگ مالز ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. ان طرح ڪراچي شهر جي هڪ اهم سڃاڻپ، جيڪا سنيمائن واري هئي، سا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.