حاجران ماسي، ناني ڪنوار ، موسو مستري ۽ ڪي ٻيا ڪردار
هن نئين پاڙي ۾ هر ڪنهن کي رڳو پنهنجي گھر جو نه، پر ڄڻ سڄي پاڙي جو اونو هوندو هو. پاڙو ڄڻ هڪ وڏي گھر مثل هو! حاجران ماسي، جيڪا پنهنجي گھر جي ٻاهران ويهي شيون کپائيندي هئي، پاڙي جي ٻارن سان گڏ هر ايندڙ ويندڙ تي پڻ نظر رکندي هئي. جيڪڏهن کيس پاڙي ۾ ڪو اوپرو ماڻهو هرو ڀرو چڪر هڻندو نظر ايندو هو ته، هڪ ٻه ڀيرا ڏسڻ کان پوءِ ان کي سڏ ڪري پڇندي هئي ته، ”هتي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي ۽ ڪنهن سان ملڻو آهي؟“ جيڪڏهن هو ڪو تسليءَ جوڳو جواب نه ڏيئي سگھندو هو ته، کيس شرمندو ٿي پنهنجي واٽ وٺڻي پوندي هئي.
رات جو ٻاهر گھٽيءَ ۾ کٽون وجھي سمهڻ جو عام رواج هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو ته پاڙي جون ڇوڪريون جڏهن ڪنهن شادي مرادي وغيره مان رات جو دير سان موٽنديون هيون ۽ ڪنهن کي سُتل ڏسنديون هيون ته کين شرارت سُجھندي هئي ۽ گھٽيءَ ۾ پيل ڪا سِر يا پٿر کڻي ان جي پيٽ تي رکنديون هيون ۽ جيسين همراهه جاڳي ۽ سامت ۾ اچي، تيسين اهي ڇوڪريون پنهنجي گھر هونديون هيون. پنهنجا ٻار سمجھي ان وقت انهن سڀني شرارتن کي ماڻهو برداشت ڪري ويندا هئا.
حاجران ماسي جي گھر کان ٻه ٽي گھر پرتي ئي ناني ڪنوار جو گھر هوندو هو. خبر ناهي ته کيس ان نالي سان ڇو سڏيو ويندو هو، پر سڄي پاڙي ۾ هوءَ ان نالي سان ئي سڃاتي ويندي هئي ۽ شايد ئي ڪنهن کي سندس اصلي نالي جي خبر هوندي. ان گھر جي خاص ڳالهه اُتي موجود بدڪون هيون، جيڪي سڄي گھر ۽ پاڙي ۾ ڪنهن ڊپ ڊاءَ کانسواءِ پيون هلنديون هيون. ساڳئي ريت پاڙي جي ٻارن تي پڻ ان گھر ۾ اچڻ تي ڪا پابندي نه هوندي هئي.
هتي روهڙيءَ جي قاضين جو هڪ خاندان رهندو هو، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اهي امر جليل جا مائٽ آهن ۽ امر جليل پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هتي انهن سان ملڻ به ايندو هو. هتي محمد قاسم ڪاپائي نالي هڪ شخص هوندو هو. مون کي خبر ناهي ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ان ذات (ڪاپائي) جا ماڻهو موجود آهن يا نه، پر هتي هڪ وڏو خاندان ان نالي سان سڃاتو ويندو آهي، جيڪو سکيو ستابو آهي ۽ مڇيءَ جو ڪاروبار ڪندو آهي. ان خاندان جا وڏا شايد ٺٽي جي ڪنهن علائقي مان لڏي اچي هتي آباد ٿيا هئا. محمد قاسم هڪ خاموش طبيعت جو سنجيدو ماڻهو هو ۽ مقامي سطح جي سياست سان لاڳاپيل هو.
آئون کيس ان دور کان ڏسندو ٿي آيس، جڏهن ايوب خان ”بنيادي جمهوريت“ جو نظام متعارف ڪرايو هو ۽ ايوب خان ۽ مس فاطمه جناح جي وچ ۾ صدارتي چونڊون ٿيڻيون هيون. هو ان وقت به مس فاطمه جناح جي نشان ”لالٽين“ تي چونڊن ۾ بيٺو هو.
