آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

هڪ صدي اڳ ڪراچيءَ آيل اسانجو خاندان ۽ منهنجي تعليم

زندگيءَ جو هر دور هڪٻئي سان ڳنڍيل به هوندو آهي ته ڌار به. ماڻهو پنهنجي هڪ دور جي گھڻين ڳالهين تي فخر به ڪندو آهي، ته گھڻيون ڳالهيون سندس لاءِ پشيماني جو به باعث هونديون آهن ۽ هو ڪوشش ڪندو آهي ته نه رڳو ٻين کان سندس اهي ڳالهيون لِڪل رهن، پر ساڳئي وقت سندس اهي ذهن تان به ميسارجي وڃن، ان ڪري لکڻ جو اهو عمل جڏهن شروع ٿيندو آهي ته گھٽ يا وڌ هرڪو پاڻ کي سنسر ڪندو آهي، پر ان سنسر جو مطلب به اهو هوندو آهي ته، اهي سندس ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ موجود آهن. هونئن به اڻ وڻندڙ شين جو وسرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. شايد ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته، ’يادِ ماضي عذاب آهي يا رب.‘
هيءَ ڳالهه اڄڪلهه جي گھڻن سنڌين کي عجيب لڳندي آهي ته، ’ڪراچيءَ ۾ به ڪي اهڙا سنڌي خاندان رهندا آهن، جن کي هتي رهندي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي.‘ اسانجو خاندان اهڙن خاندانن مان هڪ آهي، جن کي ڪراچيءَ ۾ رهندي اٽڪل هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. منهنجو ڏاڏو پنهنجي جوانيءَ ۾ جڏهن (کهڙا مان) هت آيو هو ته، ان وقت، کانئس اڳ ۾ ئي سندس چاچو هتي رهندو هو. ڏاڏي هتان، ڪراچيءَ جي مقامي سنڌين مان شادي ڪئي. انهن جي قدامت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته، ”سندس ناني سائين عبدالرحيم آخوند، جنهن جو ذڪر ان وقت جي سنڌي نصاب جي ڪتابن ۾ هوندو هو، ڪراچيءَ جي ڪنهن انگريز ڪاموري کي سنڌي پڙهائي هئي، جنهن کيس خوش ٿي چيو هو ته ’موجوده ڊينسو هال کان گھوڙو ڊوڙاءِ، جتي اهو بيهندو اها زمين توکي لکي ٿا ڏيون.“
ان درويش ان آڇ کي رد ڪندي کيس جواب ڏنو ته، ”سائين الله اسان کي گنج ڏنو آهي. مون کي ان سڀ ڪجهه جي ضرورت ناهي.“
اها ته منهنجي سانڀر جي ئي ڳالهه آهي ته، بابا اسان کي جڏهن ڪنهن وڏي ننڍي ڏينهن تي قبرستان وٺي ويندو هو ته، پهرين ان قبرستان وڃبو هو، جيڪو ميوه شاه جي مزار جي سامهون هوندو هو ۽ جتي ڏاڏا آخوند جي قبر هوندي هئي. پوءِ لينڊ مافيا زمينن تي قبضي جو جيڪو معاملو شروع ڪيو، انهن کان اسان جا قبرستان به محفوظ نه رهيا آهن. هن وقت اهو قبرستان ختم ٿي چڪو آهي.
ڏاڏي جو هڪ ڀاءُ پويان ڳوٺ ۾ ئي رهندو هو. اهو خاندان ماني مڇي وارو هو. ڪورڪو ڪم ڪندو هو، پر وٽس ڪا زرعي زمين وغيره نه هئي. ڏاڏو پنهنجو گھر به ڀاءُ جي حوالي ڪري آيو هو، ان ڪري پويان وٽس ڪا ملڪيت نه رهي هئي. سندس خاندان جو ڳوٺ سان تعلق ختم ٿي وڃڻ جو شايد اهو به هڪ ڪارڻ هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجن ٻن پٽن جي شادي پنهنجي خاندان مان ڪرائي، پر هڪ ته، اهي به ڪراچيءَ ۾ ئي آباد هئا ۽ ٻي ڳالهه ته اهي شاديون پڻ مختلف خانداني سببن جي ڪري گھڻو عرصو نه هلي سگھيون. انهن جيِ ٻي شادي وري ڪراچيءَ جي مقامي ماڻهن مان ئي ڪرائڻي پئي. اهڙي ريت اسان جو ڳوٺ سان تعلق رڳو هڪ مهمان وارو ئي وڃي رهيو. ان بعد سال ۾ اٽڪل هڪ ڀيرو بابا جي سئوٽ جي گھر مهمان ٿي وڃبو هو. ڳوٺ ۾ ٻين مِٽن مائٽن سان ملڻ سان گڏ هڪ جاءِ تي وڃڻ ضروري هوندو هو ۽ اها هئي ڏاڏي نظام جي قبر، جتي حاضري ڏبي هئي.
