آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سنڌي عوامي تحريڪ سان وابستگي

اهو سوال پڇي سگھجي ٿو ته گھڻين ٻين سياسي جماعتن سان ويجھڙائي ۽ ساڻن همدردي جي باوجود مون نيٺ سنڌي عوامي تحريڪ جي چونڊ ڇو ڪئي. ان جو جواب منهنجي ذهن ۾ اهو آهي ته ان وقت مون اهو سمجھيو ٿي ته سنڌ جي طبقاتي ۽ قومي سوال کي گڏي کڻڻ ئي هڪ صحيح سياسي اپروچ آهي. ان لحاظ کان قوم پرست جماعتون طبقاتي حوالي سان ۽ ڪميونسٽ جماعتون قومي سوال جي حوالي سان کٽل محسوس ٿي ٿيون جڏهين ته سنڌي عوامي تحريڪ انهن ٻنهي لاڙن تي تنقيد ڪندي قومي ۽ طبقاتي سوال کي گڏي کڻڻ جي ڳاله ٿي ڪئي.
پارٽي سان منهنجي وابستگي منهنجي دائري ڪار کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گھڻن سياستدانن ۽ اديبن، جن سان اڳ رڳو اخبارن ۽ ڪتابن ذريعي واسطو هو، سان وڌيڪ ويجھڙائي ٿي ۽ مختلف سياسي ڌرين ۽ جماعتن ۾ جيڪي اختلاف هئا ۽ سندن وچ ۾ جيڪي بحث هلي رهيا هئا انهن جي ڄاڻ ملي. ان ۾ خاص طور ٻه ماڻهو، رسول بخش پليجو ۽ ڊاڪٽر فيروز احمد سان ويجھڙائي منهنجي سياسي تربيت ۽ خاص طور تي ذهني اوسر ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. پارٽي ۾ داخل ٿيڻ سان تنظيمي لحاظ کان مون مختلف ڏاڪا طئي ڪرڻ شروع ڪيا. شايد ان جو ڪارڻ اهو هو ته مون ان کي واقعي هڪ ڪاز ۽ مقصد طور ورتو هو، پارٽي جي ڏنل ذميوارين کي فرض سمجھي پورو ڪيو ٿي ۽ مقامي طور تي پارٽي ڪارڪنن جي مختلف گروهن جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي هئي ان جو حصو ٿيڻ قبول نه ڪيو هو. پارٽي منهيجي لاء هڪ اهڙو پوترادارو هئي جيڪا ان منزل ڏانهن وٺي هلندي جنهن جو عظيم انقلابي اڳواڻن واعدو ڪيو هو.
ستر جو ڏهاڪو سنڌ ۽ ملڪ جي حوالي سان هڪ وڏي سياسي ڇڪتاڻ جو دور هو جنهن ۾ هڪ پاسي سنڌ ۾ ٻولي جا فساد ٿيا جنهن ترقي پسند ڌرين سميت سڄي سماج کي نسلي ۽ ٻولي جي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون، پي اين اي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي معاملي تي ڀٽو خلاف تحريڪ ۽ ضياء الحق جو مارشل لاء سڀ ان ڏهاڪي جون خاصيتون آهن.
