آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

ڪراچي يونيورسٽي، شاگرد سياست ۽ لياريءَ جو تبديل ٿيل سياسي ماحول

هارون ڪاليج مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ مون کي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جو شوق ٿيو. تيستائين ان علائقي جا گھٽ ئي ڇوڪرا يونيورسٽيءَ واري پاسي ڌيان ڏيندا هئا. هڪ عام غلط فهمي اها هوندي هئي ته گڏيل تعليم ۽ ڇوڪرين جي تعداد وڌيڪ هئڻ جي ڪري ڇوڪرن جي خراب ٿيڻ جو امڪان گھڻو هو، پر يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ جو مطلب هڪ لحاظ کان ڄڻ ته شهر سان ڳنڍجڻ ۽ ٻين علائقن جي شاگردن ۽ استادن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ هو. منهنجي لاءِ خاص طور اهو ان ڪري به اهم هو ته، هيستائين منهنجي سڄي تعليم لياريءَ جي ماحول ۾ ٿي هئي، جيڪو هڪ لحاظ کان باقي شهر کان ڄڻ ته الڳ ۽ ڌار علائقو هئو. مون کي معاشيات ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو شوق هو، پر ڪجهه واقفڪارن ۽ مائٽن پاران تنبيهه ڪئي ويئي ته، اهو سبجيڪٽ ڏکيو ۽ محنت طلب آهي، ان ڪري سوچي سمجھي پوءِ ڪو فيصلو ڪيان. بهرحال آئون پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيس.
مون کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي معاشيات جي شعبي ۾، انٽر ۾ سٺن نمبرن هئڻ ڪري بي اي آنرز ۾ آسانيءَ سان داخلا ملي ويئي. اهو ڄڻ ته منهنجي لاءِ هڪ بلڪل نئون دور هو. هڪ نئون ماحول. نوان ماڻهو. نيون ڳالهيون.
يونيورسٽيءَ ۾ پهچي اها خبر پيئي ته شهر ۾ شاگردن جا ٻه گروپ آهن: هڪڙا اُهي جن عام اسڪولن يا سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيو آهي، انهن کي اڙدو ميڊيم جي نالي سان سڏيو ويو ٿي، ۽ جن شاگردن سٺن انگريزي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، انهن کي انگريزي ميڊيم چيو ويو ٿي. يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيم انگريزي هو.
ڪاليج ۾ جيتوڻيڪ بي ايس او، جيئي سنڌ ۽ ٻين مختلف قوم پرست شاگردن جا گروپ سرگرم هوندا هئا، پر آئون انهن مان ڪنهن ۾ به سرگرم نه هوس. ساڳيءَ ريت يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندي ئي مختلف گروپ رابطي ۾ اچڻ لڳا. ان وقت هتي هڪ ته اسلامي جميعت سرگرم هئي ۽ ٻيون جميعت مخالف جماعتون هيون، جيڪي خاص طور شاگرد يونين جي چونڊن جي وقت پروگريسو الائنس ۾ گڏجي وينديون هيون.
يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي رهڻ جي چئن سالن جي عرصي ۾ رڳو هڪ سال پروگريسو الائنس چونڊون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو هئو، جنهن کي پڻ اڳوڻي صدر شفيع نقي جامعي جي، سندس دور ۾ ٿنڊر اسڪواڊ ٺاهڻ جو ردعمل قرار ڏنو پئي ويو، جنهن جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ميل جول کي محدود ڪرڻ هو. پر جميعت کي شاگردن اهو پيغام ڏئي ڇڏيو ته ووٽ ڏيڻ تائين ته ٺيڪ آهي، پر اهي انهن پابندين کي قبولڻ لاءِ تيار ھئا. ان کان پوءِ واري سال جميعت پنهنجو هوم ورڪ ڪيو. ان سال يونين جو صدر شفيع نقي جامعي يونيورسٽي ڇڏي وڃي چڪو هو.