اسان هن وقت ڄڻ ڏاڏي جي ستين پيڙهي آهيون. اها قبر پير ڪٽپر واري قبرستان ۾ هئي، جيڪو کهڙا شهر کان گھڻي مفاصلي تي آهي. هن وقت ته ڳوٺ جو قبرستان شهر جي ويجھو ئي آهي، پر بابا ٻڌائيندو هو ته، پهرين هتي اچبو هو.
هن قبر جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته هر سال وڃڻ جي باوجود ان کي ڳولڻ لاءِ اُتان پنهنجي هڪ مائٽ کي گڏ کڻڻو پوندو هو، جنهن کي قبرستان جي ڄاڻ هوندي هئي. ڪيترا ڀيرا ته ائين به ٿيو ته ايستائين ته اسان جي ان سونهين کي به ناڪام موٽڻو پيو. اها عام قبرن جي ڀيٽ ۾ ڊيگهه ۾ ننڍي هئي ۽ ان کي ڪنهن ڪارڻ پڪو نه ڪيو ويو هو. ٻي ڳالهه ته جھنگ صاف ڪرڻ جي باوجود ڪجهه عرصي ۾ اها وري جھنگ جي وچ ۾ اچي ويندي هئي. بهرحال ڏاڏا ۽ سندس ڳوٺ جي ويجھن مائٽن جي وفات کانپوءِ ڳوٺ وڃڻ جو سلسلو آهستي آهستي گھٽبو ويو ۽ هن وقت اهو اٽڪل نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي. بابا کانپوءِ اسانو ننڍو چاچو ان قبر جي سار سنڀال ڪندو ھو پر سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ شايد ئي اسان ڀائرن ۽ سوٽن مان ڪو رڳو اتي ائين ٿيڻ لاءِ ويندو ھجي. آئون سمجهان ٿو ته ڏاڏا جي يادگيري شايد اسان جي نسل تائين رھي، پوءِ جا ايندڙ نسل پنھنجي بنياد جي ڳولھا ۾ ايڏي گھڻي دلچسپي نه وٺن.
ان سلسلي ۾ هڪ اهم مشاهدي جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ان وقت تاثر اهو هوندو هو ته، ’ڪراچيءَ ۾ سڀ مهاجر رهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو به رهي ٿو ته، اهو به جلد يا بدير انهن جهڙو ئي ٿي ويندو.‘ هڪ ڀيري اسان بابا جي سئوٽ جي راڻيپور واري دڪان تي ويٺا هئاسين ته، هن پنهنجي هڪ واقف سان اسان جو تعارف ڪرائيندي چيو ته، ”هي منهنجي سئوٽ جا پٽ ڪراچيءَ مان آيا آهن ۽ جلدئي اهي مهاجر ٿي ويندا.“ ان وقت اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه آئي ته، ان جو مطلب ڇا هو، پر هاڻي خبر پئي ٿي ته، ان جو مطلب هو ته، ”اهي ماڻهو پنهنجو ڪلچر، ٻولي ۽ طور طريقا وساري ويهندا ۽ اسان لاءِ بلڪل اوپرا ٿي ويندا.“ اهو خدشو صحيح به هو، ڇاڪاڻ ته اسان جي چوڌاري گھڻا خاندان ان واٽ تي هلي پيا هئا. اسان جو پاڻ کي بچائڻ ان ڪري ممڪن ٿي سگھيو جو اسان اتفاق سان سنڌي ميڊيم ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي هئي.
منهنجي امان جو واسطو به ڪراچيءَ جي مقامي سنڌي ميمڻ خاندان سان هو. منهنجي نانِي بروهي خاندان مان هئي، جيڪي حبَ جي ويجھو لڪي جي علائقي ۾ رهندا هئا. امان يا سندس خاندان پاران جيتوڻيڪ ڪڏهن سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر سان پنهنجي تعلق جو ذڪر نه ڪيو ويو، پر هوءَ اهو ٻڌائيندي هئي ته، ’سچل سائين سندن مرشد آهن ۽ اتي درگاهه جي اڱڻ تي سندن خاندان جو ڪو فرد به دفن آهي.‘ اهڙي ريت ڳوٺ وڃڻ جي صورت ۾ امان جو درگاهه تي وڃڻ لازمي هوندو هو، جنهن ڪري اسان جو ڄڻ ته ان سان هڪ جذباتي ناتو جڙي ويو هو.