پارٽي پاران اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته 1977 جي چونڊن ۾ ڪجھ نشستن تي چونڊ وڙهجي جنهن ۾ کٽڻ هارائڻ کان وڌيڪ مقصد اهو هو ته ماڻهن سان هڪ رابطو قائم ڪجي ۽ سندن آڏو موجوده نظام جي ڪوتاهين ۽ منافقتن کي وائکو ڪجي. اسماعيل سوهو کي ميرپوربٺورو مان سنڌ اسمبلي جي نشست لاء بيهاريو ويو هو. ڪراچي مان مون سميت پارٽي جا گھڻا دوست اليڪشن ورڪ لاء اتي پهتاسين. اسماعيل پاڻ ان وقت جيل ۾ هو. مختلف ڪارڻن جي ڪري چونڊ پيپلز پارٽي کٽي ويئي پر ان ڳاله جو تجربو ٿيو ته چونڊن ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي. آئون ان وقت ڊاڪٽر فيروز ۽ آزاد بلوچ سان گڏ پارٽي جي ڪراچي ڪاميٽي جو حصو هوس. ڪاميٽي جون گڏجاڻيون لياري جي علائقي مولا مدد ۾ ڪنهن دوست جي گھر ٿينديون هيون. انهن گڏجاڻين ۾ ڪرفيو ۽ هڙتالن وغيره جي باوجود دوست شهر جي مختلف علائقن مان مختلف طريقن سان پهچندا هئا. انهن گڏجاڻين جو مقصد سياسي صورتحال جي جائزي وٺڻ سان گڏوگڏ مقامي سنڌي ۽ بلوچن جي تحفظ لاء مختلف قدم تجويز ڪرڻ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان نوڪري ۽ ٻين ڪمن سانگي ڪراچي ۾ رهيل سنڌين کي ان ڳاله لاء قائل ڪرڻ هو ته ڪراچي اوهان جو پنهنجو شهر آهي ۽ ان کي دبئي سمجھي، جتي اوهان رڳو ڪمائڻ لاء آيا هجو، لڏڻ جو نه سوچيو. انهي موضوع تي ڪاميٽي پاران هڪ پمفليٽ پڻ جاري ڪيو ويو هو.
ڪراچي ۾ ان وقت اڃا ايم ڪيو ايم جو ڏهڪاء نه هو ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن جي گھڻائي وارن علائقن جهڙوڪ فيڊرل بي ۽ سي ايريا، لالو کيت، ناظم آباد،ِ پاپوش نگر، اورنگي ۽ ڪورنگي ۾ چوويه ڪلاڪ اچ وڃ ڪرڻ يا اتي سنڌي ماڻهن جو رهڻ ڪا گھڻي ڊپ ڊاءَ جي ڳالهه نه هوندي هئي. پارٽي جي دوستن وٽ گڏجڻ لاء فيڊرل سي ايريا جو هڪ فليٽ ۽ لياري ۾ ميران ناڪي جو هڪ گھر هو جتي ڇڙا دوست رهندا هئا. هتي پارٽي جي ڪم سان ٻين شهرن کان آيل دوست به اچي رهندا هئا جن جو سڄو خرچ به اتي رهندڙ دوست ئي کڻندا هئا.
پارٽي آڏو هڪ اهم هدف اهو هو ته ڪراچي ۾ سياسي سرگرمي وسيلي پاڻ کي هتان جي صحافتي، ادبي ۽ سياسي حلقن سان ڳنڍڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي غير سنڌي حلقن ۽ پرڏيه ۾ به متعارف ڪرائجي. ان حوالي سان پارٽي ڪراچي ۾ چين نواز مختلف ڪميونسٽ ڌرين ۽ فردن سان لاڳاپي ۾ هوندي هئي. ان ۾ خاص طور تي مزدور اڳواڻ اڪرم ڌاريجو ۽ علي ياور جو نوجوان محاذ ذڪر جوڳا آهن. انهن سان مختلف موضوعن تي بحث ٿيندا هئا ۽ شهر ۾ سياسي سرگرمين جي حوالي سان مختلف پروگرامن جي رٿا بندي ڪبي هئي. ضياء الحق جي دور ۾ صحافين جي جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ پارٽي جي سرگرم شرڪت پڻ ان سلسلي جي ئي هڪ ڪڙي هئي. ان سلسلي ۾ وڏي پئماني تي پارٽي ۽ ان جي کليل شاگرد ۽ هاري محاذن جي ڪارڪنن جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي ويئي هئي جن کي پارٽي جي هدايتن موجب مختلف وقتن تي سنڌ جي مختلف شهرن مان گرفتاريون ڏيڻيون هيون. ڪراچي جيئن ته ان تحريڪ جو مرڪز هو ان ڪري ڪراچي جي دوستن جي ذميواري به گھڻي وڌي ٿي ويئي. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان جيڪي ڪارڪن ان مقصد لاء ڪراچي ايندا هئا انهن جي رهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ کين گرفتاري ڏيڻ واري جاء تائين پهچائڻ مقامي ڪارڪنن جي ذميواري هوندي هئي. ان سلسلي ۾ ڪڏهين ڪڏهين ائين به ٿيندو هو ته اهي ڪارڪن پاڻ ان جاء ۽ پوليس جي ايترو ويجھو پهچي ويندا هئا جو پاڻ انهن جي گرفتار ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي پوندا هئا. ان تحريڪ پارٽي جي شهرت ۽ سياسي ساک ۾ وڏو واڌارو ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۽ پرڏيه ۾ هڪ خاص مقام ڏنو.
