منهنجو دوست بدر قريشي
انهن تنظيمن جا مرڪز گھڻو ڪري لياري ۾ هوندا هئا، جتي ئي مشاعرا وغيره ٿيندا هئا، ۽ جن ۾ گجراتي، اڙدو، بلوچي ءِ ٻين ٻولين جا شاعر به شريڪ ٿيندا هئا. ان وقت تائين اهو دائرو شهر جي ٻين علائقن تائين نه ڦهلجي سگھيو هو ۽ نه ئي انهن جو شهر جي ٻين علائقن جي خاص طور تي اڙدو اديبن سان ڪو سرگرم واسطو هو.
هتان جي گھڻن شاعرن کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ مدعو ڪيو ويندو هو. ان لحاظ کان ان وقت لياري سنڌي، گجراتي، اڙدو ۽ بلوچي ادب ۽ شاعري جو ڄڻ مرڪز هو، ان ڪري شاعريءَ سان شوق رکندڙ بدر قريشي ۽ تاج بلوچ وغيره جهڙن نوجوان شاعرن لاءِ به هتي اچڻ ضروري هوندو هو، جتي سندن خاص طور پابند شاعريءَ جي سکيا ٿيندي هئي ۽ سينئر شاعرن سان ملڻ جو کين موقعو ملندو هو. هتان جي روايتي شاعري ۽ شاعرن تي فڪري حوالي سان کڻي ڪيتري به تنقيد ڪئي وڃي، پر ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته، پابند شاعريءَ جي قاعدن کي نوجوان شاعرن تائين پهچائڻ ۾ انهن جو وڏو ڪردار هو.
انهن پراڻن شاعرن ۾ اڃا به غلام احمد نظامي، محمد جمن هالو ۽ ٻين شاعرن کي ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن شاعري ڳائي وڃي ٿي. تاج بلوچ سان بدر جي واقفيت ان دور ۾ ٿي ۽ هو تاج بلوچ سان پنهنجي دوستي ۽ گڏيل شرارتن متعلق ٻڌائيندو هو. علائقي جون مختلف جايون جهڙوڪ، معصومين اسپتال ۽ ڪڪري گرائونڊ وغيره کيس ياد هوندا هئا ته، هُو ڪيئن اسپتال جي ننڍي ڀت تي وڃي ويهندا هئا ۽ اتي ڪچهري ڪندا هئا.
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو هڪ پنهنجو ۽ ڌار ڪلچر هو. سڀ دوست سنڌ جي مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي گروهن سان لاڳاپيل هوندا هئا ۽ چونڊن وقت هر ڪنهن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته سندن گروه جي مٿڀرائپ رهي، پر اهو معاملو ايستائين رهندو هو ۽ چونڊن کانپوءِ اهي سڀ پاڻ ۾ دوست هوندا هئا، گڏجي سنگت جي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ انهن سڀني جو گڏ هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت هو.
بدر جو والد شايد سرڪاري آفيسر هو ۽ ساڳئي وقت شاعري وغيره سان به شغف رکندو هو. بدر جي ان پاسي ڏانهن لاڙي رکڻ ۾ سندس والد جو پڻ ڪردار هو. هو ڪراچيءَ جي نرسريءَ واري علائقي ۾ مسواڙ جي گھر ۾ رهندو هو. گھڻي عرصي کان سنگت جي ورڪنگ ڪاميٽي جون گڏجاڻيون سندس گھر تي ٿينديون هيون.
سنگت وٽ پنهنجي دستوري گڏجاڻين وغيره لاءِ ته ڪا مستقل جاءِ نه هئي، پر ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻين لاءِ بدر جو گھر ڄڻ هڪ مستقل جاءِ هئي. ان جو خاص ڪارڻ اهو هو ته اها سئو سيڪڙو پڪ هوندي هئي ته، بدر گھر تي ئي هوندو. اهو ان ڪري ته ڪجهه سال اڳ رات جو هو موٽر سائيڪل تي گھر اچي رهيو هو ته نشي ۾ ڌت هڪ ڪار ڊرائيور کيس ٽڪر هنيو هو، جنهن ڪري سندس ڪرنگھو متاثر ٿيو هو ۽ پوءِ هو کٽ تائين محدود ٿي، هلڻ چلڻ کان ويهي رهيو هو. جوانيءَ ۾ اهو نه رڳو سندس ذات، پر سندس مائٽن ۽ دوستن لاءِ به هڪ وڏو صدمو هو. ان صورتحال ۾ پنهنجي همٿ ۽ دوستن ۽ مائٽن جو ساٿ هڪ وڏو سهارو هوندو آهي.