شروعات ۾ اسان اڇي قبر وٽ رهندا هئاسين. اها بابا نور شاه غازي جي مزار آهي، جنهن تي اڇي رنگ جي ڪري ان تي ”اڇي قبر“ جو نالو پئجي ويو. اهو ”مٺي در“ جو علائقو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته، لياري ندي پنهنجو رخ بدلائڻ کان اڳ ۾، هتان اچي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ساڳئي ريت جتي سمنڊ جو پاڻي ايندو هو، اهو علائقو ”کارادر“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. هن علائقي کي لياري ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو ”شهر“ به چوندا هئا.
ڏاڏي جو مون سان پيار، مون کي اڃا ياد آهي. هن خاص طور منهنجي لاءِ پنهنجي سائيڪل ۾ اڳتي گادي لڳرائي هئي. کيس هونئن ئي ٻارن سان وڌيڪ انسيت هوندي هئي. عيد وغيره جي موقعي ته هو سڀني ٻارن کي شهر جي ڪنهن تفريحي جاءِ تي وٺي ويندو هو، جنهن ۾ رڳو خاندان جا نه، پر پاڙي جا ٻار به شامل هوندا هئا، خا ص طور مون کي ياد آهي ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ سرڪلر ريلوي شروع ٿي هئي، تڏهن اسان سڀ ٻار، سندس اڳواڻيءَ ۾ وزير مينشن تان ريل ۾ سوار ٿيا هئاسين ۽ ڊرگ روڊ تي لهي، اسٽيشن جو چڪر هڻي، وري واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو هئوسين.
اسان جي گهر جي هيٺان ملباري جو چانهه جو ننڍڙو هوٽل هوندو هو. سندس نالو ته الائي ڇا هو، پر کيس سڀئي ”مامون“ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مرڪندڙ چهرو، پيار سان ڳالهائڻ ۽ ملائيءَ واري چانهه اڃان منهنجي ذهن تي نقش آهي.
خاندان جي وڌي وڃڻ ڪري اڇي قبر وارو گھر سوڙهو ٿي پيو. ان وقت اڃان ڌار رهڻ جو رواج پيدا نه ٿيو هو، ان ڪري اسان کي نوآباد جي علائقي ۾ شفٽ ٿيڻو پيو. منهنجا ٻه وڏا ڀائر اڳ ۾ ئي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيا هئا، جڏهن ته منهنجي تعليم نوآباد، لياري شفٽ ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي. ان وقت به خانگي ۽ سرڪاري اسڪول؛ ٻيئي هوندا هئا، پر تعليم اڃا ڪمرشيلائيز نه ٿي هئي ۽ خانگي اسڪول گھڻي ڀاڱي فلاحي ادارن ۽ ٽرسٽ وغيره وٽ هوندا هئا. ٻار پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيندو هو، جنهن ڪري ماٽٽن کي ڪا گھڻي مٿاڪٽ نه ڪرڻي پوندي هئي. سڌو وڃي کيس استاد جي حوالي ڪيو ويندو هو. پرائمري تعليم لاءِ مون کي ڏيپچند ٽي اوجھا اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جيڪواسان جي گھر جي بلڪل سامهون هو.
