آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

قبائلي علائقن جو چڪرُ

هڪ ڀيري جڏهن اسان پشاور ويا هئاسين ته خيبر ايجنسيءَ ۾ ان وقت منگل باغ ۽ ٻين هنڌن تي طالبان جو گھڻو زور نه هو ۽ ماڻهو شهر ۾ ۽ اوسي پاسي آرام سان گھمي سگھندو هو. اسان جي ميزبانن اسان کي طورخم جي سرحد تي وٺي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو. صبح جو سويل اسان پنهنجي هوٽل مان نڪتاسين. هن علائقي ۾ گھڻي ڀاڱي آفريدي قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا. بابِ خيبر پار ڪرڻ کان پوءِ ڄڻ دنيا ئي ٻي ٿي ويئي.
پشاور جون شهري عمارتون ۽ سهولتون سرحد جي هن پار رهجي ويون هيون. ٻنهي پاسن کان وڏا جبل، ورن وڪڙن وارا رستا ۽ کاهيون هيون. انهن رستن تان هلڻ هڪ تجربي ڪار ۽ ڄاڻو ڊرائيور جو ئي ڪم هو. هتي ٿوري ئي فاصلي کان پوءِ علائقي جي مَلڪن جا مٽي جي وڏين ديوارن وارا، وسيع اڱڻن سان قلعي نما وڏا گھر هئا، جن جي مٿان چوڪيون ۽ مورچا ٺهيل هئا. روڊ تي پاڪستان کان افغانستان سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جو هڪ اڻکٽ سلسلو هو. باڙا ۽ لنڊي ڪوتل وغيره کان ٿيندا اسان طورخم جي سرحد تي پهتاسين. اسان کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه قدمن جي فاصلي تي جيڪا ٽڪري نظر اچي رهي آهي، اها ٻنهي ملڪن جي سرحد آهي.
جيتوڻيڪ اتي چوڪي ٺهيل هئي ۽ عملدار به موجود هئا، جيڪي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي ڪاغذن وغيره جي جاچ پڙتال ڪري رهيا هئا، پر سرحد پار ڪندڙ ماڻهن جي تعداد مان ائين لڳو ٿي ته اها مڙيئي رسمي ڪارروائي هئي ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي سرحد پار ڪرڻ تي ڪا خاص پابندي يا سختي نه هئي. هونئن به ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي اچ وڃ جي حوالي سان اها هڪ نرم سرحد رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف قبيلن جا ماڻهو سرحد جي ٻنهي پاسن رهن ٿا.
پشاور ۾ رهندڙ ڪجهه پٺاڻ دوستن پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي ڳالهه ڪئي ته افغانستان وڃڻ لاءِ خاص طور تي پٺاڻن کي عام طور ڪنهن ڪاغذ پٽَ جي ضرورت نه پوندي آهي ۽ هُو پاڻ به ان نموني سان ڪابل وغيره جو چڪر هڻي آيا هئا.
اتي ٿوري دير ترسي واپس ٿياسين. ٿورو اڳتي وياسين ته روڊ بلاڪ هو. خبر پيئي ته علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن کان بجلي نه هئڻ ڪري ماڻهن روڊ بند ڪري ڇڏيو هو. مون سان مسئلو اهو هو ته شام جو منهنجي لاهور جي فلائيٽ هئي ۽ صورتحال مان ائين لڳو پئي ته ايئرپورٽ نه پهچي سگھبو. بهرحال ڪجهه دير ترسڻ کان پوءِ جڏهن روڊ کلڻ جو ڪو امڪان نظر نه آيو ته اسان ٻه ڄڻا گاڏيءَ مان لهي پنڌ اڳتي وياسين ته متان اتان اڳتي وڃڻ لاءِ ڪا گاڏي ملي پئي. اڳتي هڪ گاڏيءَ واري ڪجهه پئسا وٺي اسان کي ويهاريو ۽ ڪنهن نموني سان پنهنجي گاڏيءَ کي اتان ڪڍڻ ۾ ۽ اسان کي وقت تي ايئرپورٽ ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ٻئي ڀيري ميزبانن اسان کي دره آدم خيل، جتي سندن پنهنجو گھر به هو، گھمائڻ جو پروگرام ٺاهيو. اهو پشاور جي بلڪل ويجھو آهي ۽ هتي به گھڻو ڪري آفريدي قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا. هتي بازار ۾ دڪاندار چرس ۽ هٿيار ائين وڪڻي رهيا هئا، جيئن هٽ تي کٽمٺڙا وڪامندا آهن. اتي هڪ ته مختلف ملڪن جي هٿيارن جا نقل ۽ ٻيو مختلف دورن جا هٿيار موجود هئا، جن متعلق دڪاندارن اسان کي ٻڌايو. اتي ئي اسان کي هڪ روايتي هٿيارن ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ وٺي ويا، جتي ڪاريگرن مختلف هٿيارن جي ٺهڻ متعلق ٻڌايو ۽ ساڳئي وقت ڪلاشنڪوف سميت مختلف هٿيارن جو عملي مظاهرو به ڪري ڏيکاريو. هتان جا، خاص طور تي چپلي ڪباب به ڏاڍا مشهور آهن. ميزبانن اهي به اسان کي کارايا ۽ اهو به ٻڌايو ته اهي ڪباب هتان پرڏيهه ۽ خاص طور نار جي ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا آهن.