ستار پيرزدو ۽ قاضي منظر حيات سندس گھڻو ويجھو هوندا هئا ۽ سندس خيال رکندا هئا. هو ٻڌائيندو هو ته، حادثي کانپوءِ جڏهن سندس مڱ کيس ڏسڻ ايندي هئي ته، هو کيس چوندو هو ته، ”تون ڀلي ڪٿي شادي ڪري ڇڏ، پر هوءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪندي هئي.“
سنگت ڪراچي جي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ جي ٻئي ڏينهن بدر جي گھر سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ سيڪريٽري فقير محمد لاشاريءَ کانسواءِ هدايت منگي، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ ٻيا دوست شامل هئا. سنگت ڪراچي ۾ اهي سڀ دوست ڪافي عرصي کان گڏ ڪم ڪري رهيا هئا، جڏهن ته منهنجو انهن مان گھڻن سان ذاتي دوستي وغيره جي لحاظ کان تعلق هو. آئون به ڪجهه عرصي کان سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو هوس، پر تنظيمي لحاظ کان آئون پهريون ڀيرو باقاعدي طور سنگت ڪراچي جي ان سٿ ۾ شامل ٿيو هوس.
سنڌي ادبي سنگت، سڄي سنڌ ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان غير سرگرم هئي. ڪراچي سنگت جي سرگرمين ڄڻ سڄي سنڌ ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو هو. دستوري گڏجاڻين کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت، مختلف شخصيتن سان سندن شخصيت ۽ فن جي حوالي سان ماهوار پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا هئا، جن ۾ ٻين اديبن ۽ ليکڪن سان گڏ سنگت جا پنهنجا ڪارڪن پڻ شامل هوندا هئا. ان سلسلي ۾ خاص طور عبدالرحمان نقاش ۽ بدر قريشيءَ جا مثال ڏيئي سگھجن ٿا. بدرکي پروگرام واري جاءِ تي آڻڻ لاء سنگت خاص اهتمام ڪيو هو ۽ کيس مانُ ڏنو هو.
ان عرصي ۾ ملڪي سطح تي ڪجهه وڏا پروگرام جهڙوڪ 1986 ۾ ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۽ 1989 ۾ لاهور ۾ جمهوريت پسند مصنفين جي ڪانفرنس ٿيا هئا. سنڌي اديبن جي حوالي سان انهن پروگرامن جي ذميواري سنگت ڪراچيءَ وٽ هئي ته، اها نه رڳو انهن پروگرامن جي تياري ۽ ترتيب ۾ ٻين ادبي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري، پر سنڌ جي ٻين اديبن کي به متحرڪ ڪري. ان کانسواءِ سنگت ڪراچي ان دور ۾ هڪ خبرنامو پڻ شائع ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان سڄي ڪارگذاري ۾ هونئن ته سڄي ڪاروباري ڪاميٽي سرگرم هوندي هئي، پر ان ۾ نوجوان ڪارڪنن جو وڏو ڪردار هو. اها سڄي رٿابندي بدر جي گھر ئي ٿيندي هئي، جنهن ۾ بدر جون ڪارائتون صلاحون شامل هونديون هيون.
بدر قريشي هڪ لحاظ کان ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي جونيئر ڪارڪنن جو ڀرجھلو هوندو هو. انهن کي خاص طور انور، فقير ۽ بدر ابڙي کان اها شڪايت هوندي هئي ته، اهي گڏجاڻين ۾ وقت جي پابندي نه ٿا ڪن، دير سان اچن ٿا ۽ پوءِ سنگت تي پنهنجا فيصلا مڙهين ٿا، پر ڪيرکين منهن تي اها ڳالهه چئي نه سگھندو هو ۽ انهن سڀني جي ترجماني بدر قريشي ڪندو هو، جيڪو انهن سڀني سان بي تڪلف هوندو هو، جنهن ڪري کين ست سريون به ٻڌائيندو هو.
بدر قريشي پنهنجي دوستن سان ڪڏهن به پنهنجي تڪليف، بيماري ۽ ٻي ڪنهن ڏکيائيءَ جو ذڪر نه ڪندو هو. هر وقت سندس منهن تي مرڪ هوندي هئي ۽ دوستن سان ڳالهه ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏيندو هو. جنوري 1990 ۾ کيس بيماريءَ جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ ٿوري وقت کانپوءِ سندس وفات ٿي ويئي. کيس سوسائٽي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
بدر قريشي ڪجھه اهڙن ماڻهن مان هو، جن کي جسماني طور گڏ نه هوندي به ماڻهو پاڻ کان پري محسوس نه ڪندو آهي. هو پنهنجي پيار، محبت ۽ هڪ شفيق دوست جي حيثيت ۾ هميشه ياد رهندو آهي.