آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

لياريءَ جون مختلف برادريون ۽ سماجي خدمت وارا سندن ڪم

کارادر ۽ نوآباد جي علائقي ۾ اسماعيلي خوجن ۽ ڪاٺياواڙي ميمڻن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو. انهن خاص طور پنهنجي ڪميونٽيءَ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا آهن، جن مان علاقي جا ٻيا ماڻهو به فائدو حاصل ڪندا آهن. کارادر ۾ پنج نمبر ٽانڪي جي ويجھو غلام حسين خالقڏنو جي نالي سان هڪ پراڻو اسڪول آهي، جيڪو لاڳيتو پنهنجو معيار برقرار رکندو اچي. ان اسڪول جي هڪ شاخ ماريپور جي علائقي ۾ به آهي. ٿورو اڳتي هلجي ٿو ته ڪڪري گرائونڊ جي سامهون بانٽوا اسپتال آهي، جنهن جو انتظام بانٽوا ميمڻ جماعت وٽ آهي. عبدالستار ايڌي صاحب جو واسطو به بانٽوا جماعت سان ئي هو. ان ئي سڙڪ تي اڳتي هلجي ٿو ته ڪنڊ تي آغا خاني جماعت خاني جي سامهون فدو ٽاور جي ڪمپائونڊ ۾ ان ٽاور سان گڏ ئي ڪتيانه جنرل اسپتال آهي. سڙڪ جي ٻئي پاسي سيمينٽ اسپتال جي نالي سان هڪ پراڻي اسپتال هئي، جنهن جو هاڻي نالو بدلائي ’کارادر جنرل اسپتال‘ رکيو ويو آهي. اڳتي موسا لين ڏانهن وڃجي ٿو ته، آغا خاني خوجن جو قائم ڪيل جان ڀائي ميٽرنٽي هوم آهي، جنهن جو هاڻي نالو بدلائي ’آغا خان اسپتال‘ ڪيو ويو آهي. اڳتي معصومين اسپتال آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي.
ساڳي ريت هتي ڪتيانا ميمڻ ايسوسيئيشن جا مختلف اسڪول ۽ ڪاليج ۽ آغا خان اسڪول آهي. انهن ادارن جي معيار ۽ مناسب فين جي ڪري علائقي جا گھڻا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي هتي پڙهائيندا آهن. علائقي ۾ سنڌين جو هڪ وڏو تعداد آباد آهي، جن مان گھڻا سکيا ستابا آهن، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي ۽ عام ماڻهن لاءِ اهڙا ڪي ادارا قائم نه ڪري سگھيا آهن.
بولٽن مارڪيٽ تي سنڌ اسلاميه هوٽل ڪراچي جو پراڻو ۽ مشهور هوٽل رهيو آهي. اهو هوٽل سنڌي مومن جماعت جي ئي قائم ڪرڻ وارن مان هڪ محمد رمضان قائم ڪيو هو. ان کانپوءِ ان جي پٽن حاجي عبدالرحمان ۽ ان جي ڀائرن ان کي سنڀاليو، جن جو به ان جماعت جي معاملن ۾ اهم ڪردار هو. پوءِ خانداني وراثت جي ڪري ان جي ملڪيت بدلجي ويئي، پر هوٽل جو نالو اڃا ان جي ساک جي نشاني آهي ۽ اهو ساڳيو نالو هلندو اچي. بولٽن مارڪيٽ ۾ اسٽيٽ بينڪ جي سامهون گھٽيءَ ۾ پلاسٽڪ مارڪيٽ ۾ هندو جو هوٽل آهي، جيڪو پنهنجي سادي گھر جهڙين ڀاڄين ۽ ماني جي ڪري مشهور آهي. بازار ۽ دفترن جا گھڻا ماڻهو اتي ٻنپهرن جي ماني کائڻ لاءِ ايندا آهن. ٿورو اڳتي هلجي ٿو ته ميمڻ مسجد جي پويان ڪپڙا مارڪيٽ واري گھٽيءَ جي ڪنڊ تي صديق حلوائي جو دوڪان آهي. ان جي مٺاين ۾ گجر جو حلوو ۽ رس ملائي، خاص طور حلوو پوري ۽ ان سان گڏ ترڪاري ماڻهو شوق سان کائين ٿا. اها حلوه پوري رڳو نيرن ۾ صبح جو نه، پر سڄو ڏينهن پيئي هلندي آهي ۽ گھڻا منجهند جي ماني به اُتي اچي کائيندا آهن.
لياريءَ جي علائقي ۾ ان وقت ملبارين جا ريزڪي سامان يا ڪرياني جا گھڻا دوڪان هئا. اهي نرم ۽ ملباري لهجي ۾ اڙدو ڳالهائيندا هئا. انهن جي اصلوڪن نالن جي گھٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي هئي ۽ گھڻو ڪري انهن کي ”مامون“ جي نالي سان ئي سڏيو ويندو هو. الظاف شيخ پنهنجي ملائيشيا جي هڪ سفرنامي ۾ لکيو آهي ته، ”اتي به جيڪي ملباري رهن ٿا، انهن کي ’مامون‘ سڏيو وڃي ٿو.“ ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ ان لاءِ جيتوڻيڪ مون الطاف شيخ کان پڇا ڪئي هئي، پر ڪا ڄاڻ نه ملي سگھي.
بغدادي ۾ اسان جي پراڻي گھر سان لڳ ليمارڪيٽ جي ويجھو پراڻو ڪمهار (ڪنڀار) واڙو آهي. اهو ڪمهار واڙو اڳ ۾ اڳوڻي لائٽ هائوس سنيما ويجھو گاڏي کاتي ۽ ڪڇي گھٽي وٽ هو، جنهن کي اتان ان ڪري منتقل ڪيو ويو جو اتي سرڪاري دفتر هئا، جن کي ڪنڀارن جي بٺين جي دونهين تنگ ڪيو ٿي. ساڳيءَ ريت ان کي ان ڪارڻ ئي ليمارڪيٽ جي ويجھي هئڻ ڪري لياري جي اندرين علائقن؛ چاڪيواڙي کان اڳتي سنگولين وغيره پاسي منتقل ڪيو ويو، پر ڪنڀار ان علائقي کي پنهنجو نالو ڏيئي ويا ۽ نئون علائقو ”نئون ڪمهار واڙو“ سڏجڻ لڳو. هن وقت انهن مان گھڻن کي اتان به نيو ڪراچي وغيره واري پاسي منتقل ڪيو ويو آهي. اهي ڪنڀار گھڻو ڪري ڪڇي آهن، جيڪي گھڻو اڳ ڪڇ ۽ ڀڄ وغيره مان لڏي اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا هئا. انهن ڪنڀارن مان گھڻا ٿانون ٺاهڻ سان گڏ ماڻهن جي هڏين وغيره کي جوڙڻ جو ڪم به ڪندا آهن، ۽ اهڙا ڪنڀار شهر جي مختلف حصن ۾ به ملندا.