ان سان گڏوگڏ پارٽي اندر ۽ مٿين سطح تي ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڇڪتاڻ جو عمل پڻ جاري هو. ان وقت پارٽي عام ماڻهن، شاگردن ۽ هارين تائين پنهنجي دائري کي وسيع ڪرڻ لاء کليل محاذ ٺاهڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ جي مرحلي مان گذري رهي هئي. ان سلسلي ۾ مولا بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ سنڌي اسٽوڊينٽس آرگنائزيشن جي نالي سان شاگرد تنظيم ٺاهڻ جو عمل شايد منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ جاري هو. ان سلسلي ۾ رڳو ايتري خبر پئجي سگھي ته کوسو پارٽي کان ڌار ٿي ويو هو ۽ پاڻ سان گڏ ان سلسلي ۾ جيڪو بنيادي ڪم ڪيو ويو هو اهو به کڻي ويو هو. ممڪن آهي ته کوسو جو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پارٽي جي ڪارڪنن سان ڪي لاڳاپا هجن پر ڪراچي ۾ سوائي سندس نالي جي سندس متعلق ٻي ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي پارٽي يا ٻئي ڪنهن ذريعي وٽان سندس موقف متعلق ڪا خبر پئجي سگھي هئي. اهڙي ريت نئين سر ان ڪم کي شروع ڪيو ويو ۽ نئين تنظيم کي سنڌي شاگرد تحريڪ جو نالو ڏنو ويو.
پارٽي ڪارڪنن کي اها ته ڄاڻ هوندي هئي ته پارٽي جا جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جي ايم سيد ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۽ بقول پليجو جي ته نقوي نازشي سازشي ٽولي سان ڪهڙا اختلاف هئا پر کين اها ڄاڻ نه ملي سگھندي هئي ته پارٽي اندر مٿين سطح تي ڪهڙا نظرياتي ۽ سياسي بحث هلي رهيا آهن ۽ تنظيمي طور تي ڪهڙا اختلاف آهن. ان ڪري ڪنهن به گروه يا اهم اڳواڻ جو پارٽي ڇڏڻ ڪارڪنن لاء هڪ صدمي مثل هوندو هو ۽ جيئن ته کين اختلافن جي نوعيت جي خبر نه هوندي هئي ان ڪري سندن ڪوشش اها هوندي هئي ته ان کي راڄوڻي طريقي سان صلح صفائي ڪري حل ڪيو وڃي. منهنجي لاء اها ڳاله ڪنهن صدمي ۽ وڏي خساري جي احساس کان گھٽ نه هئي جڏهين مون کي اها خبر پيئي ته ڊاڪٽر فيروز، آزاد بلوچ ۽ ڪراچي جا ٻيا گھڻا دوست پارٽي کان ڌار ٿي ويا آهن. پنهنجي اڪيلائپ جي باوجود آئون پنهنجو پاڻ کي پارٽي ڇڏڻ لاء تيار نه ڪري سگھيس ۽ پارٽي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيم. سوز سمون جهڙن ڪجھ دوستن جن شروع ۾ پارٽي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو اهي به ٿوري وقت کان پوء ڌار ٿي ويا. اهڙي ريت تنظيمي لحاظ کان پارٽي جي معاملن ۾ منهنجي اهميت وڌي ويئي.