آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سفر جيڪو جاري رهيو

وطن دوست کان جيڪي دوست ڌار ٿيا انهن جي گھڻائي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن ان وقت رڪنيت متعلق اڳ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي طريقه ڪار کي گھڻو نرم ۽ سولو ڪري ڇڏيو هو. انهن شامل ٿيندڙن ۾ آئون شامل نه هوس. انهن مان گھڻائي اهڙن ڪارڪنن جي هئي جن ساڳي وقت ڪميونزم ۽ قومپرستي جي ٻن ٻيڙين ۾ سواري ڪرڻ چاهي ٿي. ڏٺو وڃي ته اهي پنهنجي اندر ۾ قومپرست ئي هئا جن ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ نظرئي جي عياشي ماڻيندي ان کي پنهنجن قوم پرست خيالن ۽ جذبن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو. ڪميونسٽ پارٽي جيڪا سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي قومي سوال جي معاملي تي پنهنجي بچاءُ ڪرڻ ۾ پوري هئي انهن ڪارڪنن جي اچڻ ڪري ان معاملي تي وڌيڪ دٻاء ۾ اچي ويئي ۽ ان مختلف معاملن تي طبقاتي نڪته نظر کي پاسيرو رکندي پاڻ کي قومپرستن کان وڌيڪ قومپرست ثابت ڪرڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي پارٽي ۾ جيڪي اختلاف ٿيا ۽ جنهن نموني اها ٿورائي ۽ گھڻائي جي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ان ۾ عالمي پئماني تي ۽ خاص طور تي سويت يونين ۾ گورباچيف جي آندل تبديلين سان گڏ ان عنص جوبه وڏو ڪردار هو.
عوامي تحريڪ ۽ وطن دوست کان ڌار ٿيڻ ۽ ڪنهن ٻي سياسي تنظيم ۾ شامل نه ٿيڻ جو مطلب انفرادي لحاظ کان منهنجي سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو ختم ٿيڻ نه هو. وطن دوست کان ڌار ٿيل دوستن ۾ جيڪي ڪنهن سياسي تنظيم جو حصو نه ٿيا هئا انهن ۾ فقير محمد لاشاري جو اهم نالو پڻ شامل هو جيڪو ڊاڪٽر ارباب جي ويجھن ذاتي دوستن مان هئڻ سان گڏوگڏ هڪ لحاظ کان پارٽي جي نظرئي دانن مان هڪ سنجھيو ويندو هو. مون کي تازو ڪنهن دوست ٻڌايو ته فقير پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو هو پر منهنجو ساڻس گھڻي ڀاڱي آخر تائين ويجھو لاڳاپو هو ۽ هن کاٻي ڌر ڏانهن جھڪاء رکڻ ۽ ڪميونسٽن ڏانهن همدردي واري روئي رکڻ جي باوجود ڪڏهين به اهڙو ذڪر نه ڪيو هو ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن خواهش جو اظهار ڪيو هو. سندس سڄي توجھ پنهنجي صحافتي ۽ ادبي ڪم تي هوندي هئي. باقي پيپلز پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن سان سندس ويجھڙائي ڪنهن کان لڪل نه هئي.