انهن چونڊن ۾ سندس مقابلي ۾ موٽر ميڪينڪ موسو مستري بيٺو هو. جيتوڻيڪ شخصيت جي لحاظ کان قاسم سان سندس ڪا ڀيٽ ئي نه هئي، پر حسين سيٺ جي پٺڀرائي هئڻ ڪري هو اهي چونڊون کٽي ويو هو! ان کان پوءِ به مون کيس گھڻي ڀاڱي اپوزيشن جي پاسي ئي ڏٺو. جيتوڻيڪ ان دوران گھڻيون تبديليون آيون ۽ گھڻين مالي منافعن ۽ سياسي لالچن جا دور آيا، پر ان ماڻهوءَ پنهنجو طور طريقو ۽ سڀاءُ نه بدلايو. پاڙي جي سماجي تقريبن ۽ مرڻي پرڻي ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندو هو. سندس هڪ خاص ڳالهه جنهن کي هرڪو محسوس ڪندو هو، اهو سندس لباس هو. هر وقت اڇن ڪپڙن ۾ نظر ايندو هو، جنهن ڪري پاڙي ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سندس نالو ئي ”وائٽ هائوس“ رکي ڇڏيو هو. اهڙو ماڻهو جنهن مان نه ”سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو.“ تازو سندس وفات ٿي آهي.
شام جو مختلف جاين تي ماڻهن جو ڪچهريون لڳنديون هيون، جيڪي رات جو دير تائين هلنديون هيون. انهن مان هڪ حسين سيٺ جي گھر ٻاهران ٿيندڙ ڪچهري به هئي. هو مڇيءَ جي واپار سان لاڳاپيل هو ۽ کيس پنهنجون لانچون وغيره هيون، جيڪي شايد اڃا به سندس اولاد وٽ آهن. مقامي سطح جي سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي گروپ جي اميدوارن جي پٺڀرائي ڪرڻ سندس ڪم هو. هو گھڻي ڀاڱي حڪومتي ڌر جي پاسي هوندو هو. سڄي پاڙي ۾ بلڪه آئون سمجھان ٿو ته سڄي علائقي ۾ سندس بنگلي نما ٺهيل اهو واحد گھر آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي ساڳي شڪل ۾ موجود آهي. پنهنجي سانڀر ۾ سندس ڪچهرين ۾ هڪ اڌ ڀيرو مون علي احمد بروهيءَ کي به ايندي ڏٺو هو.
ٻي ڪچهري اسانجي گھر ٻاهران منهنجي ڏاڏي وٽ لڳندي هئي، جيڪو هونئن ته پوڙهو ٿي ويو هو، پر پنهنجي ڪم وغيره جي حوالي کان اڃان سرگرم هوندو هو ۽ پنهنجي ان اولاد کي، جيڪي ڪم سان لاڳاپيل هوندا هئا، کي صلاحون وغيره ڏيندو رهندو هو. انهن ڪچهرين ۾ پاڙي جي خبر چار به پوندي هئي ۽ هڪٻئي سان ملاقات به ٿي ويندي هئي. اهي ڪچهريون رات جو دير تائين هلنديون هيون، جن ۾ اسان به شريڪ ٿيندا هئاسين. وڏن جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ۽ ڪڏهن پاڻ به ڪو جملو چوڻ جي همت ڪندا هئاسين. مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته سياري جي مند ۾ مچ ٻاريو ويندو هو. ڪراچيءَ ۾ هن وقت ٿڌ جي حوالي سان جيڪا صورتحال آهي، ڄڻ اها مختلف ڪارڻن جي ڪري بلڪل ختم ٿي ويئي آهي، پر ان وقت ائين نه هو ۽ ٻه ٽي مهينا شهر ۾ باقاعدي طور ٿڌ هوندي هئي.