آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

هڪ رات ريگستان ۾

رحيم يار خان جي اهميت ان وقت وڌي جڏهن اهو نار جي عرب شيخن جي سڄي علائقي ۾ تلور جي شڪار جو هڪ مرڪز بڻجي ويو. هتي انهن پنهنجي رهڻ لاءِ محل ۽ هوائي اڏا وغيره ٺهرايا، جتي عام ماڻهوءَ جي پهچ ناممڪن آهي.
اسان جي ٽيم جي همراهن جو خيال هو ته شهر ۾ رهڻ دوران انهن شين کي ڏسجي، پر انهن کي رڳو پري کان ئي ڏسي سگھجي پيو. مختلف جاين تي خانگي ملڪيت جا بورڊ لڳل هئا ۽ اتي وڃڻ لاءِ منع ٿيل هئي. مقامي ماڻهن لاءِ به عربن جو، هتي شڪار لاءِ اچڻ ڄڻ سندن روزگار جو هڪ ذريعو آهي. تازو جڏهن عدالت پاران شڪار تي پابندي لڳائي ويئي هئي ته، علائقي جي ٻين مختلف شهرن جي ماڻهن سان گڏ هتان جي ماڻهن به احتجاج ڪندي حڪومت تي، اها پابندي ختم ڪرڻ لاء زور وڌو هو. انهن ئي علائقن مان اڳ ۾ ٻارن کي اُٺن جي ڊوڙ لاءِ نار جي ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو، جنهن جو مک ڪارڻ انهن ماڻهن جي غربت ۽ مفلسي آهي.
ان شهر جي اهميت وڌڻ ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ علائقي جي ٻين شهرن جي اهميت گھٽجي ويئي آهي. ان کان اڳ خانپور ڪٽوره، ضلعي هيڊ ڪوارٽر هوندو هو، پر اهو ان حيثيت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ وڏي زرعي مرڪز هئڻ جي باوجود گھڻو پوئتي پئجي ويو آهي. خانپور ۾ اسان ماڻهن کان پڇا ڪئي ته، ”شهر جي نالي سان گڏ ’ڪٽوره‘ ڪيئن شامل ٿيو؟“ ته سندن چوڻ هو ته، ”هتي اڳ ٺهندڙ ڪٽورن جي ڪري شهر مشهور هو، جنهن جي ڪري اهو ڄڻ ان جي نالي جو حصو بڻجي ويو.“
هتي زرعي بينڪ جي برانچ جو مئنيجر جيڪب آباد جو هڪ سرڪي هو. برانچ جي بيهڪ به هڪ ڪشادي، کُليل ڳوٺاڻي گھر جهڙي هئي. اهڙين گهڻين برانچن ۾ غير مقامي اسٽاف جي رهائش وغيره جو به بندوبست هوندو آهي. اها ساڳي ڳالهه سامارو برانچ ۾ به نظر آئي هئي. خانپور ۽ ان جي ڀرپاسي وارو شهر لياقت پور وڏا زرعي مرڪز ۽ منڊيون آهن، پر هتي مناسب رهائشي هوٽلن جهڙيون شهري سهولتون موجود ناهن، جنهن ڪري ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ڪنهن ريسٽ هائوس وغيره ۾ ئي اهڙو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي يا صبح شام ڊگهو سفر ڪري ڪم واري جاءِ تي پهچڻو پوندو آهي.
لياقت پور ۾ برانچ جي هڪ آفيسر هفتي جي آخري ڏينهن تي اسان کي چيو ته،”اوهان کي ريگستان ۾ دراوڙ قلعو گھمايون ٿا.“ ٻئي ڏينهن موڪل هئڻ ڪري ڪم جو ڪو اونو نه هو ۽ ٻيو اهو به شوق هو ته انهن شين کي ڏسي وٺجي وري الائي اهڙو موقعو ملي يا نه. ان همراهه جيپ جو به بندوبست ڪيو هو. اهو قلعو لياقت پور کان ڪافي اڳتي ريگستان جي اندر آهي، جنهن ڪري اسان کي ريگستان کي به ڏسڻ جو موقعو مليو. هتي ريگستان جي وچ ۾ مختلف جاين تي پڪين سرن جي فرش جا ٽڪرا نظر آيا، جنهن مان لڳو ٿي ته هتي شايد ڪنهن دور ۾ آبادي هوندي. ٿر ۽ اڇڙو ٿر هونئن ئي دنيا جي ڪجهه آباد صحرائن ۾ ڳڻيا ويندا آهن، جتي مينهن پوڻ تي مختلف پوکون ٿينديون آهن ۽ ماڻهو جانور پاليندا آهن. پاڪستان جي پيڪٽ واري کير جون گھڻيون ڪمپنيون اڇڙي ٿر مان کير گڏ ڪنديون آهن. هتي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، پرکير ايڏي گھڻي مقدار ۾ هوندو آهي، جو گھڻين حالتن ۾ اهو هتان جي ماڻهن جي پاڻيءَ جي ضرورتن جو به پورائو ڪندو آهي، پر مون کي گھٽ ۾ گھٽ دراوڙ قلعي ڏانهن ويندڙ ريگستان جو اهو حصو آباد نظر نه آيو. نه گھڻي ساوڪ هئي ۽ نه ئي گھرن جا ڪي اهڙا آثار نظر آيا، جن مان پتو پوي ته ماڻهو انهن کي عارضي طور ڇڏي ويا آهن ۽ وري اچي انهن کي آباد ڪندا.
