اياز ۽ سنگت ڪراچي
سنڌ جي هن شاعر ساڳي وقت عزت، مان ۽ مشهوري به ماڻي هئي ته روپوشي ۽ جيل جون سختيون به سٺيون هيون. سندس قد ڪاٺ کي وڌائڻ ۾ ان ادبي پورهئي سان گڏوگڏ سندس ان سياسي ڪردار کي ڪنھن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. جڏهين کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ته سندس شاعري گھٽ بحث هيٺ هئي پر سندس نقادن هڪ ته سندس ذات کي نشانو بڻايو ۽ ٻيو ان ڳالھه تي زور ڏنو ته هن وائس چانسلر ٿي مصلحت کان ڪم ورتو هو. شاعري کان وڌيڪ سندس وائس چانسلر واري حيثيت ۽ سندس شخصيت جي مختلف پاسن جي ڪري کيس گھڻن دشمنن ۽ دوستن جي تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو هو.
اها حقيقت آهي ته وائس چانسلر ٿيڻ کان پوء اياز جو سرگرم سياسي ڪردار ختم ٿي ويو هو. پر منجھس جيڪو شاعر هو اهو جيئرو هو. نوڪري ڇڏڻ کان پوء به هو ڄڻ هڪ گمنامي واري صورت ۾ هليو ويو هو. پنھنجن ماڻهن جي روئي کان مايوس اهو شاعر جنھن جي شاعري سنڌ جي قومي ترانن جي صورت ۾ ڳائي ويندي هئي هاڻي معتوب هو ۽ سنڌ جي ادبي ۽ سياسي حلقن کيس گھڻي ڀاڱي ڄڻ نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.
ان سڄي صورتحال ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا دوست ان ڳالھه تي ويچار ڪري رهيا هئا ته سنڌي جا پراڻا اديب ۽ ليکڪ جن جو ماضي ۾ هڪ سرگرم ڪردار هو ۽ جن سنڌي ادب ۾ هڪ نالو پيدا ڪيو هو پر هاڻي اهي بلڪل خاموش هئا ۽ منجھائن گھڻن ته لکڻ ئي ڇڏي ڏنو هو انھن کي ساڻن مختلف پروگرام ڪري پاڻ سان گڏجي ۽ کين سرگرم ٿيڻ لاء وري هڪ اتساه ڏجي. ان سلسلي ۾ اياز جو معاملو بلڪل ئي مختلف هو. اياز ادبي طور ۽ پنھنجين لکڻين جي لحاظ کان سرگرم پر محفلن ۽ عام ماڻهن کان ڪٽيل هو. هڪ اهڙي اڪيلائي جيڪا سندس پنھنجي چونڊ گھٽ پر مٿس مڙهيل گھڻي هئي. ان ڪري خاص طور تي اياز کي اڪيلائي جي ڌنڌ مان ڪڍي وري مک ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت کي سڀني دوستن پاران محسوس ڪيو ويو. اها رڳو اياز جي نه پر سنڌ جي نئين ٽهي جي گھڻن ليکڪن ۽ ادب دوستن جي خواهش ۽ ضرورت هئي ته اياز سان رابطي ۾ اچجي ۽ ساڻس منهن سامهون ويهي ڳالھهائجي. سنگت لاء اهو ڪم سولو ان ڪري هو ته ان وقت اياز سکر کان ڪراچي منتقل ٿي چڪو هو ۽ ڪلفٽن ۾ پنھنجي فليٽ ۾ هڪ خاموش زندگي گذاري رهيو هو. سراج به ڪراچي ۾ هو جڏهين ته بشير مورياڻي، قمر شهباز ۽ تاجل بيوس وغيره جهڙا گھڻا سنڌي اديب نوڪرين سانگي ڪراچي ۾ ئي رهيل هئا. جيتوڻيڪ ان رٿا موجب وقت بوقت انھن سڀني اديبن کي سنگت جي مختلف پروگرامن ۾ گھرايو ويو پر هتي خاص طور انھن ٽن پروگرامن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جن ۾ اياز شريڪ ٿيو هو يا جيڪي اياز سان ڪيا ويا هئا. انھن پروگرامن جي سلسلي ۾ اياز سان رابطي ۾ اچڻ کان پوء سنگت جي دوستن کي ان ڳالھه جو احساس ٿيو ته اياز پاڻ پنھنجي اڪيلائي مان نڪرڻ پيو چاهي ته جيئن هو جيڪي ڪجھ سوچي رهيو هو ۽ تخليقي لحاظ کان منجھس جيڪي تبديليون واقع ٿيون هيون انھن کي ماڻهن سان ونڊي سگھي. ان لاء کيس ڪنھن اهڙي وسيلي جي ضرورت هئي جيڪو ان سلسلي ۾ سندس مدد ڪري. کيس ان ڳالھه جو احساس هو ته کيس نظر انداز ڪيو پئي ويو ۽ سنڌ ۾ گھڻا ماڻهو سياسي ۽ ذاتي ڪارڻن جي ڪري کيس ڪا اهميت ڏيڻ لاء تيار نه هئا. جڏهين ته سنگت ڪراچي پاران پنھنجي ليکي اهو فيصلو ڪيو ويو هو. رڳو اياز جي ڪري انھن پروگرامن کي جيڪا اهميت ملي ۽ ماڻهو جنھن وڏي تعداد ۾ انھن ۾ شريڪ ٿيا ان مان اها ڳالھه ظاهر ٿي پئي ته اياز جي شخصي ۽ سياسي حوالي سان مخالفت ڪندڙن کان سندس چاهيندڙن ۽ ساڻس محبت ڪندڙن جو تعداد گھڻو وڌيڪ هو.
