اسٽيٽ بينڪ جي ٻن گورنرن: اي جي اين قاضي ۽ عشرت حسين جا دؤر
يونين جي اڳواڻن جو چوڻ هوندو هو ته، قاضي صاحب کان اسان ڇا جي گھر ڪيون؟ اسان پنهنجيون جيڪي گھرون کڻي وٽس وڃون ٿا، هو ان کان اڳ ئي پنهنجو حساب ڪتاب ڪري انهن کان وڌيڪ ئي اسان کي ڏيڻ لاء تيار هوندو آهي. ڪنهن به شڪايت جي حوالي سان سندس اهو اصول هوندو هو ته، جيڪڏهن اها قاعدن قانونن جي دائري ۾ آهي، ته پوءِ ان جو ازالو ٿي ويندو هو ۽ هو اهو صاف طور تي شڪايت ڪندڙ کي اڳواٽ ئي چئي ڇڏيندو هو، ٻي صورت ۾ شڪايت ڪندڙ کي پاڻ کي شرمندگي کڻڻي پوندي هئي.
هڪ پراڻي آئي سي ايس آفيسر ۽ مرڪزي بينڪ جي گورنر هوندي کيس عام ملازمن سان ملڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿيندو هو. اسان جي ڊپارٽمنٽ پاران، پنهنجي ڪم جي حوالي سان، کانئس ڪجهه وڌيڪ اسٽاف جي گھر ڪئي ويئي هئي. هڪ ڀيري آئون پنهنجي آفيسر سان ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ سندس ڪمري ۾ ويٺو هجان ته، اوچتو قاضي صاحب اچي اتي پهتو ۽ اسان سان گڏ ئي اتي ويهي ان آفيسر کان سيڪشن جي ڪم ۽ ان جي لاءِ گھربل اسٽاف جي ضرورت متعلق سڄو تفصيل ورتائين- ۽ ان تي پنهنجو رايو ڏيندي ضروري تبديليون ڪيائين.
هونئن ته پاڪستان ۾ ڪوبه دور سياسي بيچيني ۽ بحرانن کان خالي نه رهيو آهي، پر اهو افغان جنگ ۽ ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف سياسي جدوجهد جي حوالي سان هڪ اهم دور هو. بينڪن ۽ صنعتن وغيره جي نجڪاري جو معاملو جيتوڻيڪ شروع ٿيو هو، پر اهو انهن ڪارڻن ۽ مختلف ادارن ۾ مضبوط ٽريڊ يونين هئڻ جي ڪري گھڻو اڳتي وڌي نه سگھيو هو. اسٽيٽ بينڪ ۾ ئي يونين ۽ هيٺئين اسٽاف جي مضبوط هئڻ جي حوالي سان مون کي هڪ واقعو ٿو ياد اچي.
اسان جي گروپ جي اچڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ آفيسرن جو هڪ ٻيو گروپ به ڀرتي ٿي آيو هو، جنهن ۾ هڪ پٺاڻ آفيسر پڻ شامل هو. ان کي شايد اهو اندازو نه هو ته اسٽيٽ بينڪ جي آفيسري ۽ حڪومت جي آفيسريءَ ۾ وڏو فرق آهي.
بينڪ ۾ هڪ چوڻي عام هئي ته،”هتي رڳو ٻه آفيسر آهن: هڪ گورنر ۽ ٻيو پٽيوالو.“ ان ڪري کانئن جيڪڏهن ڪو ڪم وٺڻو هوندو هو ته اهو رعب تاب سان نه، پر هيٺانئين ۽ نوڙت سان وٺڻو پوندو هو. اڪثر پٽيوالا چانهه پاڻي ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيندا هئا ته، اهو سندن ڪم ناهي ۽ سندن ڪم رڳو فائل کي هڪ ڊيسڪ کان ٻي ڊيسڪ تائين پهچائڻ آهي. ظاهر آهي ته ان جو ڪارڻ کين هڪ مضبوط يونين جي پٺڀرائي حاصل هئڻ وارو هو، جيڪا انتظاميا کان پنهنجيون ڳالهيون مڃائي سگھندي هئي ۽ پنهنجن ميمبرن کي خوش رکڻ لاءِ سندن جائز ۽ ناجائز گُھرن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مون کي به ڪجهه عرصو سنڌ حڪومت ۾ رهندي پٽيوالن جي تابعداري جو اندازو هو، پر آئون ٿوري عرصي ۾ ئي ٻنهي جي ماحول جي فرق کي سمجھي ويو هوس. پر اسانجي ان آفيسر يونيورسٽيءَ مان نڪري شايد پهريون ڀيرو ڪنهن دفتر ۾ پير پاتو هو. ان ڪري کيس اهو سڀڪجهه سمجھڻ لاءِ هڪ تلخ تجربي مان گذرڻو پيو.
