آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪي دوست ڪي ملاقاتون

آئون پنهنجن دوستن جي عزت ڪندو آهيان. ساڻن اختلاف به ڪندو آهيان، پر ساڳي وقت سندن راين جو احترام به ڪندو آهيان. اهڙي ريت آئون پاڻ به ان ڳالهه کي پسند نه ڪندو آهيان ته ڪو دوست مون تي پنهنجي راءِ مڙهي ۽ زوري مون کي اها مڃڻ تي مجبور ڪري. اهو معاملو گھڻي عرصي تائين نه ٿو هلي سگھي. هتي ڪجهه دوستن جو ذڪر ڪجي ٿو.

شمس الدين خواجه
پنهنجي ادبي ۽ سياسي سرگرمين جي حوالي سان گھڻن ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. انهن مان ڪجھه سان وڌيڪ ويجھڙائپ ۽ ذهني هم آهنگي هوندي آهي، جيڪا اڳتي هلي ذاتي دوستي ۾ به بدلجي وڃي ٿي ۽ گھڻي عرصي تائين هلي ٿي. منهنجي انهن دوستن مان شمس الدين خواجه به هڪ آهي. شمس جو واسطو ٽنڊو باگو سان آهي. هڪ ڊگھو عرصو پاڪستان اسٽيل مل ۾ انجنيئر جي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هن ان ملازمت تان ان وقت استعفيٰ ڏيئي پنهنجو ذاتي ڪم شروع ڪيو، جڏهن مل پنهنجي عروج تي هئي. شمس سان منهنجو واسطو عوامي تحريڪ جي حوالي سان پيو. هو پارٽيءَ جي انهن ڪارڪنن مان هو، جيڪي پنهنجو موقف ڪنهن دٻاءَ ۽ ڊپ ڊاءَ کانسواءِ رکندا آهن. آئون سمجھان ٿو ته پارٽيءَ ۾ ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ جو اسان جي دوستيءَ تي ڪو اثر نه پيو.
جيتوڻيڪ لکڻ سان سندس واسطو ناهي رهيو، پر سنڌ جي لکندڙن، اديبن ۽ شاعرن جي کيس چڱي ڄاڻ آهي. هو ساڳئي وقت سندن عزت به ڪندو آهي ۽ ساڻن مختلف معاملن تي بحث ۽ اختلاف به ڪندو آهي.
اسٽيل مل ۾ نوڪري هئڻ جي باوجود هن پنهنجي رهائش شهر ۾ ئي رکي هئي. ڪلفٽن ۾ دوست اڪثر سندس گھر ۾ گڏ ٿيندا هئا. ساڳي ريت لسٻيلي جي پل وٽ ٺهيل اسماعيلين جي فليٽن ۾ به وٽس وڃڻ ٿيندو هو. اتي جڏهن سندس ٻار گھر ۾ نه هوندا هئا ته هو اتي ڪمپائونڊ ۾ جماعت خاني مان دوستن لاءِ ماني وٺي ايندو هو. اسٽيل مل جي اسٽيل ٺاهڻ واري پلانٽ ۾ آئون ساڻس پهريون ۽ اڃا تائين شايد آخري ڀيرو ويو هوس. سندس ڳوٺ ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيو هو. انهن مان هڪ ڀيرو اتان جي سنگت فقير محمد لاشاري جو ليڪچر رکيو هو، جنهن ۾ وڃڻ ٿيو هو.
شمس سان ملاَقات هونئن ئي گھٽ ٿيندي هئي، پر هاڻي هو پنهنجي ٻارن سميت آمريڪا ۾ وڃي رهيو آهي. فيس بڪ ساڻس رابطي جو اهم ذريعو آهي. پري هئڻ باوجود سندس لاءِ اهو ئي قرب ۽ محبت محسوس ٿيندي آهي. جتي به هجي، شال خوش هجي.

ف.م لاشاريءَ سان آخري ملاقات
شايد 18 مئي 1993 جي ڳالهه آهي. بدر ابڙي مون کي فون ڪيو ته، فقير محمد لاشاري جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان سان ملاقات لاءِ هلڻو آهي. فقير ان وقت معمار ڪامپليڪس جي ويجھو رهندو هو. اسان پروگرام ٺاهي گڏجي فقير جي گھر پهتاسين. ساڻس بلڊ پريشر جو مسئلو هو. همراهه، جنهن کي گھر ۾ سک نه ايندو هو، اهو بيماريءَ جي ڪري گھر ۾ قابو ٿي ويو هو. ان وقت طبيعت بهتر هئس. اسان وٽس ڪافي دير ويٺاسين. ڪچهري به ڪئيسين ۽ ماني به کاڌيسين.
ساڳئي وقت کيس پنهنجو خيال رکڻ جي تاڪيد به ڪئيسين. اها اسان جي آخري ملاقات هئي. ٻه مهينا پوءِ 18 جولاءِ 1993 تي آئون جيئن صبح جو آفيس وڃڻ لاءِ گھران نڪتس ٿي ته، بابا، جنهن جي هٿ ۾ هلال پاڪستان هئي، ٻڌايو ته، توهان جو دوست گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو آهي.

