لالا، جيڪو لياريءَ کي بچائڻ وارن ۾ شامل هو!
لعل بخش رند، جيڪو پنهنجن دوستن، يارن، ننڍن وڏن ۽ ملڪ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست ماڻهن ۾ ”لالا“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، اهو اهڙي ئي هڪ شخصيت هو. هڪ اهڙي قد آور شخصيت، جنهن جي لاءِ بجا طور چئي سگھجي ٿو ته، هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار ذريعي عزت ڪمائي. اهڙو ماڻهو، جنهن جي لاءِ اهو نه ٿو چئي سگھجي ته، کيس سياست ۾ مال ميڙڻ جا موقعا ميسر نه آيا، پر هو پنهنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ جيل ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ سختيون به سٺائين. هڪ اڳواڻ هوندي به هو ڪارڪنن سان ئي گڏ هوندو هو، جيڪي هڪ لحاظ کان سندس دوست به هوندا هئا ۽ سندس عزت به ڪندا هئا. سندس خاندان گھڻو عرصو اڳ سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر مان لڏي اچي لياريءَ جي بغدادي واري علائقي ۾ آباد ٿيو هو. اهي مالوند ماڻهو هئا ۽ انهن مان ڪجهه اڃا به جانور پالڻ ۽ کير جو ڪاروبار ڪندا آهن.
لياري، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ، جيئن ميڊيا پاران پيش ڪيو ويو هو، اهو رڳو گينگ وار، عزير بلوچ، سردار رحمان، ڪالا ناگ ۽ منشيات جي واپارين جو علائقو نه رهيو آهي، پر اهو هميشه کان ثقافتي، سياسي ۽ سماجي حوالن سان هڪ شاهوڪار علائقو رهيو آهي، جنهن جو ثبوت هاڻي به مختلف شعبن ۾ نوجوانن جي بيمثال ڪارڪردگيءَ مان ملي ٿو. ان جي گھٽي گھٽيءَ ۾ باڪسنگ ۽ فٽ بال جا ڪلب، مختلف ميوزيڪل گروپ ۽ قوم پرست ۽ ترقي پسند سياست جا مختلف رنگ اڃا به نظر ايندا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بظاهر هڪٻئي کان ڌار نظر ايندڙ انهن شعبن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان مضبوطي سان ڳنڍيل هوندا آهن. لالا، جيڪو لياريءَ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ هڪ معتبر سياسي استاد جي حيثيت رکندو هو ۽ کين مختلف موضوعن تي ليڪچر وغيره ڏيندو هو، اهو ساڳئي وقت لياريءَ ۾ باڪسنگ ۽ فٽبال کي ترقي وٺائڻ لاءِ پڻ ڪوشان هوندو هو.
لياري سياسي، سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ گلدستو رهيو آهي. هتي ڪنهن به ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ناهي هوندو ته هو ٻين کان ڌار رهي رڳو پنهنجي ليکي ڪم ڪري يا پنهنجي خاص ادبي ۽ سياسي گروپ سان لاڳاپيل رهي. اهي ماڻهو هڪ ٻئي سان اختلاف به ڪندا، بحث به ڪندا، پر مختلف هوٽلن، پارڪن ءِ ٻين عوامي جاين تي هڪ ٻئي سان نه رڳو ملڻ پر مختلف پروگرامن ۾ هڪٻئي جي سهائتا ڪرڻ ۽ هٿ ونڊائڻ پڻ سندن لاءِ ضروري هوندو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ ڪنهن شخص تي رڳو ڪميونسٽ ۽ قوم پرست جو ليبل هڻي کيس ڌار ڪري ڇڏڻ ڏکي ڳاله هوندي آهي.
ممڪن آهي اهو لياري، جتي هڪ ڊگھي عرصي کان مختلف ٻولين ۽ نسلن سان واسطو رکندڙ پورهيت هڪٻئي سان سهڪار ڪندي گڏجي رهي رهيا آهن ۽ جتي اڃا تائين انهن ۾ انهن بنيادن تي ڪا ڇڪتاڻ پيدا نه ٿي آهي، جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفسيات جي ڪري هجي.
لالا انهن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مان نه هو، جيڪي پنهنجي ماحول ۽ ماڻهن کان ڪٽيل هوندا آهن ۽ رڳو وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سندن ڪم هوندو آهي. پاڪستان ٺهڻ جي شروعاتي سالن ۾ جيڪڏهن لياريءَ جي ماڻهن کي لالا، اڪبر بارڪزئي، يوسف نسقندي، رحيم بخش آزاد ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل نه هجي ها ته، اتي هن وقت يا ته بندرگاه جي سامان رکڻ جا گودام نظر اچن ها يا ڪا هائوسنگ سوسائٽي هجي ها ۽ هتان جا ماڻهو، ڪراچيءَ جي ٻين گھڻن ڳوٺن جي ماڻهن جيان ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهن ها. ايوب خان جي دور ۾ لياري لاءِ، پهرين هتي گودامن ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي ويئي هئي ۽ پوءِ ڪي ڊي اي اسڪيم 17 جو اعلان ڪيو ويو هو ته، شهر جي ايليٽ جي لاءِ شهر جي ويجھو رهڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان اسڪيم تحت لياريءَ جي سڀني ماڻهن کي شهر جي وچ ۽ بندرگاه جي ڀر مان ڪڍي شهر جي ڏورانهن نين آباد ٿيل وستين؛ نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي وغيره ۾ ڦٽو ڪرڻ هو. ٻين علائقن جي ماڻهن جي ابتڙ هتان جي ماڻهن ان ڳالهه جي مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجن اباڻن پٽن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. ان تحريڪ ۾ نوجوان ۽ شاگرد اڳتي هئا. جن ماڻهن ان جي اڳواڻي پئي ڪئي، انهن ۾ لالا ۽ سندس مٿي ذڪر ڪيل دوست مهڙ ۾ هئا. ان احتجاج جي ڪري ئي حڪومت کي ان اسڪيم کي واپس وٺڻو پيو ۽ هتان جي ماڻهن کي پنهنجن گھرن ۽ پنهنجي ماحول کان محروم ٿيڻو نه پيو.
