آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪراچي ۽ پشاور شهر ۾ مينهنِ جا ڏينهنَ ۽ ماڻهن جا الڳ الڳ رويا

سنڌ ۾ مينهن گھٽ پوندا آهن ۽ ڪراچي ۾ ته اڃا به گھٽ پوندا آهن. اهڙو وقت به آيو هو جو شهر ۾ لاڳيتو ٻه ٽي سال مينهن نه پيو هو ۽ گھڻن ماڻهن ته ڪراچيءَ کي رڻ پٽ جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو. ان سان اختياري وارن ۽ شهر جي ماڻهن اهو نتيجو ڪڍيو ته هن شهر ۾ مينهن نه پوندا، ان ڪري پاڻيءَ جي نيڪال جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. نتيجي ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جا جيڪي رستا، نالا ۽ نيون هيون، انهن تي ماڻهن قبضا ڪري ورتا. اتي نه رڳو ڪچا ۽ پڪا گھر ٺاهيا ويا، پر بينڪن ۽ ٻئي بزنس جون آفيسون پڻ قائم ٿيون. ڪنهن پڇا ڳاڇا نه ڪئي ته، بابا هي ڇا ٿا ڪيو؟ شهر جي سڄي نظام کي ائين برباد ڇو ٿا ڪيو؟
اهو ته ممڪن ئي نه هو ته، مينهن ماڳهين نه پون. پوءِ ائين ٿيندو هو ته ٿورو به وسڪارو ٿيندو هو ته، پاڻيءَ کي نيڪال جو رستو نه ملڻ ڪري نديون نالا اٿلي پوندا هئا ۽ پاڻي شهر جي رستن کي ٻوڙي ۽ هيٺانهين وارن علائقن جي گھرن ۾ داخل ٿي ويندو هو. نتيجي ۾ سڄي شهر جو ڪاروهنوار بيهي رهندو هو. آءِ آءِ چندريگر روڊ، نرسري، شاهراه فيصل، ڪورنگي ۽ شهر جي ٻين اهم رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺو هوندو هو.
ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جام هوندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ ڦرن جا واقعا به ٿيندا هئا. ماڻهن کي گھر موٽڻ ۾ صبح به ٿي ويندو هو. ٻه ٽي ڀيرا آئون پاڻ ان صورتحال جو شڪار ٿيس ۽ پنجين وڳي جو اسٽيٽ بينڪ جي آفيس مان نڪتل رات جو ٻي اڍائي وڳي گلشن حديد ۾ پنهنجي گھر پهچندو هوس.
اهڙي ئي مينهن جي هڪ مند ۾ مون کي پنهنجو هڪ سفر ياد ٿو پئي. مون کي سرڪاري ڪم سان پشاور وڃڻو هو. ان وقت اٽڪل سڄي ملڪ ۾ مينهن پئجي رهيا هئا. جهاز ڪراچي کان ته اڏاڻو، پر خراب موسم جي ڪري ان کي لاهور ۾ ئي لينڊ ڪرڻو پيو. ان وقت اتي ايئر پورٽ تي شيخ رشيد، جيڪو ان وقت به ريلوي جو وزير هو، ۽ سيد خورشيد شاه به موجود هئا. شيخ رشيد کي پنڊي، جڏهن ته خورشيد شاه کي سکر وڃڻو هو.
خورشيد شاه کي ته ايئرپورٽ وارن چئي ڇڏيو ته، سکر ايئر پورٽ تي لائيٽ نه هئڻ ڪري رات جي ڪابه فلائيٽ ناهي. ايئرپورٽ جي عملي سان سندس وڙهڻ ۽ رڙيون ڪرڻ جو هُنن تي ڪو به اثر نه پيو، جڏهن ته شيخ رشيد ٿوري وقت کانپوءِ اتان هليو ويو.
اسان کي انهن ڪافي دير کانپوءِ اسلام آباد جي فلائيٽ ۾ ويهاريو، جتان پي آءِ اي جي بس رات جو اٽڪل ٻي وڳي پشاور ايئرپورٽ پهچايو. اتي به مينهن لڳاتار وسي رهيو هو.