ٿيو ائين ته وٽس هڪ مهمان آيل هو، جنهن لاءِ چانهه آڻڻ لاءِ هن اتي موجود هڪ پٽيوالي کي چيو، جنهن مُنهن تي ئي کيس کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو. ظاهر ڳالهه آهي ته، هڪ نوجوان آفسر لاءِ، جنهن لاءِ مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن ۾ مشهور هجي ته، هو بينڪ ۾ هڪ وڏو آفسر آهي، اها ڪنهن ٻاهران آيل مهمان آڏو وڏي بيعزتيءَ جي ڳالهه هئي، ان ڪري پنهنجي بيعزتي محسوس ڪندي ۽ ڪاوڙ کي نه روڪي سگھندي، هن ان پٽيوالي کي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.
اسان سڀني اهو ڏٺو پئي، پر اسان کي اهو اندازو نه هو ته، ٿوري دير کان پوءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي. کن پل ۾ پنجاهه سئو پٽيوالا پنهنجي يونين جي اڳواڻن سان گڏ اسان جي هال ۾ جمع ٿي ويا ۽ پوءِ کين جيڪي وات ۾ آيو ٿي، اهو سڀني ويٺلن آفيسرن کي گڏي پئي ٻڌايائون. ڪافي دير تائين اهو سلسلو هلندو رهيو، پر معاملو اتي ختم نه ٿيو. اهو آفيسر جيئن ته بينڪ جي نوڪريءَ ۾ اڃا پڪو نه ٿيو هو، ان ڪري يونين، گورنر کان گھر ڪئي ته، ان جي خلاف ڊسيپلنيري قدم کڻي سندس نوڪري ختم ڪئي وڃي. ائين ٿي به وڃي ها، پر ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر جو پٺاڻ هئڻ، ان آفيسر جي ڪم اچي ويو. هن پٽيوالي، جيڪو پڻ پٺاڻ هو، کي گھرائي چيو ته، ”جيڪڏهن تون پشاور بدلي ڪرائڻ چاهين ٿو ته، اهو ڪيس واپس وٺ.“ ان ڏي وٺ کان پوءِ اهو ڪيس واپس ورتو ويو. اهڙي ريت ان آفيسر جي جان ڇٽي ۽ گھڻن کي اسٽيٽ بينڪ جي آفيسري جي حيثيت جي خبر پئجي ويئي.
ممڪن آهي ته بينڪنگ جي صنعت، جيڪا ملڪ جي معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ۾ ٺاپر ۽ ماٺ رکڻ لاءِ قاضي صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ اها حڪمت عملي ٺاهي ويئي هجي، پر ان شئي کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته، ڀلي ڪهڙي به حڪمت عملي ۽ پاليسي اختيار ڪئي ويئي هجي، پر ان جي اڳواڻي ڪندڙ شخصيت جو اهم ڪردار هوندو آهي، ان ڪري مون کي ياد ناهي ته اي جي اين قاضي صاحب جي گورنر هوندي بينڪ ۾ ڪو احتجاج وغيره ٿيو هجي.
هڪ اهڙو شخص، جنهن کي عهدي ڇڏڻ وقت رڳو سرڪاري طور تي نه، پر بينڪ جي آفيسرن ۽ ملازمن جي مختلف ايسوسيئيشنن ۽ يونين وغيره ساڳئي نموني سان آجياڻا ڏنا ۽ عزت ۽ مانُ ڏنو، جيڪو ٻين گھڻن کي نصيب نه ٿيو هو.