جيتوڻيڪ لالا ۽ منهنجي گھر جي وچ ۾ ڪو گھڻو فاصلو نه هو ۽ آئون دوستن جي حوالي سان کانئس واقف به هوس، پر منهنجي ساڻس ذاتي ڏيٺ ويٺ ۽ واقفيت گھڻو پوءِ ٿي. ان واقفيت جو ڪارڻ نور محمد شيخ هو، جيڪو ان وقت عوامي ادبي انجمن هلائيندو هو ۽ اڃا به ان ڪرت کي جاري رکندو اچي. انجمن ۽ نورمحمد شيخ؛ ٻيئي ان وقت ڊاڪٽر م.ر. حسان جي جماعت؛ ڪميونسٽ ليگ سان لاڳاپيل هئا. اها جماعت پوءِ عابد حسن منٽو جي جماعت سان گڏجي ويئي هئي.
انجمن جي گڏجاڻين ۾ ڪراچيءَ جي گھڻين ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ لالا، جيڪو پاڻ به ان وقت ڪميونسٽ ليگ ۽ عابد حسن منٽو جي جماعت سان لاڳاپيل هو، باقاعدي شريڪ ٿيندو هو. رمپا پلازه ۾ اداره امن و انصاف جي هال ۾ ٿيندڙ انهن گڏجاڻين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ لياري ۾ رهندڙ ڪجهه دوست، جن ۾ لالا به شامل هو، پنڌ، ڪچهري ڪندا پنهنجن گھرن ڏانهن روانا ٿيندا هئاسين. سينيئر ۽ عمر ۾ وڏي هئڻ جي باوجود لالا دوستن کي ان ڳالهه جو بلڪل احساس ٿيڻ نه ڏيندو هو ۽ ان ڳالهه ٻولهه ۾ برابريءَ جي سطح تي شريڪ ٿيندو هو.
جيتوڻيڪ سياسي طور آئون لالا جي سياسي جماعت جو حصو نه هئس، پر اسان ۾ ايتري هم آهنگي پيدا ٿي ويئي جو اڪثر هڪٻئي جي گھر ڪچهري ڪرڻ لاءِ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. رات جو اڪثر لالا جي اوطاق يا گھر جي ٻاهران ٺهيل ٿَلهي تي دوست گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ دير تائين ڪچهري ڪري پنهنجن گھرن ڏانهن موٽندا هئا. ان شخص ۾ مون کي هڪ خاص ڳالهه اها نظر آئي ته ملڪ جي ٻين گھڻن دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن جيان هو پنهنجي علميت ۽ ليڊري جو رعب نه وجھندو هو ۽ نه ئي ان مقصد لاءِ پنهنجي جدوجهد سان ڀرپور ماضيءَ جي نمائش ڪندو هو. هو پنهنجن گھڻن جونيئر دوستن سان ائين نوڙت سان پيش ايندو هو، ڄڻ کيس ڪجھه به نه ٿو اچي ۽ سڀڪجھه کانئن سکڻ ٿو چاهي. ان موقعي تي ڪڏهن ماڻهو ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو هو ۽ ڪڏهن سندس حيثيت کي ڏسندي ۽ محسوس ڪندي شرمندگي پڻ ٿيندي هئي.
لالا جو بلوچ قومپرست سياست سان شروع کان ئي لاڳاپو هو. غوث بخش بزنجو، مري ۽ عطاءُ الله مينگل ڄڻ ته سندس ذاتي دوست هئا ۽ جن جو لالا جي گهر باقاعدي اچڻ وڃڻ هوندو هو. بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جي حڪومت جي دور ۾ هو بلوچستان آرٽس ڪائونسل جو چيئرمين ۽ گورنر غوث بخش بزنجو جو صلاحڪار به رهيو.
نتيجي ۾ نعپ جي حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيل ۽ سختيون به ڀوڳيائين. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي لياريءَ جي اڳواڻن مان گھڻن سان سندس دوستاڻا ناتا هئا، پر هو چوندو هو ته، جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ ۽ خاص طور تي لياريءَ جي ماڻهن لاِ ڪجهه ناهي ڪيو ته پوءِ اهي ان جي پويان ڇو چريا ٿيا آهن ۽ هر ڀيري ان کي ووٽ ڏين ٿا. عجيب شخص هو! هڪ اهڙي دور جو نمائندو هو، جڏهن ماڻهن لاءِ اقتدار جو مقصد به پنهنجين نظرين ۽ آدرشن جو حصول هوندو هو ۽ نه پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان لاءِ ڪي فائدا حاصل ڪرڻ. پنهنجي زندگيءَ جي آخر وقت تائين اهو شخص پيادل ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ئي سفر ڪندو رهيو ۽ لياري ۾ پنهنجي اباڻي گھر ۾ ئي رهيو.