آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪجھ نقاش جي باري ۾

نقاش عجيب شخص هو، بلڪ ائين چئجي ته اهڙو غير معمولي شخص هوندو هو، جيڪو ساڳي وقت پنهنجي ذات کي ٻين ۾ گم ڪرڻ لاءِ به تيارهوندو هو، پر جڏهين معاملو سندس انا، عزت ۽ اصولن جو هوندو هو ته هو بلڪل ٻيو ماڻهو بڻجي ويندو هو. مون اهو ڏٺو ته کيس صبحاڻي جو الڪو نه هوندو هو. سندس آفيس ۾ هر وقت ادبي ۽ سياسي دوستن جو ميڙو متل هوندو هو ۽ آئون سمجھان ٿو ته هو پنهنجي پگھار جو هڪ وڏو حصو انهن دوستن جي چانهه ۽ ماني جي بل جي طور تي مهيني ۾ ڪينٽين جي مالڪ امير علي کي ادا ڪندو هو. هو عمر ۾ مون کان وڏو هو پر ساڻس ورتاه هميشه دوستن جيان ئي رهيو. آفيس ۾ لاڳيتو گڏ هوندي هڪٻئي سان ذاتي احوال به ڪندا هئاسين ۽ پنهنجي اندر جو حال به اوريندا هئاسين. سندس زندگي جا جيتوڻيڪ گھڻا ئي پاسا آهن، پر هتي ڪجھ ڳالهيون رڳو سندس آفيس ۾ مون سان گذاريل ڪجھ وقت متعلق آهن.
هو جنهن وقت مون سان آفيس ۾ هو ته سندس لاءِ چيو ويندو هو ته هو سائين محمد زمان لنواري واري جي درگاه سان لاڳاپيل هو ۽ پوء ڪجھ اختلافن جي ڪري انهن کان ڌار ٿي ويو هو. پر مون اهو ڏٺو ته سندس عقيدت لنواري واري درگاه سان آخر تائين ساڳي ريت هئي جنهن جو اندازو سائين محمد زمان ۽ لنواري جي پيرن متعلق سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل انيڪ ڪتابن مان لڳائي سگھجي ٿو. سندس جيڪڏهين ڪي اختلاف هئا ته اهي انهن ماڻهن سان هئا، جن درگاه تي قبضو ڪري ان جي نالي ۾ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ چاهيا ٿي، جيئن هن وقت سنڌ ۾ ڀٽائي جي درگاه سميت مختلف درگاهن جي سلسلي ۾ ٿي رهيو آهي. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هو لنواري ته ڇڏي آيو هو پر اها ڄڻ سندس من ۾ سمائجي ويئي هئي ۽ سندس احساسن جو حصو بڻجي ويئي هئي. جيتوڻيڪ هو گھڻي تفصيل ۾ نه ويندو هو پر درگاه سان عقيدت جي اظهار کانسواء ڪڏهين ڪڏهين ذڪر ڪندو هو ته جيڪڏهين هو لنواري سان واسطي ۾ هجي ها ته سندس شايد ان سان شادي ٿي وڃي ها. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو پڻ هڪ اهڙو عنصر هو جنهن کيس احساساتي طور لنواري سان ڳنڍي رکيو هو.