ڪجهه عرصي تائين مون اهو ئي تاثر ورتو ته، بينڪ ۾ سڀ ڪم ميرٽ جي بنياد تي ٿيندو آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ شين جي حقيقت ظاهر ٿيڻ شروع ٿي. حقيقت ۾ جيڪي مون ڏٺو آهي ته، ان ۾ اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ اندر ئي اندر پيئي هلندي آهي ۽ مختلف گروپ ۽ فرد هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن، پر سندن ڪوشش هوندي آهي ته، ماڻهن کي انهن ڳالهين جي خبر نه پوي. پر اهو طريقو ڪجهه آفيسرن، خاص طور اسان جي سيڪشن جي سربراهه، جيڪو ميانوالي جو نيازي هو، پر پنهنجي پٺاڻ هئڻ جو ڏيکاءُ ڏيندو هو، کي شايد نه ايندو هو. اسان جو سپروائزر، جيڪو ڪاٺياواڙي ميمڻ هو، اهو خاص طور تي سندس نشاني تي هوندو هو. هو وري سندس قهر کان بچڻ لاءِ ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، جيڪي ٻيئي اڙدو ڳالهائيندڙ هئا، ۾ پناهه ڳولهيندو هو، جيڪا ڳالهه نيازي صاحب لاءِ اڃا چيڙائيندڙ هوندي هئي- ۽ هو وس هلندي ڊائريڪٽر جي بيعزتي ڪرڻ ۽ ان کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ کان به نه مُڙندو هو.
ان مرحلي تي هو اڃا هيٺ تائين نه پهتو هو. ان دوران ڊائريڪٽر ڊيپوٽيشن تي ڪنهن ٻئي اداري ۾ هليو ويو ۽ ان جي جاءِ تي آئي ايم ايف ۾ ڊيپوٽيشن کان واپس آيل هڪ آفيسر اشرف جنجوعه پنهنجي سينارٽي جي بنياد تي ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر بڻجي ويو.
تبديلين جو عمل:
اسٽيٽ بينڪ جي پاليسين ۾ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عشرت حسين جي اچڻ کان اڳ ئي تبديلين جي شروعات ٿي چڪي هئي، پر ان ۾ گھڻي تيزي نه هئي ۽ نه ئي اها گھڻي محسوس ٿئي پئي. عشرت حسين بنيادي طور تي سول سروس جو ماڻهو هو. مون جڏهن يونيورسٽيءَ مان نڪرڻ کان پوءِ سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن کان پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته، هو ان وقت اتي ايڊوائزر طور ڪم ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ هُو ورلڊ بينڪ ۾ ڊيپوٽيشن تي هليو ويو- ۽ پوء اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طور پاڪستان موٽيو هو. هن اچڻ سان ئي ملازمن کي اهو ٻڌايو ته هو ڪهڙي نموني جي مرڪزي بينڪ چاهي ٿو.
سندس اچڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو ملڻ يا ڪنهن ڪم ڪار سان ايندو هو ته، بينڪ جي فرنيچر وغيره جي حالت ڏسي ان جو پهريون تاثر ئي ڏاڍو خراب هوندو هو. مون کي ياد آهي ته، منهنجي نوڪريءَ جي شروعات ۾ هڪ دوست مون سان ملڻ آيو هو ۽ وڃڻ مهل سندس اهو تبصرو هو ته، ”يار، هيءَ مرڪزي بينڪ آهي يا مختيارڪار جي آفيس آهي؟“ سنئين ڪرسي مهمان لاءِ ته ٺهيو، پر اسٽاف جي ويهڻ لاءِ به نه هوندي هئي. جيڪڏهين ڪو آفيسر ڪنهن ڪم ڪار ۽ حاجت پوري ڪرڻ جي خيال سان اُٿندو هو ته کيس اها پڪ نه هوندي هئي ته واپسيءَ تي سندس ڪرسي پنهنجي جاءِ تي هوندي يا نه. انڪري اڪثر ڪرسيون ميزن جي ٽنگن سان ٻڌل ملنديون هيون. فرنيچر ۾ مُنگھڻ ان کانسواءِ هوندا هئا. ان سان گڏ سڄو ڏينهن ڪرسين جي ٺڪا ٺڪ لڳي پيئي هوندي هئي. عشرت حسين ان ڳالهه تي پهرين توجهه ڏنو.