اهو ايوب خان جو دور هو ۽ پاڪستان جا آمريڪا سان ناتا سٺا هئا. ان جي ڪري شاگردن لاءِ خاص طور تي آمريڪا پاران کير ۽ گيهه موڪليو ويندو هو. اڄ وانگر اهو سڀ ڪجهه استادن جي گھرن ۾ نه، پر شاگردن ۾ ورهايو ويندو هو. هاف ٽائيم ۾ روزانو کير جي گلاس سان گڏ هفتي ٻئي هفتي گيهه جو سيل ٿيل دٻو ملندو هو، جيڪو شاگرد پنهنجي گھر کڻي ويندا هئا. اهو سنڌي ميڊيم اسڪول هو، جتي چار درجا پڙهيو هيم. ان اسڪول جي گھڻي يادگيري ته ناهي، پر قاضي صاحب، جنهن جو پڻ پورو نالو ذهن تي نه پيو اچي، جي ڪتابن کانسواءِ اٿڻ ويهڻ جي طور طريقن جي تربيت جا ڪجهه عڪس اڃا ذهن تي نقش آهن. سائينءَ سان منهنجي گھڻو عرصو پوءِ به ملاقات ٿيندي رهي ۽ هو پنهنجن واقفڪارن کي منهنجي لاءِ ٻڌائيندو هو ته، ’منهنجو هڪ شاگرد اسٽيٽ بينڪ ۾ ڪم ڪري ٿو.‘
ان کانپوءِ حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتم. انگريزيءَ جي پڙهائي هڪ مضمون جي طور پنجين درجي کان شروع ٿيندي هئي. اهو اسڪول جيتوڻيڪ ان وقت خانگي هو ۽ هارون خاندان جي ملڪيت هو، پر ان کي بلڪل ويلفيئر جي حوالي سان هلايو ويندو هو. نالي ماتر في هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن خاندان جا هڪ کان وڌيڪ ڀائر داخل هوندا هئا ته، انهن مان ڪجهه جي في معاف ٿي سگھندي هئي، جڏهن ته گھڻن غريب ٻارن جي في هونئن ئي معاف هوندي هئي.
ساڳئي اسڪول جي ڪمپائونڊ ۾ يتيم خانو به هوندو هو، جنهن کي پڻ هارون فيملي هلائيندي هئي. ان سان گڏ ئي خيراتي ڊسپينسري پڻ هوندي هئي، جنهن جو انتظام به هارون فيميلي وٽ هوندو هو. اسڪول ۾ ٽي ميڊيم: سنڌي، گجراتي ۽ اڙدو هوندا هئا. سنڌي ميڊيم جي ڪلاسن ۾ سنڌي ٻارن کانسواءِ ڪاٺياواڙي ۽ بلوچ به هوندا هئا. انهن ٻارن جو تعداد ايترو وڌيڪ هوندو هو جو هر ڪلاس کي ٽن چئن حصن ۾ ورهائڻو پوندو هو ۽ هر حصي ۾ چاليهه کان پنجاهه ٻار هوندا هئا.
اسڪول ۾ مختلف استادن سان واسطو پيو. سائين خير محمد سومرو، جيڪو هيڊ ماسٽر به هو، اهو الجبرا پڙهائيندو هو. کيس پنهنجي سبجيڪٽ تي ايتري ته مهارت حاصل هوندي هئي جو سندس ان موضوع تي ڪتاب پڻ لکيل هو. نهايت سلڇڻي طبيعت جو مالڪ ۽ ڪڏهن به ٻارن تي سختي نه ڪندو هو. سائين تاج محمد سمون جو ڪم ٻارن ۾ سنڌي ادب لاءِ شوق پيدا ڪرڻ هو ۽ ان مقصد لاءِ ان وقت نڪرندڙ ”اديون“ رسالو وڪري لاءِ پڻ کڻي ايندو هو، جنهن جي قيمت اٺ آنا هوندي هئي. نهايت سادو سٻاجھڙو ماڻهو. مون سان سندس آخري ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن آئون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هوس ۽ هارون ڪاليج پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ملهائجندڙ ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ اتي ويو هوس.
ان وقت روزاني هلال پاڪستان جي، شاگردن جي صفحي ۾ منهنجا ليک ڇپجندا هئا. سائين نه رڳو اهي پڙهندو هو، پر کيس اها به ڄاڻ هئي ته هي منهنجو ئي شاگرد آهي. منهنجي پٺي ٺپريندي مون کي تاڪيد ڪيائين ته، پنهنجي ڪم کي جاري رکان. سائينءَ سان پوءِ منهنجي ملاقات ته نه ٿي، پر جڏهن به ڪجهه واسطيدار ماڻهن کان معلوم ڪيو ته، خبر پئي ته سائين ڪافي عرصي کان گم هو ۽ ڳولا جي باوجود به سندس متعلق ڪجهه به معلوم نه ٿي سگھيو هو.
