آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪجهه ريل جي سفر جي باري ۾، جتي هڪ سَٽي باز به مليو!

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ريل جو گھڻو سفر ڪيو آهي، جيڪو مختلف طريقن سان ريل جي هر ڪلاس ۾ سفر ڪيو آهي. گھڻا سال اڳ هڪ ڀيري آئون پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مامي سان گڏ پاڪستان جي مختلف شهرن جي سير تي نڪتو هوس. ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي گھمڻ کان پوءِ پشاور پهتا هئاسين، جتان اسان کي ڪراچيءَ موٽڻو هو. اسان مان ڪنهن کي به ان وقت اهو اندازو نه هو ته اڳواٽ بُڪنگ کانسواءِ ريل ۾ سيٽ نه ملندي آهي، خاص طور تي پشاور کان ڪراچيءَ جي اٽڪل چوويهه ڪلاڪن جي ڊگھي سفر لاءِ ته اهو اشد ضروري هو. ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهي پياسين. ڪا سيٽ خالي هجي ته اسان کي ملي. پٺاڻن جا ڪٽڪ هئا، جيڪي پشاور کان ڪراچيءَ اچي رهيا هئا. اهو سفر اسان ٽنهي لاءِ انتهائي تڪليف ده هو. مون کي ته پنجاب جي ڪنهن شهر تي لهندڙ هڪ همراهه گاڏيءَ ۾ موجود ٻين مسافرن سان وڙهي پنهنجي سيٽ الائي ڪهڙي خيال کان ڏيئي ويو، پر باقي اسان وارا ٻيئي همراهه ائين ئي پنهنجو وقت گذاري اچي ڪراچيءَ پهتا.
ان کان گھڻو وقت پوءِ 9 اپريل 2008 تي مون کي پنهنجي زال سان گڏ ملتان وڃڻو هو ۽ اسان اڳواٽ ان لاءِ بڪنگ به ڪرائي ڇڏي هئي. مون کي پنهنجي آفيس مان، جڏهن ته منهنجي گھرواريءَ کي پنهنجي گلشن حديد واري گهر مان سٽي اسٽيشن تي پهچڻو هو. ڪراچيءَ جي حالتن لاءِ ته نه ان وقت ۽ نه ئي هاڻي ڪا اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي ته، ايندڙ لمحي ڇا ٿيندو. ان ڏينهن به اوچتو ايم ڪيو ايم ڪنهن بهاني پنهنجو احتجاج شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ معمول جيان سڄو شهر وڳوڙن ۾ وٺجي ويو هو. ان ڏينهن ئي سٽي ڪورٽ جي ويجھو طاهر پلازه ۾ وڪيل ۽ سندن اصيل، ڪيميڪل ذريعي باهه ڏيئي ساڙيا ويا هئا. مون لاءِ ٽاور تي اسٽيٽ بينڪ کان سٽي اسٽيشن پهچڻ ڪو مسئلو نه هو، پر منهنجي زال کي ان سلسلي ۾ وڏي ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻو پيو. ٽئڪسي ۾ گھران نڪرڻ مهل نه ته کيس ۽ نه ئي ٽئڪسي ڊرائيور کي شهر ۾ حالتن جي سنگيني جو اندازو هو. قائد آباد پهچڻ کان پوءِ انهن کي ڪجهه اندازو ٿيو ته اڳتي حالتون صحيح ناهن.
ٽئڪسي ڊرائيور اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر منهنجي زال اهو سوچي ته، هوءَ جيڪڏهن لانڍي اسٽيشن تان ڪنهن ريل ۾ ويهندي ته اها کيس سڌو وڃي سٽي اسٽيشن لاهيندي. پر جنهن ٽرين ۾ هوءَ ويٺي ته اها به وڳوڙن جي ڪري ڊرگ روڊ جي اسٽيشن تي بيهي رهي ۽ اتان هوءَ ڪنهن طريقي سان وڌيڪ ڀاڙو ڏيئي رڪشا يا ٽئڪسي ڪري اچي سٽي اسٽيشن تي پهتي.
