منهنجي امان
جلد ئي، جيئن امان ٻڌائيندي هئي ته، آئون شايد اڃا ٽن مهينن جو هوس ته نانا جي وفات ٿي ويئي. ننڍن ڀائرن ڀينرن جي ذميواري جيتوڻيڪ ناني پاڻ تي کنئين، پر ان ۾ ڄڻ امان به ساڻس شامل ٿي ويئي. مالي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ سڀني ڀائرن ڀينرن جي شادي وغيره ڪرائڻ ۾ هن هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هڪ لحاظ کان هو ڄڻ ته انهن سڀني جي ماء به هئي. سڀني کان ننڍي ڀيڻ کي هن پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ سندس پنهنجي ڌي وانگر پالنا ڪئي ۽ پنهنجي ننڍي ڏيرسان ان جي شادي ڪرايائين. هن وقت اسان ڀائرن ڀينرن لاء ان جي حيثيت ماسي کان وڌيڪ وڏي ڀيڻ جي آهي.
ڪراچي ۾ سو سالن کان وڌيڪ عرصي، جنهن دوران اسان جون اٽڪل چار پيڙهيون گذريون آهن، ۽ ھتي رھڻ کان پوءِ به اسان ۾ گڏيل خاندان واري روايت اڃا موجود آهي. منهنجي ڏاڏي جا سڀ پٽ بلڪ ان جون شادي واريون ڌيئرون به ان سان گڏ ئي رهنديون هيون. خاندان جي وڌڻ ۽ ٻارن جي وڏي ٿيڻ تائين اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ پوء به اهي ڄڻ هڪ ٻئي جي ويجھو ئي هوندا هئا ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا. ان جو فائدو اهو ٿيندو هو ته جيڪي سوٽ وغيره هوندا هئا انهن جي پاڻ ۾ قربت هوندي هئي. اها ساڳي ڳاله بابا جي خاندان ۾ به هئي. بابا جا سڀ پٽ شادي ۽ پنهنجن ٻارن جي وڏي ٿيڻ کانپوء ڪيترن سالن تائين گڏ رهيا ۽ هڪ ڪني ۾ کائيندا رهيا. جڏهين ڪنو ڌار ٿيو ۽ بابا ساڳي بلڊنگ ۾ سڀني کي پنهنجا ڌار فليٽ ٺاهي ڏنا ته به ڄڻ هڪ ٻئي سان گڏ ئي هوندا هئاسين.
آئون ننڍي هوندي کان ڄڻ امان سان گڏ هوندو هوس. ممڪن آهي ته اهو منهنجو ڪو عدم تحفظ جو مسئلو هجي جو آئون امان کان پري ٿيڻ نه چاهيندو هوس. جيڪڏهين هو گھر جو ڪم ڪندي هئي ته به آئون سندس پٺن تي پيو هوندو هوس. منهنجي ڏاڏي پنهنجي سائيڪل ۾ اڳيان ننڍي سيٽ هڻائي ته جيئن ڪم جي وقت مون کي ٻاهر وڃي گھمائي ڦيرائي. ساڳي ريت منهنجي چاچي مون کي اڪثر وٺي مٺا درکان نوآباد پنهنجن مائٽن وٽ وٺي ويندي هئي ته جيئن امان ڪو سک جو ساه کڻي ۽ پنهنجو ڪم ڪار آرام سان ڪري سگھي. مون کي هلڪي يادگيري آهي ته امان جڏهين ويم لاء اسپتال ويندي هئي ته آئون ليبر روم جي ٻاهران ويٺو هوندو هوس.
امان پنهنجي ماءُ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وڏي ڀاءَ ۽ ڏاڏي جي وڌيڪ ويجھو هوندي هئي. اسان جو اهو وڏو مامو ڪجھ عرصو گھر مان غائب رهيو هو. مون کيس ان وقت ڏٺو جڏهين آئون پنجين يا ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. هو خاص طور امان سان ملاقات لاء اسان جي نوآباد واري گھر ايندو هو جتي اسان پنهنجي ڏاڏي ۽ چاچن سان گڏ رهندا هئاسين. امان سندس خاص خيال رکندي هئي. ٿوري عرصي کانپوء ئي دل جي دوري پوڻ ڪري سندس وفات ٿي ويئي. اهو امان جي لاء وڏو صدمو هو. امان پنهنجي ڀاء جو نالو محمد حسن پنهنجي پٽ تي رکيو.