شفيع پوءِ بي بي سي جوائن ڪئي هئي. هو هر لحاظ کان هڪ قابل شاگرد هو ۽ نه ٿو چئي سگھجي ته هن صدر ٿيڻ لاءِ جميعت کي استعمال ڪيو يا جميعت سندس شخصيت ۽ شاگردن کي متاثر ڪرڻ واري سندس صلاحيت مان فائدو ورتو.
اهو ضياءَالحق جي حڪومت جو شروعاتي دور هو ۽ اڃا شاگرد سياست تي پابنديون نه لڳيون هيون ۽ نه مختلف جماعتن کي هٿياربند ڪري تعليمي ادارن ۾ تشدد کي ڦهلايو ويو هو. الطاف حسين جي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اي پي ايم ايس او) جو وجود نه هئڻ برابر هو. ڪراچي يونيورسٽي ته جتي هينئر آهي، اتي ئي هئي، پر شهر اڃا ايترو نه ڦهليو هئو. ان وقت جنگ اخبار ۾ يونيورسٽيءَ جي سرگرمين متعلق هڪ ڪالم ايندو هو، جنهن جو عنوان هوندو هو، ”شهر سي باره ميل پري.“ هڪ ته شهر جي مختلف هنڌن تان يونيورسٽيءَ جون پوائنٽ بسون هلنديون هيون، ٻيو گرو مندر تان بسون هلنديون هيون. پراڻي سبزي منڊي کانپوءِ حسن اسڪوائر ايندو هو ۽ پوءِ هڪ ڊگھي پنڌ بعد اڙدو سائنس ڪاليج، نيپا، محڪمه موسميات ۽ پوءِ يونيورسٽي ايندي هئي، جنهن کانپوءِ ٽي بي جي مريضن لاء ٺهيل اوجھا سينيٽوريم هو.
مطلب اهو ته ان سڄي علائقي ۾، جتي هاڻي فليٽن جا جھنگ آهن، اتي مختلف ڳوٺ ھوندا ھئا ۽ ھيئر وانگر ماڻهن جي رهائش نه هئي. 1978ع جي آخر ڌاري جڏهن منهنجو يونيورسٽيءَ ۾ آخري سال هو، تڏهن گلشن اقبال جي تعمير اڃا مس شروع ٿي هئي. هاڻي، جنهن يونيورسٽيءَ کي شهر کان ”ٻارنهن ميل پري“ چيو ويندو هو، اها شهر جي بلڪل وچ ۾ اچي ويئي آهي. هڪ پاسي يونيورسٽيءَ ڪيمپس جي آرٽس فيڪلٽي هوندي هئي، ته ٻئي پاسي سائنس فيڪلٽي. وچ ۾ وڏوميدان هئو، جتي ايڊمنسٽريشن بلاڪ هوندو هو ۽ جتي مختلف تنظيمون داخلائن جي ڏينهن ۾ پنهنجا پنهنجا اسٽال لڳائينديون هيون.
جميعت کي اهڙو پيغام ڏيڻ ۾ پنجاب يونيورسٽي جي شاگردن دير ڪري ڇڏي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جمعيت کي ختم ڪرڻ ۾ مهاجر سياست جي اڀرڻ جو وڏو هٿ آهي، جيڪو عنصر پنجاب ۾ موجود نه هو.
اها ڳالهه به ٿي سگھي ٿي ته، اتي اي پي ايم ايس او جهڙي ڪا تنظيم نه اڀري سگھي، جيڪا سڀڪجهه ٻهاري کڻي وڃي ها. ساڳئي وقت اها ڳالهه به آهي ته ان وقت تائين ته ضياءُ الحق پاران شاگرد يونين تي پابندي لڳائي ويئي ۽ پنهنجي پسند جي تنظيمن، جن ۾ جمعيت به شامل هئي، جي تعليمي ادارن تي قبضي لا، همت افزائي ڪئي ويئي. مون سان جمعيت وارن پاران به رابطو ڪيو ويو، پر کين جلد ئي اهو احساس ٿي ويو ته کين هتان ڪجهه ورڻو نه هو. ان جو هڪ ڪارڻ شايد اهو به هو ته ان وقت تائين ڀٽو فيڪٽر جو ڪراچيءَ جي سنڌي ماڻهن تي وڏو اثر هو ۽ اها به ڄاڻ هئي ته، جماعت اسلامي، ڀٽو مخالف هڪ جماعت هئي.