آئون جڏهن اسٽيشن تي پهتس ته هوءَ اڳ ۾ ئي اتي موجود هئي. پوءِ ريل جو هڪ اڻکٽ انتظار شروع ٿي ويو. گھر وارن کي اسان اطلاع ڪري ڇڏيو هو ته اسان خيريت سان اسٽيشن تي پهچي ويا آهيون، جنهن ڪري هو ڪا ڳڻتي نه ڪن. جنهن ريل گاڏيءَ کي ڇهين وڳي ڪراچيءَ کان روانو ٿيڻو هو، اها ان وقت تائين ڪراچي ئي نه پهتي هئي ۽ شهر کان ٻاهر ئي وڳوڙن جي ڪري ڪٿي بيٺل هئي. اسان وانگر ٻيا گھڻا مسافر به اسٽيشن تي پنهنجي پنهنجي گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٺا هئا. نيٺ رات جو اٽڪل نائين وڳي ڌاري گاڏي ڪراچي پهتي ۽ يارڊ ۾ صفائي وغيره جي عمل مان گذرڻ کان پوءِ اٽڪل ڏهين وڳي ڌاري ڪراچي کان رواني ٿي. ساڳئي ريت اسان پنهنجي منزل تي به اوترو ئي دير سان پهتاسين.
سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ ريلوي جو نظام هميشه کان وڌيڪ بهتر رهيو آهي. انهن جو شيڊول اهڙي ريت طئي ٿيل هوندوآهي جو فيصل آباد، گجرانوالا ۽ گجرات وغيره کان به ماڻهو صبح جو سوير لاهور؛ پنهنجن ڪمن ۽ دفترن ۾ پهچي سگھن ٿا. مون کي پنهنجي آفيس جي ڪمن جي سلسلي ۾ اڪثر پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ ان سهولت کي مدِنظر رکندي آئون پنهنجي رهائش لاهور ۾ ئي رکندو هوس، جتان ئي اچ وڃ ڪندو هوس. لاهور کان پنڊي ويندڙ ريل ڪار مون کي صبح جو نائين وڳي کان اڳ گوجرانوالا تي لاهيندي هئي. هڪ ڀيري مون کي کاريان وڃڻو هجي ۽ مون اهو ئي سوچيو ته، صبح جو ريل ڪار ۾ سوار ٿي سڌو وڃي اتي لهبو. اتفاق سان اتي پليٽ فارم تي نان اسٽاپ نالي ٽرين به بيٺل هجي، جيڪا واٽ تي ڪٿي بيهڻ کانسواءِ سڌو لاهور کان پنڊي ويندي آهي. آئون غلطيءَ سان ريل ڪار ۾ چڙهڻ بدران نان اسٽاپ ۾ سوار ٿي ويس. جڏهن اها گجرانوالا جي اسٽيشن تي نه بيٺي ته، مون ٻين مسافرن کان پڇيو ته، ”اها اتي ڇو نه بيٺي؟“
انهن ٻڌايو ته، ”اها ريل ڪار نه، پر نان اسٽاپ آهي، جيڪا گجرانوالا تي ناهي بيهندي ۽ نه ئي وري اها کاريان تي بيهندي.“ آئون پريشان ٿي ويس ته اهو ته غلط ڪم ٿي ويو. گاڏي مون کي سڌو پنڊي وڃي لاهيندي ۽ پوءِ اتان کاريان پهچندي ته شام ٿي ويندي، پر ان ڳالهه کي اتفاق چئجي ته ٺيڪ کاريان اسٽيشن تي ئي سگنل نه ملڻ ڪري گاڏي بيهي رهي. گاڏي پليٽ فارم کان ڪجهه پرتي بيٺي. زندگيءَ ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو هو جو مون پنهنجو سامان کنيو ۽ هيٺ پٽڙين تي ٽپي پيس ۽ پٽڙيون پار ڪري سڌو کاريان جي ريلوي اسٽيش ۽ اتان ٻاهر نڪري ويگن رستي کاريان شهر ۾ پنهنجي وقت کان اڳ پنهنجي منزل تي اچي پهتس. ان متعلق هينئر به آئون سوچيندو آهيان ته مون کي يقين نه ايندو آهي ته، واقعي ائين ٿيو هو ۽ مون پٽڙين تي ٽپو ڏنو هو.