هتي قبائلي ايجنسين ۾ بجليءَ جو استعمال تمام گھڻو آهي. رڌ پچاءُ ۽ ٻيو گھڻو ڪم ڪار، جنهن ۾ توانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي اهو بجلي تي ئي ڪيو ويندو آهي. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته، بجلي مفت جي آهي، جنهن لاءِ کين ڪجهه به نه ڏيڻو پوندو. ان ڳالهه جو پس منظر اهو آهي ته هتان جي ماڻهن ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح هتي آيو هو ته هن هتان جي ماڻهن کي چيو هو ته سندن لاءِ بجلي مفت هوندي، ان ڪري ان معاملي تي انهن ماڻهن جو حڪومت ۽ بجليءَ جي اختيارين سان جھيڙو هلندو رهندو آهي - ۽ علائقي ۾ بجليءَ جا ميٽر وغيره لڳائڻ تي مزاحمت ڪئي ويندي آهي.
دره آدم خيل جي ويجھو ئي هڪ سرنگھه آهي، جيڪا ان کي ڪوهاٽ سان ڳنڍي ٿي. هتان واپس ايندي اسان ان سرنگھه جو به چڪر هنيو. اها سرنگهه جاپاني انجنيئرن جي مدد سان ٺاهي ويئي آهي ۽ واقعي اسٽيٽ آف آرٽ آهي. اتان جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اڳ ۾ ڪوهاٽ وڃڻ لاءِ جبلن مان هڪ ڊگھو رستو اختيار ڪرڻو پوندو هو، جڏهن ته ان سرنگھه جي ڪري اهو رستو ڪلاڪن مان گھٽجي منٽن جو وڃي رهيو آهي. سرنگھه جو چڪر هڻي موٽڻ ۾ اسان کي ٿورو ئي وقت لڳو.
قبائلي علائقن ۽ شهرن ۾ ماڻهن جي اچ وڃ تي ڪا پابندي ناهي، پر ٻنهي علائقن ۾ ڌار ڌار قانون هئڻ جو اثر اهو پيو آهي ته جڏهن انهن علائقن جا ماڻهو پشاور ۽ ٻين شهرن وغيره ۾ وڃن ٿا ته اتي به سندن نفسيات ساڳي هجي ٿي ۽ ساڳئي نموني سان اتي هلڻ چاهين ٿا. اها ڳالهه خاص طور تي پرڏيهي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ اوهان کي عام جام ملندي. هڪ پاسي ڪرنسي جو قانوني ڪاروبار ڪندڙ دوڪان آهن، جن تي ملڪ جا سڀ قانون لاڳو ٿين ٿا ۽ انهن تي باقاعدي ملڪ جي مختلف ادارن پاران نظر رکي وڃي ٿي ۽ ساڳئيي وقت انهن دڪانن جي بلڪل ٻاهران خاص طور چوڪ يادگار ۾ هڪ ڊگھي لائين ۾ ويٺل غير قانوني طور ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن جا اسٽال آهن، جن جو ڪو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. قانوني ڪاروبار ڪندڙن کي اها ئي شڪايت هوندي آهي ته انهن کي ڪير ڪجهه به نٿو چئي، جڏهن ته سڀ پابنديون سندن لاءِ آهن. ان غير قانوني ڪاروبار جي وسعت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته لاهور، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ڪرنسي جو ڪم ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڊالر جو اگھه پشاور جي مارڪيٽ ۾ طئي ٿيندو آهي.
هڪ دوست مون کي ٻڌايو ته هتي پاڪستاني رپئي جو جعلي نوٽ به عام جام وڪامي ٿو ۽ ان جو اگھه ان جي ڪوالٽي مطابق طئي ٿئي ٿو. ساڳئي وقت اها به ڳالهه آهي ته پشاور مان ڪرنسي اسمگل ٿي ڪابل ۽ اتان دبئي وڃي ٿي، جنهن جو اثر خاص طور ملڪي معيشت تي پوي ٿو.