1977 جي چونڊن کان اڳ ۾ لياري ڄڻ سياسي لحاظ کان ٻن خاندانن: هارون ۽ گبول خاندانن ۾ ورهايل هئي. هاڻي گبول ته پيپلز پارٽي سان گڏ هئا، جڏهن ته هارون مقابلي ۾ هئا. 1970ع جي چونڊن ۾ يوسف هارون پاران نهايت سرگرميءَ سان پنهنجي ننڍي ڀاءُ سعيد هارون جي چونڊ مهم هلائي ويئي، پر سندس طريقو اهو ساڳيو راڄوڻو ۽ مختلف برادرين جي وڏن بزرگن سان رابطي وسيلي ووٽ وٺڻ وارو هو، جڏهن ته ان وقت باقي سڄي سنڌ جيان لياري پڻ تبديل ٿي چڪي هئي. سياست، جنهن سان اڳ عام ماڻهوءَ جي ڪا گھڻي دلچسپي نه هوندي هئي، هاڻي ڄڻ سياست انهن جي روزمره جي ڳالهه ٿي پئي هئي.
يوسف هارون جي چونڊن جي مهم جي حوالي سان مون کي هڪ واقعو ياد آهي. ٽوپي ۽ پڳ کي ماڻهوءَ جي عزت سمجھيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو پڳ جو واسطو ڏئي يا اها اوهانجي قدمن ۾ رکي، ته باقي سڀ ڳالهيون ختم ٿي وينديون هيون. ان سلسلي ۾ يوسف هارون گھڻيون ٽوپيون ورتيون هيون ۽ جتي ويندو هو، اتي لاٿل ٽوپي اتي ئي ڇڏي ويندو هو. اهڙي ٽوپي هو منهنجي ڏاڏي جي پيرن ۾ به رکي ويو هو، پر انهن طريقن مان به کيس ڪجهه حاصل نه ٿي سگھيو. نوجوانن جي ته ڳالهه ئي ڌار هئي. جڏهن اسان پنهنجي ڏاڏي کان پڇيو ته، ”بابا، اوهان ڪنهن کي ووٽ ڏيندا؟“ ته سندس سڌو جواب هو ته، ”بابا آڏي لٺ کي،“ معنيٰ تلوار کي، جيڪو پيپلز پارٽي جو انتخابي نشان هو.
جيتوڻيڪ گبول خاندان ڪنهن نه ڪنهن ريت اڃا پارٽي سان لاڳاپيل آهي، پر انهن اڳواڻن جي، ماڻهن آڏو هڪ جوابدهي شروع ٿي ويئي ، جيڪا اڳ نه هئي ۽ ماڻهو هڪ لحاظ کان پاڻ کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار سمجھڻ لڳا.
منهنجي سياسي تربيت گھڻي ڀاڱي يونيورسٽيءَ کان ٻاهر ئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ترقي پسند سياست تنظيمي لحاظ کان ڇڙوڇڙ هئي ۽ اهڙي طرح متحرڪ نه هئي، جيئن جمعيت هئي، ان ڪري گھڻن ٻين ڪارڪنن وانگر منهنجي پنهنجي تربيت به ٻاهر ئي ٿي. ان وقت ڪراچيءَ جا ڪي اهڙا مقامي سنڌي شاگرد هئا، جيڪي سنڌ جي معاملن سان گڏ مقامي معاملن ۾ پڻ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن نالي تنظيم هيٺ سرگرم هوندا هئا. انهن ۾ هڪ قمر جماڻي نالي به شاگرد هو، جيڪو منهنجي وڏي ڀاءُ، جو دوست هو. ان تنظيم جي شاگردن مان ڪجهه پوء، جيئي سنڌ ۽ ڪجهه ٻين مک جماعتن ڏانهن هليا ويا. قمر شروع ۾ جيئي سنڌ سان گڏ هو، پر جي ايم سيد جي پير علي محمد راشدي وغيره سان ٺاهه جي ڪري جيڪو گروپ ڌار ٿيو، قمر جماڻي به ان ۾ شامل هو. قمر سان منهنجو رابطو ان وقت ٿيو، جڏهن هن رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جيل ياترا به ڪري آيو هو، خاص طور تي هارون ڪاليج جي معاملي تي عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ته، اتي ڪنهن جو راڄ هجي. ان وقت تائين ڳالهه هٿيارن ۽ تشدد تائين نه پهتي هئي، ان ڪري معاملو گھڻو ڪري زباني ڪلامي تڪرار تائين محدود هوندو هو.