ڪجهه عرصو اڳ هڪ دوست سان پروگرام ٺاهي لاهور لاءِ روانا ٿياسين. منهنجي اها عادت آهي ته گھڻي ڀاڱي اسٽيشن تي ريل مان نه لهندو آهيان، پر ان ڏينهن الائي ڇا ٿيو جو آئون ڪنهن شئي وٺڻ لاءِ حيدرآباد اسٽيشن تي گاڏيءَ مان لهي پيس. مون اڃا اها شئي ورتي نه ورتي ته ريل هلڻ شروع ڪيو ۽ آئون ان ۾ سوار ٿي نه سگھيس ۽ پنهنجي ان شئي سميت اتي اسٽيشن تي ئي رهجي ويس. مون سان گڏ جيڪو همراه هئو، اهو پنهنجي ليکي پريشان، پر هو ٽرين ۾ اڳتي هليو ويو. پوءِ فون تي اهو طئي ڪيوسين ته هو ڀلي لاهور پهچي اتي منهنجو انتظار ڪري. آئون پويان ايندڙ ٻي ٽرين ۾ اتي پهچان ٿو. پويان ايندڙ ٻي ٽرين ته مون کي جلدي ملي ويئي، پر اهو سفر ان دوست جي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ ذهني اذيت ۽ تڪليف وارو رهيو.
ان سڀڪجهه جي باوجود به ريل جو سفر منهنجي لاءِ بس ۽ هوائي جهاز جي ڀيٽ ۾ هميشه وڻندڙ ۽ اتساهيندڙ رهيو آهي. آئون هاڻي به ريل جي سفر کي ترجيح ڏيندوآهيان. هونئن ته مون هوائي جهاز، ريل ۽ بس ۾ گھڻو سفر ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ هر سفر جي پنهنجي خاصيت آهي ۽ ماڻهو هر سفر ۾ مختلف تجربا حاصل ڪري ٿو، پر انهن ۾ ريل جي سفر جي هڪ پنهنجي انفراديت آهي. ان ۾ ريل جو گاڏو ڄڻ ته ڪجهه وقت لاءِ مسافرن جو گڏيل گھر بڻجي ويندو آهي ۽ اهڙا مسافر، جيڪي هونئن هڪٻئي سان ڪڏهن مليا به نه هوندا آهن، سي سفر ختم ٿيڻ تائين هڪٻئي جي انتهائي ويجھو اچي وڏا مائٽ بڻجي پوندا آهن. هونئن ته منهنجو اهڙي سفر ۾ گھڻن مختلف ماڻهن سان واسطو پيو آهي، پر ويجهڙ ۾ جڏهن هڪ ذاتي ڪم سانگي ملتان وڃڻو پيو ته، اهو ڄڻ هڪ نئين قسم جي ماڻهن سان سفر ڪرڻ جو هڪ منفرد تجربو هو.
هن وقت جيتوڻيڪ ريل جي نظام ۾ مسافرن کي سهولتن وغيره ڏيڻ ۽ وقت جي پابنديءَ جي حوالي سان گھڻو سڌارو اچي چڪو آهي، پر ساڳئي وقت ڪجهه ريل گاڏين کي نجي هٿن ۾ ڏيڻ ۽ وڌيڪ پئسن ڪمائڻ جي حوالي سان نشستن وغيره ۾ جيڪي تبديليون ڪيون ويون آهن، انهن مسافرن لاءِ ڪجهه سوڙهه،ِ تنگي ۽ ڏکيائي به پيدا ڪري ڇڏي آهي. اڳ ۾ جيڪا جاءِ ٻن ماڻهن لاءِ هوندي هئي، اتي هاڻي ٻنهي پاسن کان وچ ۾ هڪ هڪ واڌو سليپر هڻي ڇهن ماڻهن جي گنجائش ڪئي ويئي آهي. اهڙيءَ ريت ماڻهو لاءِ ڄڻ صحيح نموني ويهڻ جي جاءِ به نه ٿي هجي. ريلوي وارن جو مقصد آهي ته اهي بس ستل ئي رهن. اها صورتحال اٽڪل سڀني ريل گاڏين ۽ انهن جي سڀني ڪلاسن ۾ آهي.