امان جي شخصيت جي اها خاص ڳالھه هوندي هئي ته هو سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندي هئي. سندس اندر ساڙ، ڪينو ۽ حسد گھٽ هوندو هو. جيڪڏهين کيس ڪنهن کي ڪا ڳاله چوڻي هوندي هئي ته ان کي منهن تي چئي ڇڏيندي هئي ۽ ڪو رک رکاء نه ڪندي هئي. ائين ٿيندو هو ته سندس ڀائر جيڪڏهين ڪنهن ڳاله تان ساڻس جھيڙو ڪري ۽ گھٽ وڌ ڳالهائي ويندا هئا ته اها ڳاله اتي ئي ختم ٿي ويندي هئي ۽ وري جڏهين هو وٽس ايندا هئا ته انهن سان هو اها ساڳي سندن پراڻي وڏي ڀيڻ هوندي هئي. ڪڏهين پنهنجن پٽن مان جيڪڏهين کيس ڪا شڪايت هوندي هئي ته ان کي منهن تي چوندي هئي يا پنهنجي ڪنهن ٻئي پٽ سان اها ڳاله ڪندي هئي پر اها ڳاله اتي ئي ختم ٿي ويندي هئي. جيتوڻيڪ مون کي اندازو هو ته امان جو پنهنجين نننهن سان به ساڳيو ورتاء هوندو هو پر پوء به مون پڪ ڪرڻ لاء پنهنجي زال کان پڇيو ته امان توهان سڀني سان ڪيئن هلندي هئي. هن ان ڳاله جي پڪ ڪئي ته امان جو جيڪڏهين پنهنجي ڪنهن ننهن سان جھيڙو ٿيندو هو ته اهو بس وقتي هوندو هو ۽ ان کي گھڻي ڊيگھ نه ڏبي هئي. بلڪل جيئن ٻار پاڻ ۾ وڙهندا آهن ۽ وري ٿوري دير کانپوء پاڻ ۾ راند پيا ڪندا آهن اهو ساڳيو معاملو امان ۽ سندس ننهن جو هوندو هو. خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته نه امان پنهنجن پٽن ۽ مڙس سان پنهنجي ننهن جي شڪايت ڪندي هئي ۽ نه ئي ننهنون پنهنجن مڙسن سان امان جي شڪايت ڪنديون هيون. گھر جي مڙدن کي خاص طور اهو چيو ويندو هو ته اهي اسان عورتن جا معاملا آهن اوهان ان ۾ وچ ۾ نه پئو ۽ واقعي اسان ماٺ ڪيو ويٺا هوندا هئاسين.
امان وٽ هميشه محفل متل هوندي هئي. امان جون ڪجھ ڏيرياڻيون، جيڪي ساڳئي گھر ۾ رهنديون هيون، وٽس ويٺيون هونديون هيون. سندس ڀيڻون ۽ ڀاڄايون، جيڪي ويجھو ئي رهنديون هيون، اڪثر وٽس اينديون هيون. پاڙي جون عورتون، جن مان گھڻن سان ويجھي يا پري جي مائٽي هوندي هئي، اهي به اينديون هيون. انهن مان ڪي حقو پيون ڇڪينديون هيون، ڪي ان جو ٽانڊو ۽ تماڪ وغيره پيون ٺاهينديون هيون ۽ ڪي گھر جي ڪم ۾ هٿ پيون ونڊائينديون هيون. اهو سلسلو رات جو دير تائين پيو هلندو هو. ڪڏهين ڪڏهين حب جي ويجھو لڪين مان امان جي ناناڻن مان امان جون ماسيون، ماما ۽ انهن جا ٻار به ايندا هئا. امان انهن ماڻهن مان هئي جن جي شخصيت ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي پوء ڀلي انهن مان کين ڪو مالي فائدو حاصل نه به ٿئي. پيار ۽ قرب سان گڏوگڏ هو پنهنجي حال سارو ضرورت مندن جي مدد پڻ ڪندي هئي جن مان ڪن جي اسان کي خبر پوندي هئي ۽ ڪن جي نه پوندي هئي.