اُن وقت لياريءَ ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي ٻن گروهن وچ ۾ هڪ ذاتي نوعيت جي ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جنهن ڪري ٻنهي مان هر گروپ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته اهو پارٽيءَ ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري پيش ڪري ۽ ٻئي جي ڪارڪردگي کي گھٽ. سمجهڻ ۾ سهولت لاءِ انهن ٻنهي گروپن کي قمر جماڻي ۽ سوز سمون جي گروپن جي حوالي سان سڏي سگھجي ٿو. منهنجي انهن ٻنهي سان دوستي هوندي هئي ۽ ٻنهي جي، پنهنجي ليکي اها ڪوشش هئي ته پارٽيءَ ۾ مون کي متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ کين ملي. پر جڏهن به هڪ گروپ پاران ائين ڪيو ويندو هو ته، ٻئي پاران فوري طور ان جي مخالفت ڪئي ويندي هئي. ڪڏهن مون کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف) ته ڪڏهن، ايستائين جو اسلامي جمعيت طلباء سان ڄاڻايو ويندو هو. انهن دوستن جي اختلافن لياري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ڪري وڌي هئي.
هڪ ڀيري ٿيو ائين ته چاڪيواڙي جي فوٽ بال هائوس ۾ سنگت جي گڏجاڻي ٿي رهي هئي. سنگت جي سيڪريٽري سوز سمون کي گڏجاڻيءَ ۾ پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي. قمر جماڻي، سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ ان ڏينهن، گھڻي عرصي کانپوءِ آيو هو. کيس سوز سمون جي گڏجاڻيءَ ۾ دير سان اچڻ تي ڪاوڙ هئي، پر شايد سندس اها ذاتي ڪاوڙ هئي، جنهن کي ان صورت ۾ هڪ بهانو ملي ويو هو. هن سوز سمون جي، هال ۾ گھڙڻ سان ئي، ڄڻ پنهنجي سڄي ڪاوڙ کي اوتي ڇڏيو ۽ ايترو شور ڪيائين جو ڳالهه هٿين پوڻ تائين پهچي ويئي – جنهن ڪري هال کان ٻاهر، مشق ڪندڙ باڪسرن کي وچ ۾ پيئي صورتحال کي سنڀالڻو پيو.
لياري سنگت ۾ سليمان جوڻيجو جي نالي سان هڪ بزرگ شاعر هوندو هو، جنهن جي خاصيت اها هوندي هئي ته، هو هر هفتي گذريل گڏجاڻيءَ ۾، سندس تخليق تي ٿيل تنقيد جي روشنيءَ ۾ پنهنجي نئين تخليق کڻي ايندو هو. سنگت ۾ ٿيل ان واقعي جي حوالي سان هو ٻئي هفتي پنهنجي نئين تخليق کڻي آيو، جنهن جو هڪ شعر هن ريت هو ته: ”ويو جي سوز ساٿين مان اسان جو حال ڇا ٿيندو.“ مون کي ان تفصيل جي خبر ان وقت پئجي سگھي، جڏهن هڪ ڀيري مولوي عثمان پارڪ لائبرري ۾ لياري سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ آزاد بلوچ، جيڪو ان وقت ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، مون کي پاڻ ساڻ پنهنجي گھر وٺي ويو، جتي هن مون کي ان سڄي تفصيل ٻڌائڻ کانپوءِ چيو ته، پارٽيءَ پاران مٿس اهو ڪم رکيو ويو هو ته، هو مون سان رابطي ۾ اچي. سندس چوڻ هو ته، کيس منهنجي سڀني ڳالهين جي خبر هئي ۽ هن رڳو اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي ته، آيا آئون پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو يا نه؟ آئون ته ان لاءِ گھڻي عرصي کان تيار هوس، سو مون فوري طور ان لاءِ هاڪار ڪئي. اهڙي ريت منهنجي سياسي سفر جي باقاعدي شروعات ٿي.