ان وقت سنڌي ادبي سنگت کانسواء آئون ڪنهن سياسي تنظيم سان لاڳاپيل نه هوس. پر ان وقت جي ماحول ۾ ماڻهن لاء پنهنجي ليکي ئي سرگرم رهڻ جي گھڻي گنجائش هئي. سنگت ۾ ئي سنڌ جي اٽڪل سڀني ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتن جي شموليت ۽ حصيداري هوندي هئي. سياسي اختلافن جي باوجود ڪنهن جي اچڻ ۽ ڳالهائڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. انهن دوستن جي خيالن کي ٻڌڻ ۽ ساڻن ڳالهائڻ کان پوء سنڌ جي وسيع سياسي منظر نامي جي ڄاڻ حاصل ٿيندي هئي. ساڳي وقت انهن دوستن جي وسيلي سندن جماعتن جي اڳواڻن سان پڻ لھه وچڙه ۾ اچبو هو. ان سلسلي ۾ ذهني طور مون پاڻ تي ڪي به پابنديون لاڳو نه ڪيون هيون ته فلاڻي سان ملڻو آهي ۽ فلاڻي سان ناهي ملڻو. ان ڳاله جي باوجود ته آئون عوامي تحريڪ ۽ وطن دوست کان سياسي اختلافن ۽ روين جي ڪري ڌار ٿيو هوس پر منهنجو رويو سندن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڏانهن معاندانا هئڻ جي بجائي دوستاڻو هوندو هو ۽ آهي. ان مان ڪجھ دوستن کي اها غلط فهمي ٿيندي هئي ته هن کي وري پارٽي ۾ واپس آڻي سگھجي ٿو پر هاڻي سنڌو مان گھڻو پاڻي گذري چڪو هو ۽ اهو ممڪن نه رهيو هو. رسول بخش پليجو سان هونئن ته مختلف ادبي ۽ سياسي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي هئي. پر ساڻس باقاعدي ملاقات جو هڪ موقعو ان وقت آيو جڏهين هو گلشن حديد ۾ پارٽي جي آفيس ۾ آيو هو ۽ آئون عوامي تحريڪ جي ڪجھ دوستن سان گڏجي اتي ساڻس ملڻ ويو هوس. اتي ڪچهري ڪندي مختلف ٻين ڳالهين سان گڏ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي به ڳاله ٻوله ٿي. مون کانئس پڇيو ته اوهان هڪ پاسي ته ڪالاباغ جي مخالفت ٿا ڪيو پر ساڳي وقت ڀاشا ڊيم جي ٺهڻ جي حمايت ٿا ڪيو ته سندس جواب هو ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڀاشا ڊيم کي پاڻي کي ذخيري ڪرڻ لاء نه پر بجلي پيدا ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو. پر رڳو ڪجھ عرصي کان پوء ئي ان موقف جي نفي ٿي ويئي جڏهين عوامي تحريڪ ۽ ٻين سنڌي قوم پرست جماعتن ساڳي نموني ڀاشا ڊيم جي ٺهڻ جي به مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. ٻيون ڀيرو عوامي تحريڪ پاران پنهنجن ڪارڪنن جي تربيت جي سلسلي ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام ترتيب ڏنو ويو هو. مون کي چيو ويو هو ته اوهان پاڪستان جي معيشت جي مختلف لاڙن تي ليڪچر ڏيو. مون اهو ليڪچر ڏنو جنهن ۾ پليجي پاڻ به شرڪت ڪئي. اهو سڀڪجھ هڪ ٻاهر جي ماڻهو طور هوندو هو جنهن جو پارٽي جي اندرين معاملن سان ڪوبه واسطو نه هوندو هو جنهن ڳالھه کي ٻنهي پاسن پاران سمجھيو ٿي ويو.
پنهنجين خاص طور مختلف ادبي سرگرمين جي ڪري ڪراچي جي مختلف ادبي شخصيتن ۽ تنظيمن سان لھه وچڙه ۾ اچڻ جو موقعو به مليو. پنهنجي گھر جي ويجھو بغدادي ۾ آئون پنهنجي هڪ اسڪول جي دوست غلام نبي، جنهن کي سندس گھر وارا ۽ دوست بصر جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ جيڪو ئي ڄڻ سندس اصلي نالو بڻجي ويو هو، سان اڪثر سندس ڌوٻي جي دوڪان تي ملڻ ويندو هوس جتي ٻيا دوست به اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ دير تائين چانهن جا دور ۽ ڪچهري پئي هلندي هئي. اتي ئي پاڙي ۾ اڙدو جو استاد ۽ ڀلوڙ شاعر ن م دانش به رهندو هو جنهن سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. دانش جيتوڻيڪ پاڙي ۽ اوسي پاسي ۾ سماجي لحاظ کان گھڻو سرگرم ۽ ڄاتل سڃاتل هوندو هو ۽ پنهنجي هڪ سياسي رائي ۽ موقف به رکندو هو پر سندس ڪنهن سياسي تنظيم سان تعلق نه هو ۽ نه ئي هن اهڙو ڪو تعلق رکڻ چاهيو ٿي. پنهنجي شادي جي ڪجھ عرصي کان پوء هو پنهنجي خاندان سان گڏ آمريڪا لڏي ويو ۽ هن وقت اتي ئي رهي رهيو آهي. ڪڏهين ڪڏهين سندس شاعري دوستن وسيلي نظرن مان گذرندي آهي. اتي ئي مون نامياري بلوچ دانشور صبا دشتياري کي ڏٺو جيڪو روايتي لباس اوڍيو چادر ڪلهي تي رکي پنهنجي ليکي پيو هلندو هو. ساڻس منهنجي گھڻي ڏيٺ ويٺ نه هئي پر سندس متعلق عام طور تي اهو مشهور هوندو هو ته هو بلوچي ادب جي ظهور احمد شاه جي مڪتبه فڪر جي روايتي نڪته نظر، جنهن کي ان وقت رجعت پسند به سمجھيو ويندو هو، سان واسطو رکي ٿو ۽ سندس ترقي پسند اديبن سان گھڻو واسطو ناهي. پر صبا جي شخصيت جا مختلف پاسا جيئن پوء ظاهر ٿيا ان مان مون کي ائين لڳو ته ماڻهو جي اندر ۾ جيڪي ڪجھ وهي واپرجي ٿو ان جو اندازو ٻين ماڻهن لاء سندس ظاهر مان ڪرڻ گھڻو ڏکيو آهي. هن شادي نه ڪئي هئي ۽ ملير ۾ پنهنجي ادبي استاد ظهور احمد شاه جي نالي سان هڪ لائبريري قائم ڪئي هئي. جيڪي دوست سندس ويجھو هئا اهي ٻڌائين ٿا ته هو پنهنجي پگھار جو وڏو حصو ان لائبريري جي سار سنڀال ۽ ڪتابن وغيره خريد ڪرڻ تي خرچ ڪندو هو. آخري وقت ۾ جڏهين هو ڪوئيٽا ۾ گولي جو نشانو بڻيو ان وقت هو بلوچستان يونيورسٽي ۾ استاد هو. ساڻس ڪنهن ويجھي تعلق نه هئڻ جي باوجود جڏهين آئون سندس ان ريت تاريڪ راهن ۾ قتل کي ڏسندو آهيان ته منهنجين نظرن آڏو اهو صبا اچي ويندو آهي جيڪو لياري ۾ پنهنجي روايتي لباس ۾ چادر ڪلهي تي رکيو پيو گھمندو هو ۽ منهنجو اندر هڪ ڏک ۽ تڪليف ۾ وٺجي ويندو آهي.
روايتي شاعرن غلام احمد نظامي، رشيد احمد لاشاري ۽ محمد جمن هالو جي حوالي سان ڪراچي ۽ خاص طور تي لياري جو سڄي سنڌ ۾ هڪ مقام رهيو آهي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند اديبن ۾ ٽڪراء ۽ تضاد جي حوالي سان خاص طور تي رشيد احمد لاشاري گھڻو متنازعه پڻ رهيو آهي. انهن مان منهنجي ملاقات رڳو محمد جمن هالو سان ئي ٿي سگھي جيڪو اسان جي پاڙي ۾ ئي رهندو هو. سنڌ جي ٻين شهرن متعلق مون کي گھڻي ڄاڻ ناهي پر ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مختلف شاخن کي پنهنجين گڏجاڻين لاء هميشه جاء جو مسئلو رهيو آهي. اهو ساڳيو مسئلو لياري سنگت کي پڻ درپيش هو. سنگت جون گڏجاڻيون ڪڏهين فٽبال هائوس، ڪڏهين مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري ته ڪڏهين ڪنهن دوست جي گھر ڪندا هئاسين. اهڙي ئي ڀڄ ڍڪ ۾ محمد جمن هالي پاران پنهنجي گھر ۾ سنگت کي گڏجاڻين ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي جنهن کي قبول نه ڪرڻ جو ڪو ڪارڻ نه هو. هالو صاحب پاڻ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ مختلف اسمن تي تنقيد ۾ حصو پڻ وٺندو هو پر اهو سلسلو به گھڻو وقت هلي نه سگھيو. ٿيندو ائين هو ته هالو صاحب گڏجاڻين ۾ پاڻ ڪرسي تي ويهندو هو ۽ باقي ڄڻا فرش تي ويهندا هئا. هڪ گڏجاڻي ۾ ڪنهن دوست اها نشاندهي ڪندي چيو ته سائين جن جي گڏجاڻين لاء جاء ڏيڻ لاء مهرباني پر اهو مناسب نه ٿو لڳي ته پاڻ مٿي ڪرسي تي ويهن ۽ ٻيا سڀ هيٺ ويهن.
اها ڳالھه کين نه آئڙي ۽ هن بنه ڪنهن رک رکاء جي سنگت کي چئي ڇڏيو ته هاڻي آئنده هتي سنگت جي گڏجاڻين ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اهڙي ريت اهو سلسلو هتي ختم ٿيو.