لياري، جيڪو ڪڏهن ڪنهن لاءِ اوپرو نه رهيو، اهو هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي!
هڪ گڏيل آبادي وارو، پورهيت طبقي جو علائقو، جتي سڀ ٻوليون ڳالهائيندڙ گڏجي رهن ٿا، جن ۾ نسلي ۽ لساني تضادَ ڪڏهن به جھيڙن ۽ فسادن جو ڪارڻ ناهن رهيا. مڪران، تربت ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن مان آيل بلوچ، ڪڇ ۽ ڀڄ مان آيل ڪڇي، بهار مان آيل اڙدو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهن هڪ ڊگھي عرصي جي ميل ملاپ ۾ اهڙي گڏيل ڪلچر کي جنم ڏنو آهي، جيڪو انهن ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، جيڪي انهن سڀني کي ڌار ڌار ڏسڻ جا عادي آهن. اهي راندين ۽ خاص طور فٽبال ۽ باڪسنگ سان شوق رکندڙ ماڻهو آهن.
اهو علائقو جيئن ته مک شهر جي ويجھو آهي، ان ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڀارت مان آيل مهاجرن جي هڪ وڏي تعداد هن علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. انهن مان گھڻا اتي جھڳين ۾ رهندا هئا. هتي هڪ ته ٻڌي واپار جون مارڪيٽون هيون، جتان پوري ملڪ کي هر قسم جي سامان جي سپلاءِ ٿيندي هئي. ٻيو ته بندرگاه جي ويجھو هئڻ ڪري هتي گودام وغيره قائم ڪرڻ جو لاڙو وڌيڪ هو. هتان جا جھونا ٻڌائين ٿا ته، ايوب خان جي دور ۾ هتان ماڻهن کي لڏائڻ جي اسڪيم جوڙي ويئي هئي، ته جيئن هتي گودام قائم ڪري سگھجن، پر ماڻهو پنهنجا گھر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. سندن پاران مزاحمت جي ڪري، جنهن جو ذڪر آزاد بلوچ به ڪندو هو، ان تي عمل نه ٿي سگھيو. ساڳي ريت شهر جي ويجھو هئڻ ڪري ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي لاءِ پڻ ان علائقي کي تجويز ڪيو ويو هو، پر هتان جي ماڻهن جي لڏڻ کان انڪار جي ڪري ان اسڪيم کي ٻئي پاسي منتقل ڪرڻو پيو.
هتي جنهن علائقي جو ذڪر ڪيون ٿا، اهو لياري جو اهو علائقو آهي، جيڪو شهر سان گڏيل آهي ۽ جتي جي آباديءَ جي گھڻائي ڪاٺياواڙي ميمڻن، ڪڇين ۽ سنڌين تي مشتمل آهي. انهن مان گھڻا پنهنجا دڪان هلائيندڙ ۽ سرڪاري ۽ نجي دفترن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو آهن. هتان جيئن اڳتي بغدادي، چاڪيواڙي، ميوه شاه ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڌجي ٿو ته، اتي جيتوڻيڪ مختلف ٻوليون ڳالهئيندڙ ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ گھڻائي بلوچن جي آهي. ۽ انهن ماڻهن جي به گھڻائي پورهيتن تي ٻڌل آهي.
ڪي شيون ماڻهوءَ جي شخصيت جو حصو بڻجي وينديون آهن ۽ انهن جو ميسارجڻ يا انهن ۾ ڪا اڻ وڻندڙ تبديلي تڪليف جو باعث بڻجي ويندي آهي. موسا لين ۽ نوآباد جي علائقن کي لياري جي نسبتاً سکين ستابن علائقن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جتي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جون گھڻي ڀاڱي اهي سڀ سهولتون موجود آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي ٻين علائقن ۾ موجود آهن.