بهرحال ڪجهه ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان دراوڙ جي قلعي وٽ پهتاسين، جتي قلعي کان ٻاهر لڳل خيمي ۾ اسان کي رات گذارڻي هئي. نائين صديءَ ۾ ٺهيل اهو قلعو جيتوڻيڪ يونيسڪو جي قديم آثارن واري فهرست ۾ شامل آهي، پر اهو اڃا عباسين جي ملڪيت ئي سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ اجازت کان سواءِ اندر نه ٿو وڃي سگھجي. اسان وٽ جيئن ته اهڙو ڪو اجازت نامو نه هو، ان ڪري رڳو ٻاهران وڏي دروازي کي لڳل هڪ وڏي تالي کي ڏسي اچي پنهنجي خيمي ۾ ويٺاسين. قلعي جي ڏيک ويک ۽ مرمت تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل جاري آهي ۽ جيڪڏهين ان جي سار سنڀال تي تڪڙو ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو اچي پَٽِ پوندو.
اسان مان ڪجهه همراهن کي شڪار جو شوق هجي. کين اهو ٻڌايو ويو ته، ’هن سڄي علائقي ۾ سخت چوڪسي هوندي آهي ۽ شيخن جي محافظن جي سڄي علائقي تي نظر هوندي آهي. ڪنهن به اوپري ماڻهوءَ کي خاص طور تي شڪار جي مقصد لاءِ انهن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي هوندي. ۽ جيڪڏهن ڪير اهڙي همت ڪندو آهي ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو آهي. هڪ لحاظ کان اهو علائقو ڄڻ ته عرب شيخن ۽ سندن ملازمن جي ضابطي هيٺ آهي.‘ پر اسان وارا همراهه ڪنهن به ريت مڙڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ ميزبانن پاران کين چيو ويو ته، اوهان ماني کائي في الحال ننڊ ڪيو. پاڻ اڌ رات گذرڻ کان پوءِ اٽڪل ٻي ٽين وڳي شڪار لاءِ روانا ٿينداسين. انهن همراهن کي الائي ننڊ آئي به يا نه، بهرحال اهي پنهنجي مقرر وقت تي روانا ٿي ويا. کين مختلف تدبيرون ٻڌايون ويون، ته جيئن محافظ هوشيار نه ٿين ۽ کين ڪا ڏکيائي نه ٿئي. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اهي همراهه جيئن ويا هئا، ائين ئي موٽي آيا. لڳو ٿي ته رڳو اونداهيءَ ۾ ئي ٿاڦوڙا هنيائون ۽ محافظن جي ڊپ کين گھڻو پري وڃڻ نه ڏنو.
ٻئي ڏينهن صبح جو واپسيءَ لاءِ سنبرياسين، پر اسان وارو همراهه، جيڪو رات شڪار تان نراس ٿي موٽيو هو، ان جي مٿي ۾ ڄڻ اڃا تائين تلور ئي سوار هو. سندس اصرار تي گاڏي، جيڪا سنئين سڌي رستي تي هلي رهي هئي، ان کي ريگستان جي اندر موڙيو ويو ۽ تلور جي موجودگيءَ جي نشانن جي ڳولا ٿيڻ لڳي. ان معاملي ۾ ڪا گھڻي ڄاڻ اسان مان ڪنهن کي به نه هئي. تلور ته ڇا ملڻو هو، پر اسان ريگستان ۾ واٽ وڃائي ويٺاسين. مٿان وري اهو ٿيو ته گاڏي جي گيئر خراب ٿي پئي. هاڻي ان ماڳيئي هلڻ کان ئي جواب ڏيئي ڇڏيو. اسان مُنجھي پياسين. انهن ڏينهن ۾ موبائل فون وغيره ايڏو عام نه ٿيا هئا. ڪنهن سان رابطي جو ڪو ذريعو نه هو.
پوءِ مڙيئي جڳاڙ سان پهرين گاڏي کي ڪنهن ريت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي سين. ۽ جنهن همراه کي تلور جي شڪار جو شوق هو، تنهن ڪٿان رسيءَ جو ٽڪڙو هٿ ڪري، ان کي گيئر سان ٻڌي، پاڻ بونيٽ تي چڙهي ان کي جھلي ويهي رهيو. گاڏي هلي پيئي ۽ پوءِ اندازي تي صحيح دڳ تي به اچي وياسين. پر پنڌ اڃا گھڻو هو ۽ اها خبر نه هئي ته گاڏي ڪيڏي مهل جواب ڏيئي ڇڏي. هو همراه رسيءَ کي لاڳيتو جھلي ويٺو رهيو. جڏهن گاڏي لياقت پور شهر جي حدن ۾ داخل ٿي ته، اسان شڪر ڪيو. جيتوڻيڪ اتي گھٽيءَ ۾ کيڏندڙ ٻار اسان جي دوست کي گاڏيءَ جي بونيٽ تي رسي جھلي ويٺل ڏسي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا، پر اسان شڪر ٿي ڪيو ته خيريت سان ڪنهن حادثي ۽ رڻ ۾ رلڻ کان سواءِ پنهنجي منزل تي پهچي ويا هئاسين.