ڪنهن به ماءُ لاءِ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هن جي ڪنهن سان گھٽ ۽ ڪنهن سان وڌيڪ محبت هوندي آهي. ساڳي ڳالھه امان لاء به ڪري سگھجي ٿي. منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته اهڙو ڪجھ ڪيان جو امان جي وڌيڪ ويجھو ٿي سگھان پر اهو لڳندو هو ته مون کي اڃا وڌيڪ ويجھي ٿيڻ جي ضرورت هئي. امان جي ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوء منهنجو وڏو ڀاءُ حميد ڄائو هو. ان ڪري امان جي ان سان وڌيڪ دل هوندي هئي. شايد ان ڪري آئون پاڻ کي ٿورو پري محسوس ڪندو هوس. حميد پنهنجي طبيعت ۽ عادتن ۾ اسان ڀائرن کان گھڻو مختلف هوندو هو. هو پنهنجن ڀائرن ڀينرن سان محبت ڪندو هو پر ساڳي وقت هڪ آزاد طبيعت ماڻهو هوندو هو. امان ڪڏهين ساڻس ناراض به ٿيندي هئي ۽ سندس شڪايت ڪندي هئي پر ان سان سندس ويجھڙائي ۽ محبت ۾ ڪو فرق نه آيو هو. سندس اوچتي وفات امان لاء واقعي هڪ وڏو صدمو هو. هو هيٺ گھر۾ ئي ٺهيل منهنجي وڏي ڀاءُ جي وڪيل واري آفيس ۾ وِيٺو هو. گھر جي ٻارن سان کيس ّخاص انس هوندو هو. ان مهل ئي ڪجھ ٻار کانئس شين وٺڻ لاء ڪجھ پئسا وٺي ويا هئا. اٽيڪ ٿيڻ مهل هو پنهنجي ڪرسي تي ويٺو هو ۽ سگريٽ سندس هٿ ۾ هو.
امان 25 دسمبر 2008 تي گذاري ويئي. اهڙي ريت سندس وفات کي ٻارنهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. هو اٽڪل ڏيڍ مهينو لياقت نيشنل هسپتال جي آئي سي يو ۾ بيهوشي جي حالت ۾ هئي. سندس ان بيهوشي جي حالت ۾ وڃڻ کان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ آئون ساڻس ملي آيو هوس ۽ ان وقت هو بلڪل نارمل حالت ۾ هئي. ان متعلق آئون گھڻو ڪجھ نه ٿو چئي سگھان پر شايد کيس پنهنجي طبيعت جو اندازو هو. آئون هڪ ڏينهن اڳ لاهور کان موٽيو هوس ۽ منهنجو ارادو ان ڏينهن امان سان ملڻ لاء وڃڻ جو نه هو پر هن اڳ ئي گھر فون ڪري منهنجي زال کي چيو هو ته رئوف کي چئوته مون سان ملي وڃي. پوء مون کي لڳو ته آئون ساڻس جيڪڏهين ان ڏينهن ملڻ نه وڃان ها ته اهو پڇتاءُ سڄي زندگي رهي ها. آئون سمجھان ٿو ته کيس منهنجي وڏي ڀاءُ حميد، جيڪو سندس گھڻو ويجھو هوندو هو جي سال کن اڳ وفات جو وڏو صدمو رسيو هو ۽ هر وقت ان کي ياد ڪندي رهندي هئي. گھر وارا ٻڌائين ٿا ته هو ان ڏينهن يا هڪ ڏينهن اڳ گھر جي ٻاهران دڪي جي وڃي ويٺي هئي ته هاڻي حميد ايندو. شايد هو وڌيڪ ان حالت کي سهي نه سگھي ۽ هڪ ڊگھي بيهوشي واري حالت ۾ هلي ويئي. وفات وقت سندس عمر اسي سال کن هئي.
بابا آڪٽوبر 1994 ۾ گذاري ويو هو پر امان جي گھٽتائي ان ڪري به وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي ته اسان سڀ ڀائرن ۽ ڀينرن لاء هو هڪ جاء تي گڏ ٿيڻ جو مرڪز هئي. ننڍي وڏي ڏينهن اسان گھڻو ڪري وٽس گڏ ٿيندا هئاسين. ان کانسواء جيڪڏهين وٽس وڃڻ تي ٻين ڀائرن ڀينرن سان ملاقات نه به ٿيندي هئي ته به هو انهن سڀني جو حال احوال ٻڌائيندي هئي. هڪ لحاظ کان هن ڄڻ سڀني کي ڳنڍي رکيو هو. سندس گذاري وڃڻ کانپوء ڄڻ هر ڪو پنهنجي ليکي ٿي ويو آهي. ڀائرن ڀينرن جي ملاقاتن ۽ حال احوال ۾ اها باقاعدگي ناهي رهي. بس ڪڏهين ڪنهن تقريب ۾ ملاقات ٿي ويئي يا فون تي ڳاله ٻوله ٿي ويئي. باقي هرڪو پنهنجي زندگي جي خفن ۾ لڳو پيو آهي. اها رڳو چوڻ جي ڳاله نه پر حقيقت آهي ته ماء اولاد کي گڏ رکڻ جو هڪ ذريعو هوندي آهي. سندس پيار ۽ سندس ياد هميشه اسان سان گڏ رهندي.