ڪوئيٽا ۾ سَت ڏينهن
پنهنجي لحاظ کان ڪجهه اوڇڻ کنيا هئا. صبح جي فلائيٽ هئي. جهاز اٽڪل يارهين وڳي ڪوئيٽا ۾ لينڊ ڪيو. ٻاهر سج چمڪيو پئي، جنهن سان مون کي اها غلط فهمي ٿي ته موسم نارمل هوندي، پر ائين نه هو. ٻاهر نڪرندي ئي ٿڌ جو احساس ٿيو. خير ڏينهن جو وقت هو. هوٽل تي سامان رکي پنهنجي ڪم تي هليو ويس. ڪوئيٽا هڪ مختلف شهر آهي. ڪاروبار وغيره جي لحاظ کان بلوچن ۽ بروهين وغيره جو ڪو نالو نشان نه ٿو ملي. پٺاڻ ۽ خاص طور افغاني سڄي شهر تي حاوي آهن. اهي ڪم ائين ٿا ڪن، جيئن قبائلي علائقن ۾ ٿيندو آهي. جيڪو اسان جو ڪم هو، ان لحاظ کان اهو اڃا وڌيڪ ڏکيو هو. اسٽيٽ بينڪ تازو مني ايڪسچينج ڊيلرز کي لائسنس جاري ڪيا هئا.
اسان جو ڪم اهو ڏسڻ هو ته، اهي قانون موجب ڪم ڪن پيا يا نه. جيتوڻيڪ ان وقت حالتون ايتريون خراب نه هيون، پر اسان کي پنهنجن مقامي واقفڪارن پاران چيو ويو هو ته، ’ڪوشش ڪري هتي پينٽ شرٽ پائڻ کان پرهيز ڪجو. ٻي ڳالهه ته، بازارن ۾ گھڻو گھمڻ ڦرڻ نه وڃجو.‘
اهو سڀڪجهه ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪوئيٽا جو سُڪو سيءُ، جنهن تي سج جو ڪو اثر نه ٿي پيو، اهو ڄڻ ته اندر ۾ ٿي گھڙيو. بس رڳو پنهنجي آفيس ۽ هوٽل ۾ ئي هوندا هئاسين. هوٽل ۾ ٻن ڪمبلن ۽ هيٽر جي به هوندي سيءُ نه جھلبو هو. رات جو يارهين وڳي کن هوٽل وارا هيٽر به بند ڪري ڇڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو اهڙا واقعا ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ ڪمري ۾ گيس ڀرجي وڃڻ ڪري ڪجهه همراهه، جن ۾ اسٽيٽ بينڪ جو هڪ نوجوان آفيسر ۽ سندس وني شامل هئا، سي ڪوهه مريءَ ۾ هني مون ملهائيندي، ساهه ٻوساٽجڻ ڪري مري ويا هئا.
مسئلو اهو هو ته هتي پورو هفتو گذارڻو هو، جيڪو هڪ پيڙا ۽ عذاب کان گھٽ نه پئي لڳو. ان جي باوجود ماڻهو ٻڌائين پيا ته، سيءُ گھٽجي ويو هو. منهنجو وڏو ڀاءُ، جيڪو نوڪريءَ سانگي ڪجهه عرصو ڪوئيٽا ۾ رهي آيو هو، اهو ٻڌائيندو هو ته، ’ٿڌ جي ڪري پاڻي برف ٿي ويندو هو ۽ پاڻيءَ جا نلڪا ڦاٽي پوندا هئا.‘ الائي اهو لطيفو آهي يا صحيح ڳالهه، ته ماڻهو چوندا آهن ته، ’هڪ ٽريفڪ ڪانسٽيبل، جيڪو پنهنجي ڊيوٽي ڏيئي رهيو هو، ان جڏهن گاڏين کي اشاري ڪرڻ لاءِ هٿ مٿي کنيو ته سيءَ جي ڪري سندس ٻانهن اتي ئي ڄمي ويئي.‘
هن وقت جيڪي موسمياتي تبديليون آيون آهن، انهن ڪوئيٽا جي موسم کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ هتي گرمين ۾ به پکن جي ضرورت نه پوندي هئي ۽ سنڌ جا ماڻهو خاص طور گرمين جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي ايندا هئا، پر هاڻي گھرن ۽ هوٽلن ۾ پکا لڳي ويا آهن. مينهن ۽ برفباري گھٽجي ويئي آهي. ڪو ڪو سال ته اهڙو به ايندو آهي جو مينهن ۽ برفباري ماڳهين نه ٿيندي آهي! جڏهن اسان ڪوئيٽا ۾ هئاسين ته، حنا ڍنڍ ۽ اڙڪ جا چشما سُڪا پيا هئا. انهن جي پاڻيءَ جو ذريعو مٿي جبلن تي پوندڙ مينهن ۽ برفباري هوندو آهي.