نور محمد شيخ
نور محمد شيخ منهنجي دوستن ۾ هڪ منفرد ۽ رک رکاءَ وارو شخص آهي. هو جيتوڻيڪ هڪ سياسي شعور رکندڙ شخص ۽ ڊاڪٽر م. ر حسان جو پوئلڳ ۽ شاگرد رهيو آهي، پر بنيادي طور هو هڪ ادبي ڪارڪن آهي. هڪ ڊگھي عرصي تائين عبدالله هارون ڪاليج، لياريءَ ۾ اڙدو جو ليڪچرار ٿي رهيو ۽ هن وقت رٽائرڊ آهي. هو ساڳي وقت اڙدو ۽ سنڌي؛ ٻنهي ٻولين ۾ لکندو آهي. سنڌي ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين سان به سندس تعلق رهيو آهي، پر هن جو عوامي ادبي انجمن سان هڪ باقاعدي تعلق رهيو آهي.
ان جي گڏجاڻين لاءِ هو نه رڳو دوستن سان ذاتي طور رابطو ڪندو هو، پر انهن کي باقاعدي دعوت ناما به موڪليندو هو. ساڳئي وقت اها ڪوشش ڪندو هو ته گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي چانهه بسڪٽ سان ضرور تواضع ڪجي. ايستائين جو جتي هوٽل تان چانهه جو انتظام نه ٿي سگھندو هو ته، گھران چانهه جو هڪ وڏو ٿرماس، ڪپ ۽ بسڪوٽ وغيره کڻي ايندو هو. هو شروع ۾ لياري ۾ علي محمد محلي ۾ رهندو هو. سندس گھر منهنجو اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. سندس سڄو ڪمرو اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن سان ڀريو پيو هوندو هو. ترتيب سان رکيل انهن شين جي سلسلي ۾ سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته، ڪا شئي ضائع نه ٿئي. ساڳئي وقت هو دوستن کي ڪتاب وغيره ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪافي حساس آهي ۽ ڪتاب واپس نه ڪرڻ تي دوستن کان ناراض به ٿي ويندو آهي. هن وقت هو نوآباد ۾ رهي ٿو.

پي آءِ اَي جي پائلٽ جون ڳالهيون
هڪ ڀيري آئون اسلام آباد وڃي رهيو هوس. منهنجي ڀر ۾ پي آءِ اي جو هڪ آف ڊيوٽي پائلٽ اچي ويٺو، جيڪو صبح جو ڪراچيءَ ويو هو ۽ هاڻي واپس اسلام آباد وڃي رهيو هو. ڪلاڪ ڏيڍ جي سفر دوران حال احوال ٿيندا رهيا. سندس ڳالهين مان مون کي اندازو ٿيو ته هي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن ۽ ماحول کان ڪيترو نه ڪٽيل آهن. مون کان پڇيائين ته، ”اوهان ڪٿي ڪم ڪندا آهيو؟“ مون کيس اسٽيٽ بينڪ جو ٻڌايو. منهنجو خيال هو ته اهو اهڙو ادارو آهي، جنهن جي پاڪستان جي ته سڀني ماڻهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي، پر مون کي حيرت ان وقت ٿي، جڏهن هن پنهنجي لاعلمي جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته، ”کين ڊالر ۾ پگھار ڏني ويندي آهي ۽ گھڻا پائلٽ جن کي آمريڪا وغيره ۾ سٺي آڇ ٿيندي آهي، اهي هتان نوڪري ڇڏي هليا ويندا آهن. پاڪستان سان ان جو واسطو ڄڻ نالي ماتر هوندو آهي.“ سندس چوڻ هو ته، ”اسلام آباد جي ڪا سماجي زندگي ناهي. هتي ماڻهو گھڻو ڪري گھر اندر ئي پنهنجي دلچسپي جون سرگرميون پيدا ڪندا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور وغيره ۾ گھر کان ٻاهر جي زندگي آهي.

ڊاڪٽر اشوڪ سان ملاقات
اٽڪل ٽي ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ ڀيري آئون ڪجھه دوستن سان گڏجي پنهنجي هڪ دوست جي عيادت لاءِ صدر ۾ سيونٿ ڊي ايدوينٽسٽ اسپتال ويو هوس. اوچتو ڊاڪٽر جو گائون پاتل هڪ نوجوان ڊاڪٽر اچي آڏو بيٺو. مون کان پڇيائين ته، ”اوهان فلاڻا آهيو؟“ مون چيس، ”ها، پر اوهان مون کي ڪيئن سڃاتو، جڏهن ته هيءَ پنهنجي پهرين ملاقات آهي.” هن ٻڌايو ته، ”منهنجو نالو ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار آهي ۽ آئون اوهان کي سڃاڻان ٿو.“
بهرحال اها پهرين ملاقات هڪ پڪي دوستي ۾ بدلجي ويئي. ٿوري وقت کانپوءِ منهنجي زال ان اسپتال ۾ داخل ٿي. اسپتال جي قاعدن موجب مريض سان گڏ ڪنهن اٽينڊنٽ جي اجازت نه هئي، پر ڊاڪٽر اشوڪ مون کي اها گھٽتائي محسوس ٿيڻ نه ڏني ۽ منهنجي زال ۽ نئين ڄاول ڌيءُ جو پورو خيال رکيائين. ڪجھه وقت کانپوءِ هو اها نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي هليو ويو. ڪجھه عرصو ته اسان هڪٻئي سان رابطي ۾ رهياسين، پر هاڻي گھڻو وقت ٿي ويو آهي جو اسان جو پاڻ ۾ رابطو نه ٿي سگھيو آهي.