اسان جي سماج ۾ جنس هڪ فطري شي هئڻ جي باوجود به هڪ Taboo آهي ۽ ان متعلق ويجھن دوستن سان به نهايت ئي احتياط سان ڳالهائڻو پوندو آهي. ڪنهن ماڻهو جي اعلا روحاني ۽ سماجي مرتبن تي پهچڻ جو مطلب اهو ناهي ته هو ڪو ان شي کان مبرا آهي ۽ ان کان وانجھيل آهي بلڪ هڪ انسان هئڻ جي ناتي اها شي سندس وجود جو هڪ لازمي حصو آهي. نقاش هڪ تارڪ الدنيا شخص ۽ راهب نه هو. هو هن ئي دنيا جو ماڻهو هو ۽ سندس خواهشون ۽ امنگون به ٻين ماڻهن جهڙيون ئي هيون. اهڙي ريت پنهنجين محرومين کي هو مختلف طريقن سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نقاش جنهن ڪمري ۾ ويهندو هو ان کي ٻه دروازا هوندا هئا ۽ اهو بيرڪ نمبر 90 ۾ ڄڻ هڪ کان ٻئي پاسي وڃڻ جو لنگھ هوندو هو جنهن کي آفيس جا اٽڪل سڀ ماڻهو استعمال ڪندا هئا. اسان جي سيڪشن ۾ سسيلا نالي هڪ ڊيٽا انٽري آپريٽر هوندي هئي جيڪا ان ڪمري مان ڏينهن ۾ گھڻا ڀيرا اچ وڃ ڪندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن نقاش مون کي چيو ته رئوف توکي سسيلا ڪيئن ٿي لڳي. مون کيس چيو ته ٺيڪ آهي، پر تنهنجو مطلب ڇا آهي. مون کي چيائين ته يار مون کي اها وڻي ٿي ۽ آئون ساڻس شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهنجو ان متعلق ڪهڙو خيال آهي. مون کيس چيو ته ٺيڪ آهي، تون ساڻس ڳالهائي ڏسينس. مون کي اهو خيال هو ته پهرين ڳالھه ته هو ساڻس ڳالهائڻ جي همت نه ڪندو ۽ جيڪڏهين ڪري به ٿو ته شايد سسيلا گھڻن ڪارڻن جي ڪري ان ڳالھه لاءِ راضي نه ٿيندي. پر آئون سمجھان ٿو ته اهو معاملو ان کان وڌيڪ شايد اڳتي وڌي نه سگھيو.
آئون ان آفيس ۾ پوڻا ٻه سال رهيس ۽ سيپٽمبر 1979 ۾ هتان استعفا ڏيئي اسٽيٽ بينڪ هليو ويس. نقاش ان کان پوءِ به هتي ئي نوڪري ڪندو هو. ساڻس آفيس کان ٻاهر مختلف ادبي ۽ سياسي گڏجاڻين ۾ رابطو ساڳي ريت برقرار هو ۽ مختلف معاملن تي حال احوال ٿيندا رهندا هئا.
مختلف اختلافن جي ڪري لنواري کان جيڪي دوست ڌار ٿيا هئا انهن ۾ نقاش جي حيثيت منفرد هوندي هئي. اتان جو عام ماڻهو کيس عزت ۽ احترام سان ڏسندو هو ۽ پنهنجن مختلف مسئلن جي حوالي سان ساڻس لاڳاپي ۾ رهندو هو. ان ڪري درگاه جي نالي ۾ فائدا حاصل ڪندڙ ماڻهو کيس پنهنجي لاء هڪ خطرو سمجھندا هئا. مختلف موقعن تي اهڙيون پڻ خبرون هونديون هيون ته کيس رستي تان هٽائڻ لاء رٿابندي ڪئي ويئي هئي ۽ ان مقصد لاء مختلف ماڻهن کي ڪراچي اماڻيو ويو هو. هڪ ڏينهن مون کي اوچتو اها خبر پيئي ته نقاش ڪنهن اطلاع کانسواء آفيس مان غائب هو جيڪا سندس طبيعت جي حوالي سان هڪ غيرمعمولي ڳالھه هئي. ڇاڪاڻ ته ان آفيس ۾ نوڪري ڪندي کيس گھڻو عرصو ٿيو هو ۽ ڪڏهين به ان قسم جي صورتحال پيدا نه ٿي هئي. مختلف دوستن کان معلوم ڪرڻ تي اها خبر پيئي ته لنواري ۾ درگاه جي گادي نشيني جي معاملي تي لنواري جي عام ماڻهن ۽ درگاه تي قابض ماڻهن جي وچ ۾ هڪ تنازعو کڙو ٿي ويو هو ۽ نقاش ان ۾ عام ماڻهن ۽ هارين جي مدد جي حوالي سان اتي پهتل هو. کيس ان سلسلي ۾ پوئتي جو ڪو اونو نه هو. هن آفيس کي ڪو اطلاع ڏيڻ ضروري نه سمجھيوهو. آفيس پاران سرڪاري ڪاروائي پوري ڪرڻ لاء کيس سندس سرڪاري پتي تي خط لکيا ويا، اخباري نوٽيسن ذريعي کيس حاضر ٿيڻ لاء چيو ويو. ڪنهن جواب نه ملڻ تي شوڪاز جاري ڪيا ويا ۽ نيٺ اها سڄي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ کانپوء هڪ ڊگھي عرصي کانپوء ڪنهن کڙتيل نه نڪرڻ جي صورت ۾ سندس نوڪري ختم ڪئي ويئي. پر نقاش لنواري ۾ جنهن سرگرمي ۾ رڌل هو ان جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته ان ڳالھه جي ڪا اهميت ئي نه هئي ۽ نه ئي هن ان ڳالھه جو ڪو نوٽيس ئي ورتو ۽ آفيس سان ڪو رابطو ڪري پنهنجي غيرحاضري جو ڪو جواز پيش ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته اهو ڪو عام ماڻهو جو وهنوار نه هو بلڪ هڪ اهڙي ماڻهو جو ڪم هو جيڪو هڪ مقصد لاء پنهنجو سڀڪجھ داء تي لڳائي ڇڏي. کيس شايد ان ڳالھه جو به احساس هوندو ته سڄي سنڌ ۾ درگاهن جي حوالي سان جيڪي مستقل مفاد آهن انهن جي هوندي هو جيڪي ڪجھ ڪري رهيو هو ان جا نتيجا سندس مرضي موجب نه نڪرندا. پر دنيا ۾ گھڻا اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ممڪن ۽ ناممڪن جي معاملي ۾ پوڻ کانسواء ئي بس پنهنجي دل ۽ اندر جي آواز تي ڪنهن به اوڙاه ۾ ٽپي پوڻ لاء تيار هوندا آهن ۽ نتيجن جي پرواه نه ڪندا آهن ۽ هو اهڙن ماڻهن مان ئي هو.
آئون اڪثر اهو سوچيندو آهيان ته ڇا نقاش واقعي پنهنجي نوڪري جي قرباني عام ماڻهو جي حقن لاء درگاه جي اسٽيبلشمنٽ سان وڙهڻ جي ڪري ڏني. بظاهر ته ائين ئي لڳي ٿو ۽ هو پاڻ ان ويڙه جو حصو به هو. پر ساڳي وقت جيڪڏهين سندس شخصيت جو جائزو وٺجي ته اهو هڪ لحاظ کان سندس لاء ڄڻ اهڙو موقعو هو جنهن ۾ سندس لاء پنهنجي ان پيار کي حاصل ڪرڻ جو هڪ امڪان پيدا ٿي پيو هو جنهن کي هو گھڻو عرصو اڳ لنواري ۾ ڇڏي ڪراچي اچي ويو هو ۽ پوء ان کي مختلف صورتن ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.
اها ڳالهه انهي ڪري به چئي سگھجي ٿي ته لنواري جو معاملو ته اتي ئي رهيو ۽ نقاش جي خواهشن موجب حل نه ٿي سگھيو جيڪو ائين ٿيڻو به نه هو پر هو اتي نيٺ شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪا شايد اها ئي عورت هئي جنهن کي هو هر وقت ساريندو رهندو هو. ان کان پوء هو مختلف جاين تي نوڪري ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ ٿر ۾ هڪ اين جي او سان گڏ هو جڏهين هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سندس وفات ٿي ويئي.