اهڙي صورتحال ۾ منهنجي لاءِ پهريون مسئلو ڪا سواري ڳولڻ ۽ هوٽل تي پهچڻ هو. منهنجي ذهن ۾ ڪراچيءَ جي صورتحال هئي، جنهن ڪري ڪنهن به وارتا جي ٿيڻ جو ڊپ هو. ايئرپورٽ کان ٻاهر هڪ رڪشا ملي ويو. مون کيس ڪنهن به هوٽل تي هلڻ لاءِ چيو ته جيئن رات گذاري صبح جو پنهنجي ٽيم سان هوٽل ۾ وڃي رهان. ٻن ٽن هوٽلن تي پڇا ڪرڻ کانپوءِ هن نيٺ مون کي هڪ هوٽل تي اچي لاٿو. مون کان سئو روپيا ڪرايو ورتائين، جيڪو منهنجي اندازي موجب عام حالتن جي لحاظ کان به گھٽ هو. اُتي رات گذاري صبح جو نيرن ڪري جڏهن هوٽل واري کي نيرن جا پئسا ڏيڻ لڳس ته هو چئي ته، ”اوهان اسان جا مهمان آهيو. اوهان کان پئسا نه وٺنداسين.“ نيٺ مون ان کي پئسا ڏنا ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي پهتس.
اهو هونئن ته هڪ يادگار سفر هو، پر خاص طور رڪشا ۽ هوٽل واري همراهه جو جيڪو ورتاءُ هو، اهو ڪراچيءَ جي حوالي سان بلڪل ئي غير متوقع ۽ هميشه ياد رهندڙ هو.
فطرت جي تباهيءَ سان انسان جي ڀوڳڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي!
ڪجهه وقت اڳ حيدرآباد وڃڻ ٿيو. سنڌو درياهه تي، ڄامشوري واري پل تان لنگھندي درياهه تي نظر وجھڻ ڄڻ عادت ۾ شامل ٿي ويو آهي. درياهه جي هِن حصي ۾ پاڻيءَ جو گھٽ هئڻ ۽ واري جو اڏامڻ ته معمول جي ڳالهه آهي. ساڳئي وقت درياهه جي ان ويرانيءَ جو فائدو وٺندي مختلف ٽرڪون اتان مٽي ڪڍي رهيون هيون، جيڪا شهرن ۾ تعميراتي مقصدن لاء استعمال ڪئي ويندي. اهو سڀڪجهه سنڌو درياهه سميت دنيا جي سڀني وڏن ۽ ننڍن درياهن ۽ نئين سان ٿي رهيو آهي. وڏن شهرن، ڊيمن ۽ ٻين تعميراتي رٿائن درياهن کي وڏو نقصان پهچايو آهي. ان لاڙي کي ضابطي ۾ آڻڻ ڏکيو آهي. گھڻيون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. هڪ لحاظ کان انساني تهذيب جي ترقيءَ جو مطلب فطرت جي تباهي آهي، جنهن جا نتيجا اڳتي هلي ٻي جيوت سان گڏ انسان کي به ڀوڳڻا پوندا ۽ شايد اهو عمل هاڻي شروع ٿي چڪو آهي.

فطرت خلاف کنيل قدم: ساهه ٻوساٽجي ٿو!
ڪراچي جي آبادي جيئن وڌي رهي آهي ۽ نوان علائقا شهر ۾ شامل ٿي رهيا آهن، تيئن فطرت جا رنگ ختم ٿي رهيا آهن - ۽ ٻي جيوت لاءِ حياتي تنگ ٿي رهي آهي. هڪ اهڙو وقت هوندو هو جو ملير ته پري جي ڳالهه، جتي رڳو ڳوٺ ۽ قدرت جا رنگ هوندا هئا، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ به مختلف پکين جي لات، چيڪو، بادام ۽ ٻيرين جا وڻ هوندا هئا. نوريئڙن کي ڊوڙون پائيندي ۽ وڻن تي لهندي چڙهندي ڏسبو هو. اهي منظر گھڻو اڳ غائب ٿي ويا.
گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر ۾ مختلف ڳوٺن جا بس هاڻي رڳو آثار ئي ملن ٿا، باقي فطرت جو ڪو رنگ باقي ناهي رهيو. ايستائين جو ملير جو علائقو سڄو شهر جو حصو بڻجي ويو آهي. اڳ ۾ ماڻهو اتي ڳوٺن ۽ باغن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پڪنڪ ملهائڻ ۽ ٿوري آسيس وٺڻ لاءِ ويندو هو، پر هاڻي اهو آسرو به باقي ناهي رهيو.