ڏاڏا جڏهن پنهنجي خاندان جي وڌڻ جي ڪري اڇي قبر يا مٺي در کان نوآباد منتقل ٿيو ته، ان وقت منهنجي عمر شايد چار يا پنج سال مس هوندي. ان وقت ڪجهه سرنديءَ وارن کي ڇڏي هتي ٻه ماڙ ۽ ٽي ماڙ عمارتن جو تصور ئي نه هو. وڏا هوادار گھر ۽ کُليل گھٽيون هونديون هيون، جيڪي به ڄڻ گھرن جو ئي هڪ حصو هونديون هيون، جتي ڏينهن جو پاڙي جون عورتون ويهي پنهنجا حال اوريندون هيون ۽ رات جو کٽون وڇائي ماڻهو سمهندا هئا. ڪوبه گھر ڪنهن جي لاءِ اوپرو نه هوندو هو. مائٽن کي پنهنجي ٻارن جو گھڻو فڪر نه هوندو هو. کين پڪ هوندي هئي ته هو پاڙي ۾ ئي ڪٿي هوندا. اهو سڀڪجهه هاڻي رڳو ماضي آهي، جڏهن ته جيڪا تبديلي آئي آهي، اها انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.
ان علائقي ۾ هن وقت هڪ ماڙ جاءِ ڪابه مشڪل سان ئي نظر ايندي. پڳڙي سسٽم جي بنياد تي هر عمارت پنج، ڇهه ماڙ کان گھٽ نه رهي آهي. گھٽيون سوڙهيون ۽ گنديون ٿي ويون آهن، جيڪي فليٽن مان اڇلايل گند ڪچري سان ڀريون پيون هونديون آهن- ۽ جتي ڪڏهن فٽبال ۽ ڪرڪيٽ کيڏبي هئي، اتان هاڻي لنگھڻ جي جاءِ به نه ٿي ملي.
ڪجهه وقت اڳ ڏيپچند ٽي اوجھا پرائمري اسڪول واري عمارت تي امن ڪاميٽي نالي تنظيم جو به قبضو رهيو هو، جنهن ڪري علائقي جا ماڻهو ڪافي هراس ۾ رهيا هئا. اهو قبضو بعد ۾ رينجرز جي اچڻ کانپوء ختم ٿيو. اسڪول جي سامهون ئي جُھڳين جي آبادي هوندي هئي. گھڻي عرصي تائين اها آبادي هتي رهي. پوءِ حڪومت پاران انهن کي متبادل پلاٽ ڏيئي شهر جي ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن منتقل ڪيو ويو. اهو پلاٽ ”پنڃرا پور“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ ڪي ايم سي جي ملڪيت هو. ان وقت اسان ڪجھه دوستن گڏجي اخبارن وغيره وسيلي اها مهم هلائي ته ان پلاٽ تي شاه لطيف لائبرري قائم ڪئي وڃي. ان جي نتيجي ۾ شاه لطيف جو نالو ته رکيو ويو، پر ڪي ايم سي ان کي لائبرريءَ بدران شادي هال ۾ تبديل ڪري پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو.
جيڪي ڪجھه عمارتون ان علائقي جي سڃاڻپ هونديون هيون، انهن ۾ معصومين اسپتال به هوندي هئي، جتي ٻاهرٻارنهن امامن جا نالا لکيل هوندا هئا ۽ اندر هر غريب امير کي ڪنهن تفريق کانسواءِ سستي علاج جي سهولت ميسر هوندي هئي. هاڻي تجارتي ۽ نفعي وارا مقصد فلاحي ڪمن تي حاوي ٿي ويا آهن. گھڻي عرصي کان اسپتال جي عمارت، جيڪا طرزِ تعمير جي حوالي سان هڪ ڌار حيثيت جي حامل هئي، کي ڊاٿو ويو آهي. شايد ان جي ٽرسٽين اتي جديد ۽ نئين اسپتال قائم ڪئي آهي. پر سوال وري به اهو آهي ته، ڇا اها ان پراڻي اسپتال سان وابستگي جو پورائو ڪري سگھندي يا ان جو تسلسل هوندي. ٿورو اڳتي هلجي ٿو ته، جڳ مشهور ڪڪري گرائونڊ آهي. اهو ڪنهن دور ۾ نهايت عاليشان گرائونڊ رهيو آهي، جتي فٽبال جي مئچن کانسواء باڪسنگ ڪلب وغيره جون سهولتون پڻ رهيون آهن. هي کارادر سان لڳولڳ آهي ۽ ان ئي روڊ تي علائقي جون مک اسپتالون ۽ اسڪول قائم آهن. اهڙي ريت لينڊ مافيا جي نڪته نظر کان نهايت اهم آهي.