اسٽيٽ بينڪ جي ڏهه ماڙ عمارت جا هيٺيان ٻه فلور ڪراچي لوڪل آفيس وٽ آهن، جتي ڪيش، پرائز بانڊ ۽ ٻيو لاڳاپيل ڪم ٿئي ٿو. ان جو انتظام ان آفيس جي چيف مينيجر جي ذمي هوندو آهي. باقي مٿيان فلور اسٽيٽ بينڪ جي مختلف شعبن جي استعمال ۾ آهن. ٽيون فلور، جتي گورنر ۽ ڊپٽي گورنر وغيره جا دفتر آهن، اهو هميشه هڪ سٺي حالت ۾ ئي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن تبديليءَ جي ضرورت نه هئي. چوٿين کان ڏهين فلور تائين واري سڄي اندروني بيهڪ کي تبديل ڪيو ويو. هڪ لحاظ کان بينڪ ڄڻ واقعي هڪ مرڪزي بينڪ جيان لڳڻ لڳي، جيڪو فرق ان ماڻهوءَ کي واضح طور محسوس ٿيندو، جيڪو عشرت حسين جي گورنر ٿيڻ کان اڳ بينڪ ۾ آيو هوندو ۽ سندس اچڻ کان ڪجهه عرصو پوءِ آيو هوندو. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي وڏي تبديلي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) جو وڏي پئماني تي ڦهلاءُ هو. ڪو دور هوندو هو جو، ڪنهن سڄي ڊپارٽمنٽ ۾ هڪ اڌ ڪمپيوٽر ڪو مس هوندو هو، ۽ ان جي ويجھو وڃڻ جي به هر ڪنهن کي اجازت نه هوندي هئي ته، متان خراب نه ٿي پوي. هاڻي ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ عام ٿي ويا ۽ آفيسر ته ڇڏيو، هيٺئين اسٽاف مان به هر ڪنهن جي ميزتي ان جو پنهنجو ذاتي ڪمپيوٽر اچي ويو. بينڪ ۾ باقاعدي آئي ٽي جو ڊپارٽمنٽ کوليو ويو، جنهن لاءِ پروفيشنل ڀرتي ڪيا ويا. ان طرح سڄي بينڪ ۾ انٽرنيٽ وغيره جي سهولت کي عام ڪيو ويو.
عشرت حسين جي اچڻ کان اڳ ٽريننگ وغيره جو باقاعدي ڪو نظام موجود نه هو. چونڊيل ماڻهو ته ٻاهر؛ مختلف ٽريننگس وغيره تي ويندا رهندا هئا، پر ملڪ جي اندر اهڙو ڪو نظام موجود نه هو، جنهن ۾ تربيت وغيره جي عمل ذريعي بينڪ جي عملي کي دنيا ۾ ٿيندڙ معاشي ۽ مالياتي تبديلين سان هم آهنگ ڪري سگھجي. منهنجي پنهنجي پهرين ٽن هفتن جي ٽريننگ نوڪريءَ ۾ اچڻ جي ايڪويهه سالن کان پوءِ ٿي هئي. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته اسٽيٽ بينڪ جو عملو ٽيڪنيڪي ۽ علمي اعتبار سان جديد دنيا سان هم آهنگ هجي ۽ ان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلي، خاص طور تي نوجوان آفيسرن جون وڏي پئماني تي نيون ڀرتيون ڪيون ويون، پر ساڳئي وقت هڪ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ بجاءِ پراڻن ملازمن کي زوري مختلف بهانن سان فارغ ڪرڻ جي، وڏي پئماني تي انهن جي تربيت جو بندوبست ڪيو ويو.