ان سلسلي ۾ پهريون پروگرم 1986 جي سال ۾، جڏهين ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس به ٿي هئي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيو ويو. ان وقت فقير محمد لاشاري ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري هو ۽ بيدل مسروران پروگرام ۾ پنهنجن گيتن ذريعي اياز سان پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو هو. سنگت پريس ڪلب جي هال ۾ پريس ڪلب جي سهڪار سان پنهنجا ماهوار پروگرام ڪندي رهندي هئي ۽ هن پروگرام کي به معمول جو هڪ پروگرام سمجھي ئي ڪيو ويو هو.
پر ائين نه هو. ان پروگرام ۾ ماڻهن جو ايڏو وڏو تعداد هو جو هال کان ٻاهر تائين ماڻهو بيٺا هئا پر ڪنھن به قسم جي بدنظمي پيدا نه ٿي ۽ ماڻهن نهايت صبر ۽ تحمل سان اياز ۽ سندس گيتن کي ٻڌو. سنگت پاران ٻيو پروگرام رمپا پلازه جي اداره امن و انصاف جي هال ۾ سراج جي ناول مرڻ مون سين آ تي ڪرايل ورڪشاپ هو. ان وقت سنگت جو سيڪريٽري آئون هوس. ان جي صدارت اياز کان ڪرائي ويئي هئي جڏهين ته خاص مهمانن ۾ سراج کانسواء ان وقت سنڌ سنگت جو سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز هو.
سنگت جي روايتن موجب سراج جي ناول تي سير حاصل بحث ٿيو ۽ گھڻن مضمونن ۾ ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو هو ته ناول ۾ جيڪي ڪردار آهن اهي حقيقي زندگي کان وڌيڪ ماورائي ٿا لڳن. پر اياز ان خيال جو هو ته غير معمولي حالتون غيرمعمولي ڪردارن کي جنم ڏينديون آهن ۽ ان ناول ۾ جيڪي ڪردار آهن اهي سنڌ جي تاريخ جي انھن غير معمولي حالتن جي ئي پيداوار آهن.
سنگت ان ڳالھه تي ويچارڻ شروع ڪيو هو ته اياز جي حوالي سان اهڙو پروگرام ترتيب ڏجي جيڪو اياز جي شايان شان هجي ۽ پنھنجي ليکي هڪ مثال بڻجي وڃي. ان وقت سنگت جو سيڪريٽري شاه محمد پيرزادو هو پر پنھنجين پيشه ورانا مصروفيتن جي ڪري اسلام آباد ۾ هئڻ ڪري سنگت جا معاملا جان خاصخيلي، جيڪو ان وقت جوائنٽ سيڪريٽري هو، هلائيندو هو. ان سلسلي ۾ سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جون گڏجاڻيون خدا بخش ابڙو ۽ عطيه دائود جي رفيق سينٽر صدر جي فليٽ ۾ ٿينديون هيون. ائين چئجي ته وڌاء نه ٿيندو ته پروگرام جي انتظام ڪرڻ ۾ خدا بخش جو هڪ اهم ڪردار هو جنھن جي ڪري سنگت ان پروگرام لاء مالي وسيلن وغيره جو بندوبست ڪري سگھي. اهو پروگرام ايف ٽي سي جي آڊيٽوريم ۾ ڪيو ويو هو. اها شايد اياز جي ڇڪ هئي جنھن جي ڪري هرماڻهو انهي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ٿي چاهيو. هونئن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت لاء ماڻهن کي دعوتون ڏنيون وينديون آهن ۽ انھن کي باقاعدي ان لاء قائل ڪرڻو پوندو آهي. پر منهنجي ادبي زندگي جو اهو واحد پروگرام هو جنھن ۾ شرڪت لاء ڪارڊ ڏيکارڻ ضروري هو ۽ ماڻهن باقاعدي ان ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاء سفارشون ٿي ڪرايون. ان وقت ڪراچي ۾ ادبي ۽ سياسي حوالي سان جيڪي نالي وارا ماڻهو موجود هئا انھن مان گھڻن پنھنجي ليکي ان پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي. اياز تي مضمون پڙهندڙن ۾ فهميده رياض ۽ آئون شامل هئاسين.
اهڙي ريت اها ڳالھه ڪري سگھجي ٿي ته اياز سان ادبي ۽ نظرياتي حوالن سان پنهنجن اختلافن کي سامهون رکندي سنگت جي دوستن پاران سندس ادبي حيثيت کي تسليم ڪندي کيس اهو مان ۽ عزت ڏني ٿي ويئي جنھن جو هو حقدار هو. ڪراچي، جتي هن پنهنجن دوستن ۽ مخالفن جي جلهن ۽ تنقيد کان بچڻ لاء اچي پناه ورتي هئي سندس لاء نئين تخليقي جياپي ۽ اتساه جو سبب بڻجي ويئي جنھن ۾ ڪراچي سنگت ۽ ان جي دوستن جو هڪ اهم ڪردار هو.