آئون ڪراچي مان پنهنجي زال سان 23 سيپٽمبر تي تيزگام ۾ بزنس ڪلاس ۾ روانو ٿيس. اسان کان سواءِ اسان جي ڪوپي ۾ چار ٻيا مسافر سوار ٿيا. انهن همراهن جو ڪراچيءَ سان ئي واسطو هو. انهن اسان کي شروع ۾ چيو ته، ”اسان جي پاران اوهان کي ڪابه پريشاني نه ٿيندي.“ سندن ڳالهين مان خبر پيئي ته هو جيتوڻيڪ پاڻ ۾ دوست هئا، پر پنهنجي مزاج، عمر ۽ پسمنظر جي حوالي سان مختلف هئا. هڪ ڪاٺياواڙي ميمڻ، هڪ رنڇوڙ لائين ۾ رهندڙ سلاوٽ ۽ ٻه اڙدو ڳالهائيندڙ هئا. ميمڻ جو سڄو ڌيان پنهنجي موبائيل تي هو ۽ لاڳيتو پنهنجي گھر ۾ پنهنجي پٽ سان رابطي ۾ هو. هو ان کي ڪنهن ڪرڪيٽ ميچ ۾ سٽي جي حوالي سان هدايتون ڏيئي رهيو هو. ساڳئي وقت هو پنهنجي هڪ دوست کي اهو پڻ سمجھائي رهيو هو ته، انٽرنيٽ وسيلي انهن ميچن ۾ ڪيئن ٻولي ڏبي آهي ۽ ڪيئن سٽو کيڏبو آهي. مون دير تائين اهو سڀڪجهه ڏٺو پي.
جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ کي آئون به فالو ڪندو آهيان، پر مون کي ذهن ۾ نه پيو اچي ته ان وقت ڪٿي ۽ ڪهڙي ميچ ٿي رهي هئي. نيٺ مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مون کانئس پڇيو ته، ”اها ڪهڙي ميچ ۽ ٽورنامينٽ آهي؟“ هن مون کي ٻڌايو ته، ”اها ڀارت جي پرڳڻي ڪرناٽڪا ۾ ٿيندڙ ڪرناٽڪا پريميئر ليگ آهي، جنهن ۾ ان پرڳڻي جون مقامي ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.“
مون کانئس پڇيو ته، ”هو ڪهڙيءَ ريت اها راند ڪري ٿو؟“ ته هن ٻڌايو ته، ”سندس واسطو ڪنهن به ٽيم جي کٽڻ يا هارائڻ سان نه هوندو آهي.“ هن مون کي سمجھائيندي چيو ته، ”جيئن شيئرز مارڪيٽ ۾ شيئرز جي قيمت ۾ چاڙهه ۽ لاٿ جي صورت ۾ خريد و فروخت ڪري نفعو ڪمائبو آهي، ساڳي ريت هتي به ڪنهن به ٽيم جي اگهه ۾ لاٿ ۽ چاڙهه جي صورت ۾ اسان ٽيمن جي خريد و فروخت ڪندا آهيون.“ هو پنهنجي دوست کي ٻڌائي پيو ته، ”اهو ڌنڌو ڄڻ ته سندس رت ۾ شامل آهي. شروع ڏينهن کان هو اهو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اهو دنيا جو بهترين ڌنڌو آهي.
جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ پئسو آهي ته ان کي ان ڪم ۾ شامل ٿيڻ گھرجي، پر ساڳئي وقت ان لاءِ هڪ ته ماڻهوءَ کي ان ڪم جي طور طريقن جي خبر هجي ۽ ٻيو منجھس نقصان برداشت ڪرڻ جي به سگهه هجي. پر هن جي باقي ٽن دوستن مان ڪنهن جي به ان ڪم ۾ دلچسپي نه ٿي لڳي ۽ هو ان ڪم کي چڱو نه پيا سمجھن. جڏهين ته هڪ ٻئي دوست جي وري ڳائڻ ۾ دلچسپي هئي ۽ منهنجي ۽ پنهنجن دوستن جي زور ڀرڻ تي هن پراڻن انڊين ۽ ڪلاسيڪي گانن جا ڪجهه ٽڪرا ڳائي ٻڌايا.
سلاوٽ جو چوڻ هو ته، هو مقامي چونڊن ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ آزاد اميدوار طور بيٺو هو، پر ايم ڪيو ايم جي اميدوار کان ڏيڍ سئو ووٽن تان هارائي ويو. سندس چوڻ هو ته، هو اهڙين چونڊن ۾ حصو وٺندو رهندو آهي ۽ برادريءَ جي ڪري سندس ووٽن جي پوزيشن به مضبوط هوندي آهي. هن ڀيري ايم ڪيو ايم، خاص طور تي برادريءَ جي حوالي سان فاروق ستار پاران مٿس گھڻو زور وڌو ويو ته هو ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ وٺي يا ايم ڪيو ايم جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ۽ قوم کي نه ورهائي. ايستائين جو منهنجي ساڻس ملاقات کان انڪار ڪرڻ جي باوجود هو منهنجي اليڪش آفيس ۾ هلي آيو، پر مون کي هٿ کڻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. سندس چوڻ هو ته سندس پنهنجو هڪ موقف آهي. هو ايم ڪيو ايم جي سياست کي پنهنجن ماڻهن لاءِ صحيح نه پيو سمجھي.
انهن ۾ سڀني کان ننڍو اساما نالي نوجوان هو، جيڪو ڳئن ۽ مينهن وغيره جي واپار جو ڪم ڪندو آهي. ان جي ڪم سانگي ئي اهي چارئي ڄڻا مال جي خريداري لاءِ ٽرين ذريعي خانيوال وڃي رهيا هئا، جتان کين جھنگ وڃڻو هو، جتي ڇنڇر تي مال جي خريد و فروخت جي بازار لڳندي آهي. چئني ڄڻن جو ريل جو ڀاڙو، کاڌي پيتي مطلب ته سفر جو سڄو خرچ مٿانئس هو ۽ هو زوريءَ کين کارائي پياري رهيو هو. هن نوجوان جي جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم سان همدردي لڳي ٿي، پر سندس شوق ڳائڻ سان هو. هن ٻڌايو ته شروع ۾ هن ان سلسلي ۾ باقاعدي تربيت وٺڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر سندس والد پاران کيس اجازت نه ملي، جنهن ڪري هو وڌيڪ اڳتي نه وڌي سگھيو. سندس چوڻ هو ته، هو فلمي گانا ڳائڻ پسند نه ڪندو آهي ۽ گھڻو ڪري ڪلاسيڪي راڳ ۽ ڪافين وغيره تي ڌيان ڏيندو آهي. اسان جي گھڻي اصرار تي هن ڪجهه گيت اسان کي ٻڌايا.
چوٿون اسد نالي همراه گھٽ ڳالهائڻ ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو هو. ڪنهن سياسي تنظيم ۽ سياسي اڳواڻ سان سندس ڪا جذباتي وابستگي نه هئي، بلڪه سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي سياست هڪ شهر جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ کي تعليم ۽ شهري سهولتن جي حوالي سان گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ان رڳو پنهنجي ووٽ بينڪ کي وڌائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرين ماڻهن جي رهڻ جي حوصلي افزائي ڪئي، جنهن ڪري شهري سهولتن تي دٻاءُ وڌيو ۽ شهر ۾ بيروزگاري ۽ ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو، جنهن جو گھڻو بار پڻ مهاجرن کي کڻڻو پيو.
اهڙي ريت اهو سفر انهن دلچسپ ماڻهن جي سنگت ۾ پورو ٿيو.