ن.م.دانش
ن. م. دانش لياري ۾ رهندڙ هڪ بلوچ آهي، پر هن اڙدو ۾ ماسٽرس ڪئي هئي. اڙدو ڪاليج ۾ اڙدو جو ليڪچرار هو. گڏوگڏ اڙدو جو مشهور شاعر به هو. اسان اٽڪل روز شام جو ڪجھه دوست، اسان جي گھر کان ٿوري فاصلي تي پنهنجي هڪ ڪلاس فيلو ۽ دوست غلام نبي بصر جي ڌوٻي جي دوڪان تي گڏ ٿيندا هئاسين. دانش جو گھر به ان ئي گھٽيءَ ۾ هو. ساڻس اڪثر اتي ملاقات ٿيندي هئي. هو جيتوڻيڪ هڪ روشن خيال ماڻهو هو ۽ علائقي ۽ شهر جي ادبي ۽ سياسي ماڻهن سان سندس واسطا هوندا هئا، پر سندس ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو نه هو. هو عوامي ادبي انجمن وغيره جي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو هو.
لياري ۾ جيئن ته گھرن ۽ گھٽين وغيره تي ٻين علائقن جيان نمبر لڳل نه هوندا آهن، پر ماڻهن کي هڪٻئي جي ڄاڻ هوندي آهي، ان ڪري دانش جو لياريءَ کان ٻاهر جي دوستن کي پنهنجي گھر جو پتو ڏيڻ جو هڪ خاص انداز هوندو هو. هو کين چوندو هو ته، اوهان بغدادي پوليس ٿاڻي تي اچي ڪنهن به ماڻهوءَ کان پڇندو ته، دانش ڪٿي ٿو رهي، ته هو سڌو اچي اوهان کي منهنجي گھر پهچائيندو. هن وقت هو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ آمريڪا ۾ آهي.

صبا دشتياري
بلوچيءَ جو نالي وارو شاعر ۽ ليکڪ صبا دشتياري به اتي ئي رهندو هو. شلوار ڪرتو ۽ مٿان وڏي چادر سندس خاص لباس هو. ماڻهن سان سندس گھڻو ميل جول نه هوندو هو ۽ پنهنجن ئي پُورن ۾ هوندو هو. هي بلوچيءَ جي استاد شاعر ظهور هاشمي جو پوئلڳ ۽ شاگرد هو. ان جي نالي سان ملير ۾ هڪ لائبريري به قائم ڪئي هئائين. چوندا هئا ته، هو پنهنجي پگھار جو اٽڪل اڌ ان لائبريري تي خرچ ڪندو هو. بلوچستان يونيورسٽي ۾ نوڪري دوران کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو. هن شخص جي ان انت تي مون واقعي هڪ دلي ڏک محسوس ڪيو هو. هڪ اهڙو معصوم شخص، جيڪو بس ائين تاريڪ راهن ۾ مارجي ويو! ۽ اها خبر نه پئجي سگھي ته نيٺ ساڻس ائين ڇو ٿيو؟ سندس قائم ڪيل لائبريري اڃا به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي.

لياريءَ وارا جيستائين پاڻ چنڊ نه ڏسندا هئا، تيستائين نه روزو رکندا ۽ نه عيد ڪندا هئا:
چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ايوب دور ۾ ئي قائم ٿي هئي. مون کي ياد آهي ته ان کان اڳ پاڙي جا گھڻا ماڻهو کليل جاين تي گڏ ٿيندا هئا. پوءِ اتي پاڻ چنڊ ڏسندا ۽ ٻين کي ڏيکاريندا هئا. جيڪڏهن اکين سان چنڊ نظر نه ايندو هو ته روزو يا عيد نه ٿيندي هئي. پوءِ جڏهن سرڪار پاران چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي قائم ڪئي ويئي ته گھڻا ماڻهو ان ڪاميٽي جي فيصلي کي به ڪا اهميت نه ڏيندا هئا، جيستائين پاڻ اکين سان چنڊ نه ڏسن. گھڻي وقت کانپوءِ ئي ماڻهو پاڻ چنڊ ڏسڻ ڇڏي سرڪاري اعلان تي روزا رکڻ ۽ عيد ڪرڻ لڳا.