گلشن حديد شهر کان اٽڪل چاليهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. شروع ۾ ڊاڪٽر خاص طور تي ساهه جي مريضن کي اتي رهڻ جي صلاح ڏيندا هئا، پر اتان جو ماحول به بلڪل بدلجي ويوآهي. مون کي هتي رهندي اٽڪل ٽيويهه سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. ان وقت، جڏهن آئون هتي رهڻ آيو هوس ته علائقي ۾ وڻڪاري ۽ ساوڪ گھڻي هوندي هئي. علائقو صاف سٿرو هوندو هو. صبح جو ماڻهن کي پکين جون لاتيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هاڻي اهو سڄو ماحول بدلجي ويو آهي. علائقي جي آبادي وڌي ويئي آهي. وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ بس نالي ماتر وڃي رهي آهي. گندگي ۽ ڪچرو ايترو وڌي ويو آهي، جو ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ آئون پنهنجي گھر جي ٻاهران ويٺو هوس ته مون کي وڻ تان هڪ نوريئڙو لهندي نظر آيو. گھڻي دير تائين اهو وڻ تان لهندو چڙهندو ۽ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ ڏانهن ويندو رهيو. آئون لاڳيتو ان کي ڏسندو رهيس. گھڻي عرصي کانپوءِ مون اهو ڏٺو هو ۽ ان ڄڻ مون ۾ هڪ اتساهه ڀري ڇڏيو هو. آئون تيستائين ان کي ڏسندو رهيو هيس، جيستائين اهو ڪنهن وڻ ۾ غائب نه ٿي ويو هو.
فطرت ۽ جيوت جا رنگ ماڻهوءَ کي هڪ نئون اتساهه ڏيڻ سان گڏ شهري زندگيءَ جي دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ ۾ پڻ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، پر ڇا ڪجي، پنهنجي حرص ۽ لالچ جي ڪري ماڻهن پاڻ، پاڻ کي ان نعمت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي شهر ۾ وقفي وقفي سان گھڻن علائقن ۾ اهڙي بدبوءِ ڦهلجي ويئي هئي، جنهن جو ڪو واضح ڪارڻ سامهون نه آيو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته، اها سمنڊ ۾ گھڻي تعداد ۾ مڇين جي مرڻ جي ڪري ٿي آهي، پر اها ڪا حتمي ڳالهه نه هئي. ڪجهه وقت اڳ بي بي سي جي ڏنل هڪ رپورٽ موجب ايران جو شهر تهران اهڙي بدبوِ جو شڪار ٿيل آهي. ان متعلق به گھڻا انومان ظاهر ڪيا پئي ويا. ڪِن جو چوڻ هو ته اها مڇين جي مرڻ جي ڪري آهي، جڏهن ته ڪي ان کي گٽر لائين جي ڦاٽڻ جو نتيجو قرار ڏين ٿا، پر ڪا ڳالهه حتمي طور طئي نه ٿي سگھي آهي. جڏهن ته حڪمرانن چيو هو ته، ان ۾ ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي، تنهن هوندي به شهري پريشان هئا. ڇا اهي سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ پراسرار تبديليون ڪٿي ماحول ۾ ايندڙ تبديلي جو نتيجو ته ناهن؟

رڳو ريفريشمينٽ لاءِ ايندڙ ماڻهو! ۽ هڪ حل
ادبي تقريبن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به ايندا آهن جن جو مقصد اصل تقريب کان وڌيڪ ريفريشمنٽ هوندو آهي. پوءِ ان جي انتظار ۾ کين پروگرام ۾ آخر تائين ويهڻو پوندو آهي. سڀ تقريرون وغيره به کين ٻڌڻيون پونديون آهن. اسان جي هڪ دوست نرگس هودڀائي اهڙن ماڻهن جي تڪليف ۽ بيچينيءَ کي محسوس ڪيو ۽ ان جو هڪ حل به ڪڍيو. هن پنهنجي تنظيم پاران گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪيو هو. پروگرام جي شروع ٿيڻ کان اڳ هن اعلان ڪيو ته، ريفريشمنٽ تيار آهي. پهرين اوهان اهو ڪري وٺو ته جيئن پوءِ اسان پنهنجو پروگرام انهن ماڻهن سان شروع ڪري سگھون، جيڪي خاص پروگرام جي حوالي سان آيا آهن. اهڙي ريت هن پنهنجي پروگرام جي ترتيب اهڙي ٺاهي، جنهن ۾ رڳو پروگرام ۾ دلچسپي رکندڙ سنجيده ماڻهو ئي شريڪ ٿي سگھن. ڇا ان مثال کي عام طور استعمال ڪري سگھجي ٿو.؟