انهن استادن سان گڏ اهڙا استاد پڻ هوندا هئا، جن کي ٻارن کي اذيت ڏيڻ ۾ مزو ايندو هو. سندن طريقو رڳو ’مولا بخش‘ يعني لڪڻ جي استعمال جو نه هوندو هو، پر ٻارن هٿان ذليل ڪرائڻ ۽ ايستائين جو ٻين ٻارن کان ان کي ٿُڪون هڻائڻ کان به نه گسندا هئا. ان سلسلي ۾ وهاب نالي هڪ استاد ڪافي بدنام هو. ڏهڪاءَ وارو طريقو سائين ابراهيم لاسيءَ جو به هوندو هو. ايستائين جو سندس ننڍو ڀاءُ موسيٰ، جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو هو، سدائين کانئس هيسيل رهندو هو. سائين جڏهن وڃي پوليس ۾ انسپيڪٽر ٿيو ته، سڀني شاگردن شڪر ادا ڪيو.
آئون ڪو ايڏو هوشيار شاگرد نه هوس. اٺين درجي تائين بس ائين ئي پاس ٿي ويو هئس. ان جي باوجود مون ڪو ڪلاس رپيٽ نه ڪيو هئو. اٺين ڪلاس جي، اسڪول جي امتحانن ۾ منهنجي پهرين پوزيشن هئي، جنهن جي مڃتا ۾ مون کي اسڪول پاران ڪتابن جو هڪ سيٽ ڏنو ويو، جيڪا ڳالهه گھڻن ٻين سان گڏ منهنجي لاءِ پڻ حيران ڪُن هئي. ان انقلاب جو سبب منهنجو هڪ اوکائي ميمڻ دوست ۽ ڪلاس فيلو آدم هو، جنهن جي ڪري مون ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان کي ’همدرد نونهال‘ ۽ ٻارن جي ٻين رسالن ۾ سوالن جا جواب، فوٽو ۽ مختلف ليک موڪلڻ جو شوق هوندو هو. ان سان گڏ مختلف لائبريرين ۾ اخبارن ۽ اسڪول جي مطالعي لاءِ وڃڻ به سندس هڪ مشغلو هوندو هئو. هن مونکي به ان لائين سان لڳائي ڇڏيو. پوءِ منهنجي لاءِ ڄڻ اڳتي وڌڻ جي هڪ واٽ کلي پيئي. ان شخص کي آئون اڄ به ڏاڍي پيار ۽ ٻاٻوهه مان ياد ڪندو آهيان. مون نائين درجي ۾ سائنس بدران آرٽس جي چونڊ ڪئي هئي. پڙهائيءَ ۾ منهنجو شوق انڪري به ممڪن ٿيو هو جو ان وقت پاڙي ۾ منهنجا جيڪي ننڍپڻ جا دوست هئا، انهن جون دوستيون ٻئي پاسي منتقل ٿي ويون هيون ۽ آئون ڄڻ ته اڪيلو ٿي ويو هوس. ان جي نتيجي ۾ ڪلاس ۾ منهنجي ڪارڪردگي وڌي ويئي ۽ ميٽرڪ جي امتحان ۾ مون فرسٽ ڊويزن حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پوئتي مُڙي ڏسڻ جو ڪو سوال ئي نه هو. منهنجي تعليمي ڪارڪردگي ۽ غير تعليمي سرگرمين خاندان ۽ دوستن ۾ منهنجي عزت ۽ اهميت کي وڌائي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي اڃا وڌيڪ حوصلي افزائي ٿي.
تڏهن ان اسڪول ۾ ميٽرڪ تائين تعليم هوندي هئي. آئون اڃان اسڪول ۾ ئي هئس ته هارون فيميلي اسڪول سان لڳ ئي هارون ڪاليج جو قيام عمل ۾ آندو. اردو جي مشهور شاعر فيض احمد فيض، جنهن جا هارون خاندان سان سٺا ناتا هئا، کي ان ڪاليج جو پهريون پرنسپل مقرر ڪيو ويو. فيض صاحب پاران ڪاليج ۾ جيڪي استاد مقرر ڪيا ويا، اهي نه رڳو ڪراچي، پر انهن ۾ ڪي ڪي ته ملڪ جا مڃيل استاد هئا، جن ۾ مارڪسي دانشور ڊاڪٽر م.ر. حسان به شامل هو، جيڪو پوءِ ڪاليج جو پرنسپل به ٿيو. ميٽرڪ ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪرڻ کانپوءِ مون هارون ڪاليج ۾ ئي داخلا ورتي. هڪ ته اهو ڪاليج اسان جي گھر جي ويجھو هو ۽ ٻيو ته اسڪول جي ايڪسٽينشن هئڻ ڪري هتان جو ماحول مانوس هو. ڪاليج ۾ اچڻ کانپوءِ پڙهائي ڏانهن منهنجو ڌيان اڃان وڌي ويو.