سفر اڳتي هلي ٿو
سنگت جي حوالي سان هڪ ڌار تفصيلي مضمون ۾ آئون اڳ ۾ ئي پنهنجا ويچار ونڊي چڪو آهيان. هتي رڳو هڪ لاڙي جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. سنگت ڪراچي جو آئون ٻه سال سڪريٽري ۽ ڪيترائي سال ڪاروباري ڪاميٽي جو رڪن رهيو آهيان. سنگت جي سرڪرده دوستن پاران خاص طور تي وجودي فلسفي سان واسطو رکندڙ دوستن جي سنگت ۾ اچڻ جي حوصلي شڪني ڪئي ويندي هئي. مون پنهنجي ليکي ان لاڙي کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنگت جي دوستن کي ان ڳاله تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنگت هڪ جمهوري ادارو آهي جنهن جو مقصد رائي جي آزادي کي اڳتي وڌائڻ آهي ۽ نه ان کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ. ان سلسلي ۾ دوستن جو خاص طور تي ممتاز مهر جي گڏجاڻين ۾ اچڻ تي اعتراض هوندو هو. پر مون شروع کان ئي ممتاز کي گڏجاڻين ۾ اچڻ لاء اتساهيو جيڪا ڳالھه گھڻن دوستن کي نه آئڙي ۽ انهن ان جو گڏجاڻين ۾ اظهار به ڪيو. پر سماج ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين مٿان ٿاڦڻ ۽ سڀني کي پنهنجي رائي مطابق هلائڻ جو جيڪو لاڙو موجود آهي، اهو اٽڪل سڀني دوستن ۾ موجود هوندو هو ۽ ممتاز جو ردعمل به ان حوالي سان ساڳي نوعيت جو هوندو هو ۽ سندس خواهش هوندي هئي ته هر ڪو سندس رائي جي پوئواري ڪري. ان سان گڏوگڏ انهن ڪجھ سالن ۾ سنگت ڪراچي ادبي ۽ سماجي مسئلن جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو، جنهن جو حوالو اڃا تائين ڏنو ويندو آهي، ان ۾ دوستن سان گڏ شامل رهيس.
سنگت سان گڏوگڏ منهنجين سرگرمين جو دائرو شهر جي ٻين ادبي تنظيمن تائين به ڦهليل هوندو هو. انهن تنظيمن سان تعلق جو هڪ پاسو اهو به هو ته غير سنڌين ۽ سندن تنظيمن متعلق پنهنجي ليکي جيڪي تصور ۽ خيال قائم ڪيل هوندا هئا ۽ ساڻن ويجھڙائي جي باري ۾ جيڪو هڪ وسوسو ۽ ڊپ هوندو هو ان کي درست ڪري سگھبو هو ۽ اها خبر پوندي هئي ته پنهنجي ٻولي ۽ اٿ ويه جي لحاظ کان مختلف هوندي به اهي اسان جهڙا ئي ماڻهو آهن جن سان بلڪل ساڳي نموني اتفاق ۽ اختلاف ڪري سگھجي ٿو جيئن سنگت يا ٻي ڪنهن سنڌين جي تنظيم ۾ ٿئي ٿو.
انهن مان هڪ انجمن ترقي پسند مصنفين تي بندش پوڻ کانپوء ڊاڪٽر م ر حسان، شيخ اياز، گل خان نصير ۽ ملڪ جي ٻين ترقي پسند ليکڪن پاران قائم ڪيل عوامي ادبي انجمن هئي. ان سلسلي ۾ ان تنظيم جو پاڪستان ۾ ٻولين جي حوالي سان هڪ واضح موقف هو. ڊاڪٽر حسان پنهنجي هڪ مضمون ۾، جنهن جو شايد سنڌي ۾ به ترجمو ٿيل آهي، ملڪ جي سڀني ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي حق ۾ واضح دليل ڏنا آهن. پوء ترقي پسند تحريڪ ۾ جيڪي اختلاف ٿيا ۽ هر ڪنهن پنهنجي ڌار ڪني چاڙهي ان جي نتيجي ۾ اها تنظيم ڊاڪٽر حسان جي جماعت ڪميونسٽ ليگ جو ڄڻ هڪ کليل ادبي پليٽ فارم بڻجي ويئي. جنهن وقت آئون ان جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس ان وقت ان جو سيڪريٽري نور محمد شيخ هو جيڪو پهرين حاجي عبدالله هارون اسڪول ۽ پوء هارون ڪاليج ۾ اڙدو جو استاد ۽ سنڌي ۽ اڙدو جو سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي. ڊاڪٽر حسان جيڪو پاڻ هارون ڪاليج جو پهريون وائس پرنسپل هو، سان نورمحمد شيخ جو ناتو هڪ استاد ۽ شاگرد وارو هو ۽ هو ان تعلق کي ڊاڪٽر حسان جي وفات تائين نڀائيندو رهيو بلڪ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته عوامي ادبي انجمن کي جيئرو رکي اڃا تائين ڄڻ ان کي نڀائيندو ٿو اچي.