شهر جي چوڌاري صوفن ۽ ٻين مختلف ميون جا باغ آهن. اوهان جيڪڏهن چاهيو ته، باغ جي مالڪ کان صوف وغيره خريد ڪري سگھو ٿا. انهن کي چشمن وغيره مان پاڻي پهچائڻ لاء نالين جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ ٺهيل آهي، جنهن کي ’ڪاريز‘ چيو ويندو آهي. انهن جو دارومدار به جبلن تي ٿيندڙ برفباري ۽ مينهن تي آهي. مون کي اهو محسوس ٿيو ته ڪوئيٽا ۾ پشاور کان به وڌيڪ حڪومتي ادارن ۽ خاص طور انهن لاءِ، جن جا اختيار محدود هجن، ڪم ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. انهن ماڻهن جا، پوءِ ڀلي اهي مقامي هجن يا افغاني، سرحد پار افغانستان سان ناتا آهن ۽ اهي وقت بوقت، پوءِ ڀلي مذاق ۾، اهو احساس ڏياريندا رهندا ته، اوهان کي سرحد جي ٻئي پاسي پهچائي ڇڏينداسين. جناح روڊ، ڪوئيٽا جو اهم تجارتي مرڪز آهي. جن مني چينجرز وٽ قانوني طور ڪاروبار ڪرڻ جو لائسنس آهي، اهي هڪ يا ٻه مس آهن، پر جناح روڊ تي اهڙا ڪيئي دڪان ملندا، جيڪي اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. کين ان ڳالهه جي پرواه نه هوندي آهي ته، سرڪاري عملدار ويجهو ئي موجود آهن. هڪ اڌ ڀيرو ته ائين ٿيو جو انهن عملدارن کي پنهنجي کل بچائي لڪي اتان ڀڄڻو پيو.
بهرحال اهي سڀ ڳالهيون ته ڪم جو حصو هيون، باقي سيءُ اهڙو هو، جنهن ڄڻ هڪ ٿڌي دوزخ ۾ وجھي ڇڏيو هو. اسان لاءِ اتي ست ڏينهن گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو هو. اتان مون کي اسلام آباد ۽ پوءِ پشاور وڃڻو هو، پر هڪ ٻي غيريقيني صورتحال اها هئي ته، هتي اچڻ ۽ وڃڻ وارين اڏامن جي ڪا پڪ نه هوندي هئي، ۽ اهي اڪثر عين وقت تي ڪينسل ٿي وينديون هيون.
ڪوئيٽا جو ايئر پورٽ بس جي اڏي جيان هو. اتفاق سان جهاز پنهنجي وقت تي آيو ۽ وقت تي آئون اسلام آباد پهتس. ائين پئي لڳو ڄڻ هڪ ٿڌي دوزخ مان نڪري آئون هڪ نارمل دنيا ۾ پهچي ويو هوس. هتي رات گذاري صبح سوير ئي پشاور لاءِ روانو ٿي ويس.