گرائونڊ جو هڪ وڏو حصو چائنا ڪٽنگ وسيلي ڪتيانا ميمڻ جماعت کي ڏنو ويو آهي، جنهن اتي پنهنجي جماعت جي ماڻهن لاءِ ڪميونٽي هال ۽ ٻيون سهولتون قائم ڪيون آهن، جنهن سان گرائونڊ جي حيثيت، وسعت ۽ ڪشادگيءَ کي گھڻو نقصان پهتو آهي. ساڳي ريت ڪي ايم سي جي، فاروق ستار جي ميئر هئڻ واري دور ۾ ان ئي سڙڪ تي واقع تاريخي عمارت فدو ٽاور جي ڪمپائونڊ کي ڪتيانا ميمڻ جماعت کي اسپتال قائم ڪرڻ لاء ڏنو ويو هو. ان تاريخي عمارت جي اهميت جي پيش نظر ڪراچيءَ جي مختلف تنظيمن ۽ اخبارن پاران ان قدم جي مخالفت ڪئي ويئي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ان لاءِ هڪ وچين واٽ ڪڍي ويئي، جنهن ۾ ان ٽاور جي گنبذ کي قائم رکندي اتي ڪتيانا ميمڻ اسپتال قائم ڪئي ويئي.
ان ساڳئي علائقي ۾ ٻئي پاسي روڊ تي کڏي واري علائقي ۾ اچون ٿا ته، اتي جي اهم ڳالهه حاجي عبدالله هارون جا قائم ڪيل ادارا هئا. هڪ وڏو ڪمپائونڊ، جنهن کي ڪامپليڪس جو نالو به ڏيئي سگھجي ٿو، جنهن ۾ سنڌي، اڙدو ۽ گجراتي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول، يتيم خانو، ڊسپنسري ۽ پوءِ فيض احمد فيض جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل هارون ڪاليج شامل هئا. ان ڪمپائونڊ ۾ باسڪيٽ بال ڪورٽ به هوندو هو، جتي شاگرد فارغ وقت ۾ راند ڪندا هئا. ان سان لڳ ئي عبدالله هارون ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري جو گڏيل طور قائم ڪيل مدرسو مظهرالعلوم آهي. اهي ادارا نه رڳو علائقي، پر ٻاهر جي ماڻهن لاءِ به اتساه جو ذريعو هوندا هئا. هارون خاندان انهن جو گھڻو خرچ کڻندو هو ۽ اٽڪل سڄي لياريءَ جا ٻار ان مان فائدو حاصل ڪندا هئا. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نيشنلائزيشن جي قدم انهن ادارن کي وڏو نقصان پهچايو. هارون فيملي جي ان مان دلچسپي ختم ٿي ويئي ۽ پوءِ واپس ڪرڻ جي آڇ جي باوجود انهن ان کي واپس نه ورتو. ان عمارت ۾ ئي موجود هارون هال، جنهن کي علائقي جا ماڻهو شادين ۽ ٻين تقريبن لاء استعمال ڪندا آهن، امن ڪاميٽي جي قبضي ۾ هليو ويو، جيڪو به بعد ۾ رينجرز آجو ڪرايو.
ان ئي سڙڪ تي ٿورو اڳتي اوکائي ميمڻ لائبرري ۽ ريڊنگ روم هوندو هو، جنهن مان علائقي جا سڀ ماڻهو فائدو وٺندا هئا. آئون پاڻ روز شام اتي اخبار پڙهڻ ۽ امتحانن جي ڏينهن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندو هوس. ٻين علائقن جيان هتي به ڪمرشل مفادن جي فلاحي مقصدن تي حاوي هئڻ جي ڪري ان لائبرري ۽ ريڊنگ روم کي ختم ڪري هاڻي اتي فليٽ قائم ڪيا ويا آهن، جن کي ڏسي ۽ پراڻن وقتن کي ياد ڪري، رڳو افسوس جو اظهار ئي ڪري سگھجي ٿو.
اهڙي ريت اهو چئي سگھجي ٿو ته لينڊ مافيا، تجارتي مفادن، سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن جي ملي ڀڳت سان ماضيءَ جي اهم نشانين، جيڪي هن علائقي جي سڃاڻپ هيون، کي ختم ڪري هن سڄي علائقي جي منظر کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو عمل اڃا به هلندڙ آهي - ۽ ان جي خلاف عوامي سطح تي ڪا مزاحمت به موجود ناهي.