سنگت جي گڏجاڻين جيان انهن گڏجاڻين جي خاصيت اها هوندي هئي ته انهن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل ٿيندا هئا جن جو واسطو ڀلي شعر شاعري يا افساني جي دنيا سان نه هجي پر اهي ڪنهن نه ڪنهن ريت سياست، صحافت، ثقافت ۽ مزدور ۽ هاري تحريڪن وسيلي ترقي پسند تحريڪ جو حصو هوندا هئا ۽ ان ۾ پنهنجو حصو وجھندا هئا. انهن ماڻهن ۾ فصيح الدين سالار، لالا لعل بخش رند، رحيم بخش آزاد، بابر اياز، نجما بابر، بصير نويد، بابا غياث الدين ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻولين جا اديب ۽ شاعر شامل ھوندا هئا.
مختلف ڪميونسٽ گروپن جا جيڪي اتحاد ٿيندا رهندا هئا ان سلسلي جي هڪ ڪڙي طور ڪميونسٽ ليگ جو عابد حسن منٽو جي پارٽي سان اتحاد ٿيو. ان پارٽي پاران جيڪي ليڪچر، سيمينار ۽ ٻيا مختلف پروگرام ٿيندا هئا انهن ۾ آئون شريڪ ٿيندو هوس. انجمن جي گڏجاڻين کانسواء خاص طور تي لالا لعل بخش رند، نورمحمد شيخ ۽ فصيح الدين سالار سان ويجھڙائي وڌي ويئي ۽ سندن گھرن يا ٻين مختلف هنڌن تي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيڻ لڳس. ان جو مطلب نه ته سندن پارٽي جو حصو ٿيڻ هو ۽ نه ئي انهن مان ڪنهن مون کي اهڙي آڇ ڪئي.
ڪراچي جي مختلف ٻولين سان واسطو رکندڙ ترقي پسندن ۾ ان وقت اهو لاڙو مضبوط ٿي رهيو هو ته جيئن ته ترقي پسند سياست پنهنجي تنظيم ۽ نظرئي جي حوالي سان خاص طور تي پڙهيل لکيل ماڻهن کي گڏ رکڻ ۾ ڪامياب نه ويئي آهي ان ڪري دانشورانه سطح تي اهڙا غير سياسي پليٽ فارم ٺاهجن جيڪي ماڻهن کي گڏ رکي سگھن ۽ کين هڪ اتساه به مهيا ڪن. ساڳي وقت انهن کي پراڻي ۽ نئين ٽهي جي گڏجڻ جو ذريعو به ٺاهجي. ان سلسلي ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي ڪجھ ليکڪن جن ۾ واحد بشير، ڊاڪٽر محمد علي صديقي، فقير محمد لاشاري، رئوف نظاماڻي، حسن عابد ۽ راحت سعيد وغيره شامل هئا اڙدو ۾ ارتقاء جي نالي سان هڪ ڪتابي سلسلي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان جي لاء فنڊز وغيره ذاتي ڪوششن وسيلي گڏ ڪبا هئا. اهو ته هڪ عام مشاهدو آهي ته مثبت نتيجن کي ماڻهو موٽ ڏيندا آهن ۽ ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا آهن. ساڳي ريت اهو معاملو جيئن اڳتي هليو تيئن ٻين گھڻن ان جي افاديت کي ڏسندي ان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ گھڻن پاسن کان ان کي مالي ۽ اخلاقي مدد ملڻ کانسواء مختلف حلقن ۽ شخصيتن پاران مڃتا پڻ ملڻ لڳي. ان کي سنڌ سميت ملڪ جي اهم ليکڪن ۽ دانشورن جي اخلاقي ۽ لکڻين جي حوالي سان مدد حاصل هئي. شروع ۾ ان جون گڏجاڻيون شهر ۾ مختلف جاين تي ٿينديون هيون پر پوء باقاعدي احمد سينٽر گلشن اقبال ۾ ان جي لاء دفتر حاصل ڪيو ويو. انهن گڏجاڻين جي خاص ڳاله اها هوندي هئي ته اهي ٺيڪ مقرر وقت تي شروع ٿي وينديون هيون پوء ڀلي ان مهل ٻه ڄڻا ڇو نه ويٺل هجن. مقصد اهو هو ته دير سان ايندڙن جي سزا وقت سر پهچڻ وارن کي نه ملڻ گھرجي بلڪ دير سان ايندڙ ئي ان کي ڀوڳين. ان جو اثر اهو ٿيو ته ماڻهن ان ڳاله کي سمجھڻ شروع ڪيو ته دير سان اچڻ ۾ سندن پنهنجو نقصان آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي ريت اهي ڪاروائي جي گھڻي حصي کان محروم رهجي ٿي ويا ۽ گڏجاڻي مان جوڳو لاڀ حاصل نه پئي ڪري سگھيا. نتيجي ۾ انهن وقت سر اچڻ شروع ڪيو. ٻين تنظيمن پاران به جيڪڏهين ان ساڳئي اصول تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ گھڻن ماڻهن جو گھڻو وقت رڳو ڪجھ ماڻهن جي انتظار ڪرڻ ۾ زيان نه ٿئي ها. اهو سفر اڳتي هلندو رهيو ۽ هن وقت ان نالي سان ارتقاء انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز قائم ڪيو ويو آهي جيڪو باقاعدي طور تي ننڊي ۽ وڏي پئماني تي ليڪچر ۽ سيمينار وغيره ڪرائيندو رهي ٿو. اهو رضاڪارانه بنيادن تي هلندڙ ادارو آهي جنهن کي هلائيندڙن ۾ گھڻائي انهن ماڻهن جي آهي جن جو ترقي پسند سياست جو هڪ پسمنظر رهيو آهي.