بينڪ جي ٽريننگ ڊپارٽمنٽ کي نئين سر ترتيب ڏني ويئي. مختلف پروفيشنلس کي ان مقصد لاء آندو ويو. هڪ پاسي اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ اينڊ فنانس) NIBAF (کي سرگرم ڪيو ويو، ته ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ ان جو ڪيمپس قائم ڪيو ويو. اهي ادارا اسٽيٽ بينڪ جي اسٽاف کانسواءِ ٻين بينڪن ۽ مالياتي ادارن جي ملازمن جي تربيت جو ڪم پڻ ڪندا آهن. عشرت حسين جي ڇهن سالن جي دور ۾ مختلف حوالن سان جيڪي ٽريننگ پروگرام ٿيا، انهن ڄڻ ته سڄي اڳين پوئين ڪسر پوري ڪري ڇڏي. ان جي وڃڻ کان پوءِ معاملو آهستي آهستي وري پراڻي سطح تي اچي ويو. ساڳي ريت ان دور ۾ ئي بينڪ جي لائبريري ۾ سڌارا آندا ويا ۽ ان ۾ عام ماڻهن ۽ شاگردن لاءِ داخلا ۽ رڪنيت کي کوليو ويو ته، جيئن ان مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري سگھجي. ساڳئي ريت وقت کان اڳ رضاڪارانه رٽائرمنٽ جون مختلف اسڪيمون پڻ متعارف ڪرايون ويون، جن تحت اهڙن ملازمن کي هڪ پرڪشش پيڪيج ڏنو ٿي ويو، پر ان سلسلي ۾ به ڪا زور زبردستي نه هئي.
انهن مان گھڻا قدم اهڙا آهن، جيڪي بينڪ لاءِ خاص طور تي ڊگھي مدي ۾ فائديمند ثابت ٿيا آهن، ۽ جن مان ماڻهو هاڻي به فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ته ايندڙ گھڻي وقت تائين به فائدو حاصل ڪندا رهندا. ساڳئي وقت ڪجهه اهڙا ڪم به آهن، جن بينڪ ۾ هڪ غيريقينيءَ واري صورتحال ۽ ملازمن ۾ بيچيني کي جنم ڏنو هو. عشرت حسين جي هڪ ڳالهه اها به هئي ته، هُو پاڻ به پنهنجي پاليسين تي گھڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگھندو هو ۽ انهن ۾ مرضيءَ موجب تڪڙيون تبديليون ڪندو رهندو هو. مقصد اهو هوندو هو ته پنهنجي پسند جي ماڻهن يا ماڻهن جي ڪنهن خاص حلقي کي فائدو پهچائجي. ان حوالي سان سندس لاڙو نون ايندڙ ماڻهن ڏانهن هو. اهڙي ريت هڪ ته ماڻهن کي پنهنجي پروموشن ۽ انڪريمنٽ وغيره متعلق ڪا پڪ نه هوندي هئي. ٻي ڳالهه ته انهن پاليسين جي ڪري خاص طور تي نون ۽ پراڻن ملازمن جي پگھارن ۽ ٻين فائدن وغيره ۾ فرق ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو هو. هڪ لحاظ کان، اڻ سڌي ريت پراڻن ملازمن لاءِ اهو هڪ اشارو هو ته، هُو وقت کان اڳ بينڪ کان پئسا وٺن ۽ نوڪري ڇڏين.
پروموشن جي انٽرويو هلندي عشرت حسين هڪ همراه کي چيو هو ته، ”تون هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين. رٽئرمنٽ ڇونه ٿو وٺين؟“ جنهن تي ان همراهه کيس ٺهه پهه جواب ڏنو ته، ”مون کان ته توهان عمر ۾ وڏا آهيو ۽ پوءِ جڏهن اوهان نوڪري ڪيو ٿا ته آئون ڇو رٽائر ٿيان؟“ اهڙي ريت انهن پاليسين جا اثر سندس وڃڻ کان پوءِ به جاري رهيا ۽ ماڻهو انهن کي ڀوڳيندا رهيا.