هڪ دوست جي ياد
پر ان سڀ جي باوجود رحمان سان ان وقت منهنجي واقفيت نه هئي. جيتوڻيڪ هو شروع کان ئي سياسي لحاظ کان سرگرم هو پر اسان ٻنهي جا رستا الڳ الڳ هئا. هو ان وقت جيئي سنڌ جي ڪارڪنن سان واسطي ۾ هوندو هو جڏهين ته آئون عوامي تحريڪ جي دوستن سان هوندو هوس. هڪ پاسي محمد راهمون هوندو هو ته ٻئي پاسي قمر جماڻي. ٻنهي جو هدف خاص طور تي لياري جا سنڌي شاگرد هوندا هئا پر ساڳي وقت ٻنهي جي ڪوشش پنهنجي ڪم کي وڌائڻ جي بجائي ٻئي جي ڪم کي ڦٽائڻ ءِ باقي سنڌ جيان پنهنجي سورهيائي کي ثابت ڪرڻ هوندو هو. ان صورتحال ۾ ٻنهي پاسن جي ڪارڪنن جي ويجھي اچڻ جو ته سوال پيدا نه ٿي ٿيو پر ماڳيئي ذاتي دشمنيون، هڪٻئي تي الزام ءِ هڪ ٻئي جي پروگرامن کي ڦٽائڻ وغيره معمول بڻجي ويا هئا.
ان سڄي عرصي ۾ اسان پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ئي ڪم ڪري رهيا هئاسين ءِ رحمان سان منهنجي ڪا به واقفيت نه هئي. ساڻس واقفيت جا منهنجا ٻه ٽي حوالا آهن. انهن مان هڪ حوالو حيدرآباد مان ڪميونسٽ پارٽي جي امداد قاضي ءِ ٻين دوستن پاران نڪرندڙ سنڌي رسالو شعور هو جنهن ۾ آئون باقاعدگي سان لکندو هوس. ان حوالي سان رحمان اڪثر امداد قاضي سان گڏجي اسان جي ليمارڪيٽ واري گھر ايندو هو. ٻيو حوالو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي هو جتي هفتيوار گڏجاڻين ۾ اسان جي اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. ٽيون اهم حوالو جان خاصخيلي هو.
جان سان سندس ڪيئن واقفيت ٿي ان متعلق مون کي گھڻي ڄاڻ ناهي، پر آئون سمجھان ٿو ته ماضي ۾ شايد ٻنهي ساڳي تنظيم ۾ ڪم ڪيو هو. جان سان سندس تعلق ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو ءِ آئون سمجھان ٿو ته سندس آخري وقت ۾ جڏهين ٻيئي ماريپور جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا دوستن مان جان ئي سندس گھڻو ويجھو هوندو هو. منهنجو سنگت جي حوالي سان جان سان واسطو هوندو هو ءِ ٻيو ته هو ان وقت لياري ۾ ئي رهندو هو. انهن ٻنهي ڄڻن جو هفتي ۾ گھڻو ڪري اڱاري يا اربع تي اسان جي گھر اچڻ جو معمول هوندو هو. گھر وارا ان روٽين کان ايترو مانوس ٿي ويا هئا جو انهن ڏينهن ۾ کين انهن جو انتظار رهندو هو ءِ جيڪڏهين ڪڏهين نه ايندا هئا ته بابا ءِ امان پڇندا هئا ته اڱارو اربع ڀلا هن هفتي ڇو نه آيا آهن. اسان جي ڪچهري عام سياسي ءِ ادبي موضوعن جي حوالي سان هوندي هئي. ان وقت رحمان شايد سياسي لحاظ کان ڪميونسٽ پارٽي سان گڏ هو. اهو شايد جو لفظ آئون ان ڪري استعمال ڪري رهيو آهيان ته جيئن ان وقت سياسي ڪارڪنن جو اهو طريقو هوندو هو ته اهي پنهنجن دوستن ءِ هم خيالن کي پنهنجي پارٽي جي موقف تي قائل ڪرڻ ءِ پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر رحمان اهڙي ڪا به ڪوشش نه ڪئي ءِ نه ئي اهڙو ڪو ڏيک ڏنو ته سندس ڪنهن سياسي جماعت سان ڪو واسطو هو. پنهنجي مرضي سان آئون ساڻس گڏجي ڪن ماڻهن سان ملڻ يا ڪنهن گڏجاڻي ۾ هليو ويندو هوس.
پروفيسر جمال نقوي جي گھر اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي ۾ ڄام ساقي مون کي پاسيرو وٺي وڃي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر ان وقت منهنجي لاء گھڻو وقت گذري چڪو هو ءِ اهڙي ريت مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو. اسان جي ڪچهري جو مقصد خيالن جي ڏي وٺ ءِ هڪٻئي کان سکڻ هوندو هو. جيڪڏهين کيس ڪنهن ڳاله سان اختلاف هوندو هو ته هو بجائي ڪاوڙ ڪرڻ يا رڙين ڪرڻ جي نهايت ڌيمي انداز ۾ دليلن سان پنهنجي ڳاله رکندو هو ءِ ان کي مڃڻ تي وڌيڪ زور نه ڏيندو هو.
منهنجا ڪجھ اهڙا دوست رهيا آهن جن جي حيثيت منهنجي گھر جي ڀاتي جي رهي آهي. انهن دوستن سان ماڻهو جو هڪ احساس جو ناتو ٿي ويندو آهي جيڪو ماڻهو جي شخصيت جو حصو بڻجي ويندو آهي. انهن دوستن ۾ رحمان به شامل هو. ساڻس هڪ محبت ءِ احترام جو رشتو هو. ائين به چئي سگھجي ٿو ته هو هڪ لحاظ کان منهنجي لکڻ جي ڪم ۾ پڻ مددگار هوندو هو. اڪثر مون کي ڪجھ مضمونن کي سندي مان اڙدو ءِ اڙدو مان سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت پوندي هئي. هو پاڻ منهنجي اڌ چوڻ تي اهو ڪم ڪندو هو جڏهين ته ڪجھ مضمونن کي هو پنهنجي ليکي ئي ترجمو ڪري ڇڏيندو هو. جيتوڻيڪ دوستن کان سکڻ ءِ ڪتابن وغيره پڙهڻ جو کيس گھڻو شوق هوندو هو ءِ ساڳي وقت دوستن جي شين تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو هو پر سندس ڪا پنهنجي لکڻي منهنجي نظر مان نه گذري.
منهنجي گلشن حديد اچڻ کان پوء ساڻس رابطو گھٽجي ويو هو. ان جو هڪ ڪارڻ رحمان جي صحت جا مسئلا به هئا جنهن جي ڪري هو گھڻي عرصي تائين گھر تائين ئي محدود رهيو ءِ سندس دوستن سان ملڻ ءِ ٻيون سرگرميون گھٽجي ويون هيون. صحت ۾ ڪجھ سڌاري اچڻ کان پوء هن پنهنجو معمول شروع ڪيو هو پر هڪ ڏينهن اسڪول مان موٽندي ويگن مان ڪرڻ جي ڪري کيس ڄنگھ ۾ ڌڪ لڳو يا پراڻا سور به جاڳي پيا، جن مان ھو آخر تائين جانبر نه ٿي سگهيو.