اها واقعي حقيقت هئي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايس اين ايس ايف جي پهرئين صدر ايوب لغاري سان منهنجي دوستي هوندي هئي، پر اها رڳو ان حد تائين ئي هئي. تنظيمي طور منهنجو ان سان ڪوبه واسطو نه هو. ٻي ڳالهه ته ايوب لغاري پاڻ به ان وقت تنظيمي طور گھڻو سرگرم نه هو ۽ نه ئي هن مون کي پنهنجي تنظيم ۾ شموليت لاءِ زور ڀريو يا قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جي باوجود ته نذير عباسي ۽ ٻين ڪارڪنن سان سندس اڃا دوستيءَ وارا ناتا هوندا هئا. ان وقت عوامي تحريڪ تنظيمي طور پاڻ کي ٺاهڻ ۾ مصروف هئي. تحريڪ پاران مولابخش کوسي جي اڳواڻي ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر ان جي اڳواڻن ترت ئي، ماڳهين پارٽيءَ کان ئي بغاوت ڪري ڇڏي ۽ تنظيم کي به پاڻ سان کڻي ويا. اهڙي ريت پارٽي ماڳهين ان تان هٿ کڻي ويئي ۽ نئين سر ان سلسلي ۾ ڪوششون شروع ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ وجود ۾ آئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن جي تنظيمن جي موجودگي نالي ماتر به نه هئي. عوامي تحريڪ سان هوندي به، شاگرد تحريڪ ۾، منهنجي گھڻي سرگرمي جو مرڪز پارٽي ئي هئي. سياسي طور سرگرم ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد گھڻو ڪري ٻين تنظيمن جي پليٽ فارم تي ڪم ڪندا هئا. ساڳئي ريت منهنجي پنهنجي تنظيمي سرگرمي به ٻاهر ئي هوندي هئي.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سربراهه سائين اياز قادري هو، جنهن جو نالو يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جي هڪ معتبر استاد طور ٻڌل هو. جيتوڻيڪ سنڌي منهنجو مضمون نه هو، پر سائينءَ سان ملڻ جي شوق ۾ ان پاسي جو رخ ڪندا هئاسين. هو هڪ قربائتو استاد ۽ سٺو ماڻهو هو. ساڻس هڪ ٻيو رشتو اهو به جڙي ويو جو سندس پٽ افتخار منهنجو نهايت سٺو دوست بڻجي ويو هو. اسان ٽن ماڻهن: ايوب لغاري، مون ۽ افتخار، پوءِ گڏجي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪا ٽن ڏينهن واري سنڌي اخبارن جي نمائش ڪرائي هئي، ان ۾ اسان سان سنڌي شعبي جي استادن جو پورو سهڪار رهيو هو. قادري صاحب ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود پنهنجو سڄو ريڪارڊ اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو هئو، جڏهن ته سائين سليم ميمڻ جي ڪمري ۾ اسان جو سڄو ريڪارڊ پيل هوندو هو.
يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي داخل ٿيڻ جي هڪ سال کانپوءِ سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ ايڪنامڪس ۾ فرسٽ ڊويزن کڻڻ اٽڪل ناممڪن هوندو هئو، ايستائين جو پوزيشن کڻڻ واري کي به سيڪنڊ ڊويزن ئي ملندي هئي. ٻي ڳالھه ته ان نئين سسٽم ۾ استاد سان سڄو سال رابطو هوندو هو.